اتوار، 26 فروری، 2012

اي سنڌ امان


اي سنڌ امان

زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
رَتُ ويٺو رُئان، اي سنڌ امان!

هيءَ اخبار جا پئي آهي،
ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ امان!

هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،
الامان الامان! اي سنڌ امان!

روز ڪونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،
آءٌُ ڪنءَ چپ رهان ، اي سنڌ امان!

ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،
قائم آهن اڃان، اي سنڌ امان!

۽ انهن منجهه واڙيل هاري،
ڍور ڄڻ بي زبان، اي سنڌ امان!

۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،
وارثن جي اڳيان، اي سنڌ امان!

هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،
آءٌُ ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ امان!

رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اٿلي،
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي سنڌ امان!

هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،
۽ سڄو آسمان اي سنڌ امان!

ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد
آءٌُ ڪا ڏي وڃان؟ اي سنڌ امان

تنهنجي هوندي به آءٌُ ائن ڀاسان،
بي وطن، بي نشان اي سنڌ امان!

تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،
آءٌُ جاڏي ڏسان، اي سنڌ امان!

باک جيسين بَکي ۽ لاک لڳي،
ديپ سان ٿو جلان، اي سنڌ امان!

تيستائين ته پرهه- پنڇيءَ سان،
لات پيو ٿو لنوان، اي سنڌ امان!


***
امداد حسيني


سنڌ


اياز!
جا سنڌ تو ٻُڌائي،
اها ته آهي خيال هڪڙو
اها ته ڪائي پري قصي جي
اها ته شايد مثال هڪڙو
اها ته شاعر جو ڪرشمو آ
اها ته تنهنجو ڪمال هڪڙو!

هتي ته آهي مٽي مٿن ۾
هتي ته بدحال حال هڪڙو
گهٽي گهٽي ٿي نصيب روئي
نگر نگر ۾ دجال هڪڙو
اسان ته سکڻي ڏٺي تباهي
اسان ته پاتو زوال هڪڙو!
اياز!
جا سنڌ تو ٻُڌائي،
اها ته آهي خيال هڪڙو!


***
اسحاق سميجو

انڌيري کي هٽائڻ لئه بتي ٻاريان،


انڌيري کي هٽائڻ لئه بتي ٻاريان،
يا پنهنجو پاڻ پائڻ لئه بتي ٻاريان!

ڇِڄي اوندهه کان جِي سگهنديون الائي نه،
اکين کي آزمائڻ لئه بتي ٻاريان!

ته ڏسجي روشنيءَ جي رُت لڳي ڪيئن ٿي،
ڪڏهن منظر مَٽائڻ لئه بتي ٻاريان!

ڪڏهن ويهي ڏسان توکي اڪيلي ۾،
اندر جي گگهه گهٽائڻ لئه بتي ٻاريان!


***
اسحاق سميجو

نـَـوَ نشانيون نـُـور جون - روحل فقير


نـَـوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين:
هڪڙي ويهن واٽن تي، ٻيو کائڻ نه کائين،

ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،

پنجون پهه پرينءَ سان، ٿا پـَـڪو پچائين،
ڇهون ڪـُـڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،

ستون سڪ سڄڻن جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائين،
اٺون ڳالهه عجيب جي، ٿا واري ورجائين،

نائون ننڊ نيڻن کي، ٿا جودؤن جاڳائين،
تڏهن سيبائين، ”روحل“ دوساڻـِـي درٻار ۾.



***
روحل فقير

تون ۽ مان ٻئي هڪ هجون - احمد خان مدهوش


تون ۽ مان ٻئي هڪ هجون، هڪ هجون او هڪ هجون،
پيار ۾ ”مدهوش“ ٻئي، هڪ ٻئي جي لِڪ هجون.

تون نڪي مون کان پري، مان نڪي توکان پري،
هڪ ٻئي جي واسطي، ڄڻ منڊيءَ جي ٽِڪ هجون.

تون نڪي مون کي ڇڏين، مان نڪي توکي ڇڏيان،
هڪ ٻئي جي واسطي، ٻئي ڄڻا ڄڻ ڳِڪ هجون.

تون نڪي مون لئه سِڪين، مان نڪي تو لئه سِڪان،
هڪ ٻئي جي واسطي، ساهه واري سِڪ هجون.

تون مٺو مون کي لڳين، مان مٺو توکي لڳان،
هڪ ٻئي جي واسطي، پيار جهڙي پِڪ هجون.

تون نڪي مون کي ڇڪين، مان نڪي توکي ڇڪيان،
هڪ ٻئي جي واسطي، ڇيههَ کان وڌ ڇِڪ هجون.

تون سهارو منهنجو ٿي، مان سهارو تنهنجو ٿيان،
هڪ ٻئي جي واسطي، ڀرجهلا ۽ ڀِڪ هجون.



