اتوار، 29 دسمبر، 2013

غزل.... مختيار ملڪ

همسـفر کـان سـواءِ عـمـر ســاري اڃاـ
زنـدگــيءَ جــو ســفـر آهـي جــاري اڃا.

رات جِـــي ٻـــاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾،
تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا.

کـيت مهـڪـن پـيــا، سنگَ جهومـن پيــا،
ڪنهن ته سپني ۾ گُم سُم آ ناري اڃا.

تــون سـُتــو آن پـيـو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾،
تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا.

مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي،
منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا.

سـمنـڊ جي وِير ميٽي ڇـڏيون لکَـتون،
سـي سنڀاري ٿي ساحل جي واري اڃا.

رات آئي وَئِي، تُون نه آئين ڪَهِي! ماڪَ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ رُئندي رَهي.
مِينهَن موٽي ويا، ڏينهَن اُڀري لٿا، تُون نه آئين پِرين! وِهه لڳي ٿي وَهي.
سانورا! تو سَوا ڇانورا ڇا ڪبا! لوءَ تُنهنجي لَڌِي، لُوءَ لڳندي رهي.
او وڃان مان وڃان، ڪيئن ڀيرو ڀڃان! سِج ويندو لهي، پيرَ ويندا ڊَهي.
ڪنهن به اورار بيهي نه پاتو پرين، تون نه ميهارُ آهين، نه تو وَٽ مَهي

شيخ اياز

ہفتہ، 1 جون، 2013

تاسرڙو

تاسرڙو ٿو وڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

منهنجو هينئڙو ٿو هِڄِي
منهنجي سنڌڙي شال بچي
منهنجي جندڙي شال بچي
تاسرڙو ٿو وڄي۔۔

ڪوئل وڻ تي ڪوڪي پئي
ڪالهه جي آيا نادر ڪيئي
اڄ به سُجهن ٿا ڏيهه ۾ سيئي
ڪنڌ ڪُڌن جو ڀڄي
تاسرڙو ٿو وڄي۔

ارِڙهين صديء جي اُڀري ڇاتي
سچل سڪ جي ڳاني پاتي
جنگ اچي ابداليء لاٿي
ڪير پاپيء سان پُڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

چٻرن چرڙي ڀاڳ ڦٽايو
مدد پٺاڻ نڀاڳ ٿي آيو
ويريء اهڙو ويل مچايو
اندر اڃان پيو ڇڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

بگهڙ ته ڪنهن سان ٻيلهه نه ٻيلي
شاهه شُجاع شڪارپور ڀيلي
کرڙي ۾ اڃان ائلي ائلي
جابر تنهنجو جنازو کڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

پار درياهون ڪڻڇي ٻولي
ڪير ويو منهنجي سنڌڙي رولي؟
پنهنجي پرائي جي ماريو اولي
ڀينگ ٿي وئي سڄي کٻي
تاسرڙو ٿو وڄي

جوڳي ٿو در در نانگ نچائي
اڃان به ڪهڙا ڏينهن الائي
ڏسڻا پون هن ماڳ ۾ هائي
جند جهوريء ۾ٿي جهڄي
تاسرڙو ٿو وڄي۔۔


-----------
 نياز هُمايوني

جمعرات، 24 جنوری، 2013

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو،


هن دل کي بره بڇاڻي ڪو،
شعلو نه سهي ٽانڊو ئي سهي.

مان ڀانيان مونکي کي ڀائي ڪو،
سهڻو نه سهي ڪوجهو ئي سهي.

ها چاهيان ٿو ڪو چاه ڪري،
دل سان نه سهي دوکو ئي سهي.

ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي،
سچ پچ نه سهي، نخرو ئي سهي.

ڪو ڀر ۾‌ اچي دل پرڀائي،
ڀوسو نه سهي گفتگو ئي سهي.

ها پيار ته پنهنجي وس ناهي،
همدردي جو جذبو ئي سهي.

استاد جو جذبو ڳڀرو آ.
توڙي جو پِنڊو پوڙهو ئي سهي.

هو مون به مٺا هڪ پيار لڌو،
ساڀيان نه سهي سپنو ئي سهي.
--
استاد بخاري

ہفتہ، 19 جنوری، 2013

رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي


رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي
ڦڪي چولي مٿان ڳاڙو رئو جيڪو
پهري پئي تون ٽلين هر هر
اُڃايل منهنجي نيڻن تي
ٽِلي پيو هوکِلي پيو هو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

ڪڏهن اُڏري هوائن ۾
ڪڏهن ڀَاڪُرين ٻانهن ۾
ڪڏهن ڪُلهن تي بي قابو
سِرڪيل هو رهي پيو ٿو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

ڪري سرگوشيون ويٺو
تنهنجي سيني لڳِي ويٺو
تنهنجي دل جي ڌڙڪن کي
ڳڻيندي هر هر ڪِري ويٺو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي!

ٻَڌي وارن کي تو مِٺڙي
مٿي تي تو ڇڏيو ويڙهي
اهو ويري بڻيو منهنجو
پنهنجي وچ ۾ رهي هر پل
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي!

ڪڏهن چيلهه سان ٻڌجي پيو ٿو
ڪڏهن ڪافر پُٺيءَ تنهنجيءَ تي
ڪڏهن ڇڪبو ۽ سرڪندورهي ٿو پيو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

پگهر بوندون اگهي ٿو هو
ڪڏهن چهرو ڍڪي ويٺو
ڪڏهن ڳل تنهنجا چمي ويٺو
ڪڏهن چپڙن ۾ اچي مُرڪي
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

ڪڏهن ٿو هنج ۾ ويهي
ڪڏهن ٿو وارهو سهيڙي
ڪڏهن هٿڙن کي سهسائي
ويٺو مونکي هو تڙپائي
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي


نثار ٻانڀڻ

جمعہ، 18 جنوری، 2013

حالاتِ حاضره ............ شاهنواز ڪالرو


آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان ،
ناهي محفوظ هتي ڪنهن جي جان ،
بم ڌماڪا، گوليون، گوڙ ۽ گھمسان ،
هڙتالون،روڊ بلاڪ ماراماري ۽ نقصان ،
آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان.....!
_______________________________
مهنگائي وئي آهي چوٽ چڙهي ،
غريب غربو ڇا ڪندو هت پڙهي ،
اٽو،گيھ ۽ دال وٺندي وڃي ٿي دل سڙي،
رڳو ٺڳين جا آهن کليل هت دڪان ،
آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان ......!
___________________________
آهن نرالا هتي جا سڀ سياستدان ،
نسواري،گوڏن وارا ته ڪي آهن خان،
سڀ هڪ ڍڳي جا چور اٿن ڪونه ايمان،
ڪالرو ڪري ڪهڙي بيان هتي داستان ،
آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان......!
_______________________________
رشوت جو گرم آهي هت بازار ،
عوام تي آهي هر قانون جي مار،
ڏي وٺ تي هلي ٿو سڀ ڪاروهنوار،
هر وقت رهي ٿو بجلي جو بحران ،
آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان.......!
____________________________
!!!......شاهنواز ڪالرو .....!!!

جمعرات، 10 جنوری، 2013

جانِ جانان بنان (آستاد بخاري)





سونهن سرخي ٻسي، تيل، ڪنگا ڪنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

ويس ورتا به مون، هار پوتا به مون، پريت پورهيو ڪري،
ويس ڪارا ڪيان، هار ڇوڙيان ڇنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

مان لڇان پئي لڇان، مان پچان يا مچان، تن اَمِي سُمهه سُکي،
ڇو ته ڏاجا ڏِمان، تو