***
احمد خان مدهوش

مئ نوشي - ميئڪش سومرو

جڳ واقعي وشال آ سائين
زندگي خال،خال آ سائين
آ تباهي مڃان ٿو مئ نوشي
درد آڏو ت ڍال آ سائين
عاشقيء جو حسين سرمايو
بيوفائي بحال آ سائين
هر ڪويتا آ جام جهڙي؛
هر ڪوي ڄڻ ڪلال آ سائين
ڪجھ به ماضي نه آ نه مستقبل
پل به پل پيش حال آ سائين

***
ميئڪش سومرو

روح پنهنجو خوشيء جو گهر نه هيو

روح پنهنجو خوشيء جو گهر نه هيو
اک ۾ ڳوڙهو ڪڏهن مگر نه هيو
چار گهڙيون رکي ڇڏيئي اڇلي
دوستي هئي ٽشو پيپر نه هيو
دل اسان جي ۽ بي رخي تنهنجي
ڪربلا جي مٿان ڪڪر نه هيو
دوستن جو خلوص هو اي دل
توکي وشواس ڇو مگر نه هيو
ها مڃان ٿو پهاڙ هو ميڪش
پيار جي راھ جو پٿر نه هيو


***
ميئڪش سومرو

روز هڪ امتحان مان گُذرون

روز هڪ امتحان مان گُذرون
آ چڱو هِن جهان مان گُذرون

هڪڙي ڪردارَ ٻي سان ڳالهايو
ڪنهن نئين داستان مان گُذرون

خوابَ جيڪو کسي اُڏامڻ جا
ڇو اُنهيءَ آسمان مان گُذرون

تيرَ جيئن پاڻ تي ئي تاڻيل هون
بس اِجهو ٿا ڪمان مان گُذرون

***
رضا بخاري

هُوءَ!


هُوءَ!

ڏک جون سموريون موسمون
پنهنجي اکين سان ٺاهي ٿي
چوڙيون پائڻ جي موسم ۾
هو ٽڪرا ٿي پوندي آهي
سرتيون هن کي
پنهنجي اڌوري محبت جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون
هوءَ انهن جي ڪچهرين ۾
دکي گيت ڳائيندي
پاڻ کي ٻوڙي
ڇڏيندي آهي....


***
بخشڻ مهراڻوي

سليمان سولنگي

اسان تي جي الزام آهي ته ڇاهي
ڇڏيندا هو چاڙهي جي ڦا هي ته ڇاهي
اسان کي دلين مان ڪڍي ڪير سگهندو
نصابن مان ڪوئي جي ڊاهي ته ڇاهي

زبان بند رکو


زبان بند رکو
چپ سبي ڇڏيو پنهنجا
۽ سوچ لوچ کي
تالي ۾ بند رکي ڇڏيو
ڀلي هو اونڌي ڪري يا سنئين
هُن جي ، سلطنت آهي
موج ۾ گهاري
اوهين ٻه لڙڪ نه لاڙيو
نه ئي ڪريو پِٽڪو
اکيون پٿر جون رکو
۽ رکو نه بينائي
سڄاڻ ويس کي لاهيو
ضمير جي تَن تان
اگهاڙي روح کي
مردار جسم کي هاڻي
ڪفن نه روشنيءَ جي هٿان پارايو
سدائين هاڻ انڌيرن کي
بس ڪيو سجدا
جيئڻ جي آس ۾ بيشڪ
مئل رهو سارا

***
ميئڪش سومرو

استاد بخاري

ٿاٻڙجي جي ٿڙندو آهيان
ڀونءِ ڀليءَ تي ڪرندو آهيان
مون کي چائي ،لائي ڇاتي
ڌرتيءَ پنهنجي ڌوڙ سڃاتي
آنءُ ته اهڙو ناهيان

***
استاد بخاري

اي حوا

اي حوا ؛ تنهنجي اڳيان سِرُ صحيفن جو به خَم
تون مقدس کان مقدس تون اُتم سڀ کان اتم
تون اگر آن وجد ۾ ، عقبا به ڪا عقبا نه آ .
تون اگر آن ماٺِ ۾ ، دنيا به ڪا دنيا نه آ .
تنهنجي نفرت نَرڳ جيئن ، ۽ پيار سُوَرڳ جي مثال
تنهنجي هڪڙي مرڪ ارپي ڪهڪشائن کي زوال
پوءِ به هن سنسار ۾ ، حيثيت تنهنجي اڃان
آھ ڪنهن شوپيس جيئن يا اشتهار وانگيان
تو چين پاتو ڪين آ ، تون هر صديءَ جي چيخ آن
۽ تون ازل کان درد جي ، تفصيل سان تاريخ آن
تنهنجي مٽي عام ڪا مٽي نه آ ، سنسار ۾
تنهنجي هستي اي حوا ؛ آ ٻيو خدا سنسار ۾

****
مئڪش سومرو

مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان



مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن ٿو آنءُ سندءِ ديوارن سان

،ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن تون هيڻو آن هٿيارن سان

***
شيخ اياز

منهنجو ڪوئي ديس نه آهي ، منهنجو ديس جھان

منهنجو ڪوئي ديس نه آهي ، منهنجو ديس جھان
منهنجو ڪوئي نانء نه آهي ، مان آهيان انسان
منهنجو هي انجيل ، نه آهي نه منهنجي گيتا يا قران
ڌرتي منهنجي ماءۡ ، انهيء آ منهنجو ايمان
پگھري ويا زنجير صدين جا ، رھ نه اڃا نادان
اڄ ته ڀڃي ڏي ، اڄ ته ڀڃي ڇڏ زور ڏئي زندان

****
شيخ اياز

سچ وڏو ڏوهاري آهي

سچ وڏو ڏوهاري آهي
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ
تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ
ها پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ
پر تو ڪڏهين هي سوچو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي
سچ وڏو ڏوهاري آهي


****
شيخ اياز

ڪراچي

سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي -
هَسُ ڳچيءَ جو،
سينڌ ماٿي جو ٽِڪو
۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻُ -

باک بادامي جڏهن ٿِي تنهنجي رستن تي لهي
صبح تنهنجو سونَ- ورنو ٿو لڳي
۽ جڏهن ٿي شامَ گھونگھٽَ کي کڻي
سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀڃي
رات پنهنجا پاندَ ڦهلائي جڏهن ٿِي تو مٿان،
چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.
تنهنجون رمجھم روشنيون
شاهراهن تي تِکين ڪارن منجھان
جنهن گھڙيءَ برسات وانگر ٿيون ڇڻن

هر عمارت جون دريون آڪاس ڇهندي ٿيون کُلن
دُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا تهنجا رهواسي رهن
تنهنجي ديوارن مٿان هي سرمئي،
رنگَ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.

تون ڪياماڙيءَ، منهوڙي جي هوا!
تون سراپا شاهَه غازيءَ جي دعا.
يا لڳين ٿِي سِپَ جي موتيءَ جيان،
يا اسان جي ڀاڳَ وانگر،
ڪنهن مقدس ماڳ وانگر
تون سمندر جي رهين ٿِي جاڳَ وانگر!

اي ڪراچي!
تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين
۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي
پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين
زندگيءَ مصروف تنهنجي ۾ رهيا،
بي انت ڪيئي حادثا
روشنين جا سلسلا.

***
احمد سولنگي

تنهنجي مَنَ ۾ راز نه ڪوئي


، تنهنجي مَنَ ۾ راز نه ڪوئي
پنهنجو ڪو همراز نه ڪوئي

داتا جي درٻار ۾ گونجيو
سڏڪن جهڙو ساز نه ڪوئي

سِڪَ ۽ سُور جيان او - لوڪو
والله ! سوز گداز نه ڪوئي

ٻيا ڀي آهن مست قلندر
مروندي شهباز نه ڪوئي

ساههَ پکيئڙو جيئن اُڏامي
ان جهڙو پرواز نه ڪوئي

مون وٽ ڪو انجام نه آهي
۽ تو وٽ آغاز نه ڪوئي

ميخاني ۾ ماٺ وسي پئي
حق حق جو آواز نه ڪوئي

سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنوارڻ
ايندو هاڻ اياز نه ڪوئي

هڪڙي سندر ساميءَ جهڙو
ٿيندو نينهنُ نواز نه ڪوئي

پاڃاري جيئن ڪينَ پڃي جو
اهڙو ماءُ مجاز نه ڪوئي

نينهنَ ڪيو نروار جنين کي
تن جهڙو ممتاز نه ڪوئي

***
روبينه ابڙو

سَچُ - روبينه ابڙو

سَچُ


سَچُ تَتل ٿرـ واريءَ جهڙو
جنهن تي هلندي پيرَ سڙن ٿا
.پوءِ به زوران زور کڄن ٿا

سَچُ ته "شاهه عنايت" جهڙو
جهوڪَ اندر جهونجهارُ ڏٺوسين
.صوفين جو سردار ڏٺوسين

سَچُ ته پاڻ ‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌”بلاول“ آهي
ور ور جو ورجايو ويندو
.گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو

سَچُ "ڀٽائيءَ جو تنبورو"
جنهن مان سُرَ سوين نڪرن ٿا
سنڌ سموريءَ ۾ پَکڙن ٿا۔

سَچُ ته ”سچل“ جي سرمستي
ماٺ ٿئي تان مشرڪ ڀانئي
.ڪڇي تان ڪافر چورائي

سَچُ ”قلندر“ جو ”مي رقصم“
ڌرتي ۽ آڪاس ڀي رقصان
.عام هجي يا خاص به رقصان

سَچُ ته "مائي بختاور" جان
جنهن کي ٻڌندي ھنيائوَ ڪنبن ٿا
وڏ ڌڻين جا ڪنڌ جهڪن ٿا۔

سَچُ ”ڪنورَ“ جي لوليءَ جهڙو
گونجي گهٽي گهٽي هر گام
جنهن ۾ الله، ايشور، رام۔

سَچُ "ڀٽي" جي ڦاهيءَ
سارا آمر ڀڻ ڀڻ ڪن ٿا
جلادن ڪا هٿَ ڏڪن ٿا۔

سَچُ ”عباسيءَ“ جي مک جهڙو
ڳاڙهو گُلُ گلاب ڏٺو سين
.موت مهانگو خواب ڏٺو سين

سَچُ ته "سيد" جي سمجهاڻي
آزادي ايمان اسان جو
.سنڌ پرستي شان اسانجو

سَچُ ته ”بگٽيءَ“ تي بمباري
آمر جا ايوان ڌڏن ٿا
ڀاري ڀاري برجَ لڏن ٿا۔

سَچُ ته بلڪل ”بينظير“
ڪاري اُڀَ تي تاري وانگي
.اناالحق جي نعري وانگي

سَچُ ته ”سوڀي“ جي ارڏائي
عشق اٽلتا ساڻ هلن ٿا
.دنيا سان جي ڪين ٺهن ٿا

سَچُ ته نانگن جي ٻرَ جهڙو
جيڪو هٿ ڏنگائڻ ايندو
سوئي نينهن نڀائڻ ايندو۔

هر ڪنهن واري تي ڀوڳيو آ
پر ڇا سڀني هي سوچيو آ
ڪنهن سان تن جي ياري آهي

سَچُ وڏو ڏوهاري آهي۔

______________________
نوٽ :مها ڪوي "شيخ اياز" جي نظم" سَچُ وڏو ڏوهاري آهي" جي عنوان تان ورتل۔. . .




***
from facebook profile of
Saaienn Rubina Abro.

وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ - روبينه ابڙو


وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ
نئون سنڌ ۾ ڪو ٽڙيو گُل آ۔

کڻي نيڻَ ڏسُ ڪيڏي ڦلواري آ
وڻيو توکي هڪڙو ئي ڇو ڦُل آ؟

اُهو جُزِِِِِ جي آهي اندر آُلجهيو
رهيو ذات پنهنجيءَ ۾ جو ڪُل آ۔

خُدا ڀي هُيو حيرتن ۾ ٻُڏل
هي ڪهڙي بََشَر جي نئين ڀُل آ۔

ڪٿي ڪوئي ڪافر پيو واڪَ ڏي
ته ايمان ڪنهنجي جو ڇا مُله آ؟

سڄي سرشٽي پئي ڇاڇولجي
اچي پاڻ ڇاڇول ۽ ڇُل آ

رهيو مدتن کان اندر منتظر
اچي جيءُ جهوليءَ اندر جُهل آ

جيئن واءُ گُهلجي ٿي ساگر مٿان
اسان جي مٿان ڀي ايئن گُهل آ

آءَ اورارَ تي ، هو پرئين پارَ تي
ٻڌي درميان پيارَ جي پُل آ۔

وري ڪُفرَ جو ڪوئي ڪلمو پڙهي
اچي عشقَ راهن مٿي رُل آ۔۔


***
روبينه ابڙو

نظم - ميئڪش سومرو

ٻن
پاسن پھاڙيون
وچ مان شيشي جھڙي اجري
صاف شفاف ندي
ڪپ تي اڌ اگھاڙي ناري
ڪنھن شاعر جو خواب
ھن جي بت ۾ ڇڪ ازل جي
ھن جي ڇاتي ٻٽ جبل جي
وار انھئ جا
سنھڙا سنھڙا سون رنگي ريشم جا ڌاڳا
چاندئ جھڙو جسم
نيڻ نرالا ھرڻئ جھڙا
ھرڻئ جھڙي چال
چپ ائين جئن ڪو ٽارِيءَ تي جھومي سرخ گلاب
مرڪي پئي ت لڳي
پيو ڪيئي پوپٽ اڏريا ھن
جگنوگذريا ...ھن
ھوءَ ھوا سان رقص ڪري پئي
پنھنجي ات اڃاري دل جو
انگ انگ عڪس ڪري پئي

****
ميئڪش سومرو

اهو مقتل



اهو مقتل

اهو ئي ساڳيو مقتل

اهو ئي رنگ رتو مقتل

اهو ئي نئو بنو مقتل

اها خوشبو

اها ئي رنگ رتي خوشبو

اها ئي نئو بني خوشبو

اهو ئي ڳاٽُ ، ارڏو ڳاٽُ

اوچو ڳاٽُ ساڳيو ۽

اهو ئي نور نوراني

اهو رستو، اهو ئي پنڌ

اهو ئي شان شاهي ۽

اها ئي وک وجداني

اُها مٽي

اها ئي رنگ رتي مٽي

اها ئي نئو بني مٽي

اها ئي مهڪندڙ مٽي

اها ئي ڌڙڪندڙ مٽي

اها ئي ڪوڙ جي مُنهن ۾

جُڳن کان ڪڙڪندڙ مٽي

****
مئڪش سومرو

ہفتہ، 25 فروری، 2012

گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان

گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان،
دڳ دڳ اوندهه اوتي پئي آ، پڳ پڳ جوت جڳايان ٿو مان.

اٿ ڀونچال، جوالا نچ تون، باغي ڀونءِ جمالو چوندي،
اوٿر ٿو اَلاپ اٿاريان، ڇوليون ڇيرون پايان ٿو مان.

دهشت گردي دَور سکي آ، حڪمت عملي مون به مٽي آ،
دانهن ڀلي ڏي دور کي ڦٿڪي، گھنگھر توکي گھايان ٿو مان.

جيئو، جيئڻ ڏيو، ڏاڍو سو گابو، جھيڙو جوٽي بيٺا آهن،
وچ ۾ آءُ رتوڇاڻ آهيان، ڇاجي لاءِ ڇڏايان ٿو مان.

صديون ڪنڌ ڪٽايا اٿئون، سهسين سنَڌ وڍايا اٿئون،
هڪڙو ڀيرو گڏجو لوڪو، قهري ڪات ڪٽايان ٿو مان.

ڪارا ڪپڙا، ڳاڙها جھنڊا، ساوا کيت، سنهري ڪرڻا،
سنڌو توکي سينگارڻ لئه، طرحين رنگ رچايان ٿو مان.

خير ته راڳي، ظلم ته باغي، قرب ته ٻڪرو، قهر ته ڪات،
جرڪي جيئڻ ڪاڻ بخاري، ڪيڏا روپ مٽايان ٿو مان.


***
استاد بخاري

اڙي دل، اڙي دل!

اڙي دل، اڙي دل!
انهن ڏي به هل!

جن جي نيڻن ۾ ناهي ڪو سپنو سجيل،
جن لئه ميگھاجي رُت کي منع آ ٿيل،

جن جا سڀ ڀاڳ
ڪاهوءَ جيان اجڙيل،

جن جو هر ماڳ
رڻ ڪڇ جي واري تتل.

ها انهن ڏي به هل

***
آڪاش انصاري

پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اڏي - شيخ اياز


پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اڏي
گھڙي لنئو لڳائي، هلون ٿا لڏي

جھڙاليون لڳائي وئين جيءَ ۾
اڙي جيءُ آئين اسان جي تڏي

اُتر کان اچي ٿي اُٺي جي هوا
ڀَري آ، ڀَري آ، نصيحت نه ڏي

ميان، ڪير مَي جون ميارون سهي
اسان کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ، ڇڏي ڏي

نه ٿيندي نه ٿيندي محبت فنا
هلي آ، ڀلي ويهه گوڏو گڏي

”ڀٽائي“ به هو ميڪدي ۾ ”اياز“
ڏنائين پئي مَي اسان کي سڏي

***
شيخ اياز

توبھ نشي پتي کان - ميئڪش سومرو


توبھ نشي پتي کان
محروم هر مزي کان

هر مئڪدو مقدس
الهامي فلسفي کان

ڏيکار ماڻهپي ۾
ماڻهو پري پري کان

هر بادشاه ظالم
مظلوم زاويي کان

جيون گهڙو گهڙيءَ ۾
سانده سِمي تري کان

دنيا الڳ اسان جي
زر مال جي خفي کان

شيخ اياز


مان انهن ماڻهن کي ياد ناهيان رکندو ،
جيڪي دليون ٽوڙيندا آهن .
ليڪن !!!
انهن ماڻهن کي ياد ضرور ڪندو آهيان ،
جيڪي ٽٽل دل سان جيئندا آهن .

*****
شيخ اياز

هڪ مرڪ - اندرا پونا والا


هڪ مرڪ ورهائڻ ۾
ڪهڙو حرج آهي ؟
تو مسڪرايو ،
سامهون واري جا چپ ،
لاچار ئي سهي
مرڪڻ لڳا .
چانڊوڪي ڦهلجي وئي ،
هن جي چهري تي .
هڪ ڏيئو
ٽمڪڻ لڳو
هن جي لبن تي ،
تنهنجي هڪ اڪيلي مرڪ
انيڪ مسڪراهٽن کي
جنم ڏنو.

***
اندرا پونا والا

رات جو نيڻ ٻئي ڀِنا هوندا - سعيد ميمڻ


رات جو نيڻ ٻئي ڀِنا هوندا
ڪي اوهان لئه پرين رنا هوندا

مان به ويندس مٽي ۾ گم ٿي
۽ هوائن ۾ سڀ پَنا هوندا

منهنجي سامهون رڳو انڌيرو آ
تنهنجي سامهون ته آئِنا هوندا

جو مليس داد ان کي ياد ڪندو
هن کي اڄ ڀي اهي ڏَنا هوندا

سعيد هوندو اڳي جيان تنها
۽ اهي ڳوٺ جا ٻَنا هوندا

سعيد ميمڻ

ڪٿي نه ملندو مثال جانان - ساجد سنڌي


ڪٿي نه ملندو مثال جانان
ڪمال تنهنجو جمال جانان

پڙهيو نه اهڙو،مليو نه اهڙو
لکيو نه اهڙو ،خيال جانان

جواب مان سو سوال ٿي پيا
پڇو نه الجهيل سوال جانان

ڀلي مٽي ۾ ملي وڃون پر
نه پيار آڻي زوال جانان

گهڻي سٺي آ،اسان به اذيت
مگر وسارڻ محال جانان

ساجد سنڌي

پکي احساس جو ٻولي رهيو آ


پکي احساس جو ٻولي رهيو آ
ڪويءَجي دل کي ڌانڌولي رهيو آ

پٺيان هوٽل جي ٻالڪ نان ٽڪرا
سڪل ڳيتون ڏئي ڳولي رهيو آ

سمورو ديس ويڪائو ۽ هر ڪو
نئون نيلام گهر کولي رهيو آ

گروءَ جي من ۾ ٻارهوئي ٻيائي
سو چيلن جو رتون رولي رهيو آ

پڇي ڪو ناکئي کان يار مئڪش
ته ڪُن ۾ ڪير ڀانڀولي رهيو

ميئڪش سومرو

ڀٽائيء جو رسالو

سنڌيء ۾ ڪو مضمون ، مقالو نه هجي ها
ڪو لوڪ گيت ، بيت جمالو نه هجي ها
ڪو نثر نظم قوم کي ، زنده نه رکي ها
راشد ! جي ڀٽائيء جو رسالو نه هجي ها
***
راشد مورائي

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ
توبھ توبھ نشو غضب جو آ

چنڊ جو آ رڳو چٽو چهرو
تنهنجو نقشو سڄو غضب جو آ

کنڊ ماکي مٺي سٺي ساٿي
تنهنجو بوسو مٺو غضب جو آ

هجر جو مسئلو قيامت پر
وصل جو مرحلو غضب جو آ

تنهنجي ”استاد“ کي مٺا تنهنجي
شوق شعلو بڇيو غضب جو آ

****
استاد بخاري

رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ - حسن درس


رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ
واهڻ پوڙها ۽ ٻيا وڻ

بن ۾ مون سان بيٺا آهن
منهنجا ڳوڙها ۽ ٻيا وڻ

ماڻهو ماريئونڪري اڪيلا،
لانڊيون لوڙها ۽ ٻيا وڻ

ڌرتي ڪيئين جهُڪن هي تنهنجا
ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ

توسان گڏ حسن هي پنڇي
جوڙا جوڙا ۽ ٻيا وڻ

وائي - حسن درس

وائي
آسمان تي چنڊ آهي
۽ زمين تي گاهه آهي،
تون ڪٿي آهين!
پڀرو هڪ ڳوٺڙو
اورتي واريءَ دڙا
۽ وچ ۾ هڪ واهه آهي
تون ڪٿي آهين!
تو بنا خالي پڻو- مان
پاڻ کي ڳوليان ڪٿي
تو ۾ منهنجو ساهه
تون ڪٿي آهين!
دور تائين دلبري آ
چوطرف چمڪاٽ جهڙو
تو سندو ئي چاهُه آهي
تون ڪٿي آهين!
در دريون ڌڙڪن پيا
مان سمورو ڇرڪ آهيان
۽ گهٽين ۾ ٽاهُه آهي
تون ڪٿي آهين!
تون ڪٿي آهين!
*******
حسن درس

جمعہ، 24 فروری، 2012

اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا



اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا
گلن جي موسم ڪَليون نه آنديون، بهارن آندا پٽن جا لاشا
جڏهن به رنگت چڙهي گلن تي، گھلي ٿڌيري هوا ڏکڻ جي
ٻچن جا سڏڪا اٿيا منڊل ۾، ملي بشارت گھرن جلڻ جي
اڏائي جھوپا ويون ڪي آنڌيون، تنين جي ڪَک ڀي نه ڪَک سان
پٽين پنوهاريون پلاند واريو، ملين چهرا گهرن جي رک سان
انهن جي لڙڪن سندو ڪو ٿورو ڌيان عالي جناب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

اهي ئي تنهنجيون پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڄڻ ڪجھه ٿيوئي ناهي
ڪٽڪ ڪُٺا ٿئي نڌڻڪن جا، منهن ۾ گھنج پيو ئي ناهي
اوهان جي آڏو لهوءَ جي قيمت، ٻه ٽي پتل جا حسين ٻلا
ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ
ڏسو نه ٿا جو ڪنين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جون راهون
جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهن جي چپن جون آهون
اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جھڪي نه سگھندي جھري سگھي ٿي
صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگھي ٿي
چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن
سهاين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن
اوهان به پنهنجون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جا حويليون ٿاڻا
اوهان جا ڦٽڪا اوهان جا پٿرا، ٻيا ڪي آڻا ٻيا ڪي ماڻا
اسان جي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي
ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگھاڙو لاشو گلين ۾ رهجي
ڳجھن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو.
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.
*************
حليم باغي


تعارف... (1) - ايوب گل


جڏهن آئون جوان ٿيس
آسمانن مان
صحيفا لهڻ اڃا بند نه ٿيا هئا


عجم جي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾
منهنجي پيءَ مونکي
تلوار هلائڻ سيکاري
مون گھوڙي سواري ۾ مهارت حاصل ڪئي
ستارن جو علم ڄاتو
ڌرتيءَ جي مورتي اڳيان نمڻ مونکي ماءُ کان ورثي ۾ مليو


بادشاه زادي جي دل جڏهن مون تي آئي
منهنجو پيءُ مونکي
شاهي تلوار بازن جي جٿي ۾ ڀرتي ڪرائڻ وٺي آيو هو

هوءَ سلطان جي اٺين راڻيءَ منجھان هئي
سندس اکيون هلڪيون نيريون هيون
نيرو رنگ به مون تنهن ڏينهن کان پسند ڪرڻ شروع ڪيو

پهرين نظر ۾
هوءَ مونکي سلطان جي تاج ۾ پيل کنڀ جهڙي لڳي هئي
منهنجي انهي ڳاله تي هوءَ اڪثرکلندي هئي


ٿورڙي ئي وقت ۾
شاهي اسطبل جا سڀ گھوڙا منهنجا دوست ٿي چڪا هئا

منهنجي جوانمردي
سپه سالار جي دل ۾ الئه ڪهڙو خوف پيدا ڪيو
هن سلطان کي منهنجي پيار جو وڃي ٻڌايو
ان سزا جو ذڪر داستانن ۾ به آيل آهي

سزا تي عمل وارو سڄو ڏينهن
آئون شهزاديءَ جي هار جا موتي آڱرين تي ڳڻيندو رهيس
جيڪي مونکي لڳل ڪوڙن کان يارنهن دفعا وڌيڪ هئا


چنڊ گرهڻ واري مهيني جي پڄاڻي تي
مون سپه سالار کي تلوار بازي ۾ هارايو
انعام ۾
مليل سونو تمغو قبيلي ۾ منهنجي پيءَ جو رتبو وڌائڻ لاءِ ڪافي هو


امان جنهن ڇوڪريءَ کي منهنجي ڪنوار بنجڻ لاءِ چونڊيو
اها وارن ۾ جهنگلي گل شوق سان ٻڌندي هئي
هن جون اکيون بادشاه زاديءَ وانگر نيريون ته ڪونه هيون
پر انهن اکين ۾
ڳوٺ جي اڱڻن جيتري ڪشادگي هئي
آئون جڏهن به گھر ويندو هئس
هوءَ چاهيندي هئي ته آئون هن جي اکين ۾ رات گذاريان...


صحرا منهنجو رفيق هو
منهنجي گھوڙي سان گڏ ڊڪندي
جتي صحرا ٿڪجي بيهي رهندو هو
اتان اڳتي دشمن رياست جي سرحد شروع ٿيندي هئي
آئون ان طرف ٽي جنگيون وڙهڻ ويس

تيرنهن قافلن کي مون بحري قذاقن کا بچايو
هي اهو زمانو هو جڏهن شهزادن تي پريون عاشق ٿينديون هيون
آسمان مان صحيفا لهندا هئا
مردن جا قد ڏونگرن سان ماپيا ويندا هئا

منهنجي شجاعت جا قصا گھڻو پوءِ مشهور ٿيا
داستانن ۾ منهنجو نالو وڌو ويو
ڀري درٻار ۾
سلطان شهزاديءَ جو هٿ منهنجي هٿ ڏنو
انوقت هن جا هٿ به
هن جي چپن وانگر ڪوسا هئا...

ڳوٺ ۾ منهنجي زال
انهي سال منهنجي پٽ کي جنم ڏيندي مري وئي هئي

بادشاهزاديءَ مون منجهان هن جي غم کي
چوسي ورتو...
مونکي هن پاڻ منجھ پوکيو ۽ لڻيو
هن منهنجي گھوڙي جي پيرن مان صحرا ڇڪي ورتو
منهنجي تلوار واپس مياڻ ۾ وجھي رکي

منهنجي پٺن تان
سزا جي ڏينهن جا نشان هن پوتيءَ جي پلئه سان اگهي صاف ڪيا
مونکي هن انگور جي ول بنجي پاڻ ۾ ويڙهيو
درياه بنجي ٻوڙيو
وري ڪڏهن ٻيڙو بنجي اڪاريندي رهي

جڏهن جڏهن آئون وڃائجي ويندو هئس
هوءَ مونکي پاڻ منجهان ڳولي ڪڍندي هئي

پوءِ جڏهن آسمان مان صحيفن جي جڳه تي شاعري لهڻ شروع ٿي
۽ داستان جي تاريخن جاءِ والاري
آئون وري پئدا ٿيڻ جي لاءِ مري ويس...
************
From Facebook profile of 
Ayoob Gul

او منهنجي مٺي

او منهنجي مٺي،

آ منهنجي ڦِٽي،
۽ جي
کڻي تو کي کُٽي،
ته پوءِ
اچ تون
ڀِت ٽُپي،
هلون ٻئي ٻنيءَ تي،
ڪنهن واٽر ڪورس ۾،
هڻون ٻئي ٽُٻي،
وڃون ٻئي ٻڏي،
۽ پئي پنهنجي ڇُٽي،
جند هن جهان مان.
او منهنجي مٺي،
آ منهنجي ڦِٽي..

***

مراد علي شاه بڪيرائي

جمعرات، 23 فروری، 2012

شهر ۾ نوڪريءَ جي پٺيان آهيان - ميئڪش سومرو


شهر ۾ نوڪريءَ جي پٺيان آهيان،
ڄڻ ڪنواريءَ چُمِيءَ پٺيان آهيان.

تنهنجي دل جا جهٽي وٺي جهٽ ۾!
اهڙيءَ جادوگريءَ پٺيان آهيان.

من جون تاريڪيون مِٽائڻ لئه،
اڻ ڏٺل روشنيءَ پٺيان آهيان.

جنهن ۾ ساهه به ڏيان مُرڪِي،
چَين جي ان گهڙيءَ پٺيان آهيان.

مان ته جيون لاء پيو جهڙيان،
ڪنهن چيو خُودِ ڪَشيءَ پٺيان آهيان.


ميئڪش سومرو

ڏوھ ڪھڙي جي سزا ڀوڳيون پيا - آسي زميني

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا،
ڏوھ ڪھڙي جي سزا ڀوڳيون پيا.
زندگي ماڻڻ لاءِ ھوندي آ ٻڌو،
پاڻ ڇو تنھن کي ڀلا ڀوڳيون پيا.
بس فقط ھڪڙو ڀرم ھو دوستي،
تنھن جا پڻ ٽڪرا ٿيا ڀوڳيون پيا.
ويو ڀُري ويساھ رشتن جو مگر،
گھاوء جي پيڙا اڃان ڀوڳيون پيا.
شخص ھڪڙو آ جو وسري نٿو،
ھا ، ڀلائي جا سلا ڀوڳيون پيا.
يار! تنھنجي ڪنھن جفا جو ناھ ڏک،
پاڻ پنھنجيءَ وفا ڀوڳيون پيا.
ڏوھ ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڪين آ،
پنھنجي ڪرڻيءَ جي بَھا ڀوڳيون پيا،
پاڻ ڪٿي ” آسي“ خُدائي ھُئي گھري،
ٻُڪ ۾ زخم اي دُعا ڀوڳيون پيا!ـ
آسي زميني

تنهنجي خوشبو پڙهان خطن وانگي - استاد بخاري

تنهنجي خوشبو پڙهان خطن وانگي،
تنهنجا نياپا چمان چپن وانگي۔

جوش جهمريون ، ڇهاو ڇيرون ها،
دل ٿي دهه دهه ڪئي دفن وانگي۔

تنهنجي محبت لذيذ شاهد آ،
مشڪون مون ڪٽيون مزن وانگي۔

خوبصورت خيال جا سپنا،
توکي سمجهيم لطيف فن وانگي۔

جومندي ڀون لڇي، پڇيم ڇو ؟ چي۔
آسمان ٿو تڪي ڪفن وانگي۔

ڇو نه پهرو مري بخاري ڏئي،
تنهنجو پاڙو مِٺو وطن وانگي۔

(استاد بخاري)

اک اگهاڙي ٿي لڪي لهرون ڍڪي - استاد بخاري

اک اگهاڙي ٿي لڪي لهرون ڍڪي۔
دل بکاري باهه جا شعلا ڦڪي۔

زندگي يا وهڪرا يا زلزلا،
جيستائين جر ٿڪي يا ٿر ٿڪي۔

کک، خوشبو ۾ لڪائي ٿي هوا،
بيت بازيء جي بهاني ٿي بڪي۔

دوستو ، ڌرتي به وينديآ ڌڏي،
ڏوهه ڪهڙو جيڪڏهن دل ٿي ڏڪي۔

چنڊ کي چهٽيس ته ڪوٺيس ڪهڪشان،
تانگهه ٿي هر ماڳ اڳتي تڪي۔

گفتگو منهنجي گلي پنهنجي منجهان،
ڳاٿڻا استاد ڳائيندا ته ڪي۔

(بخاري)

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *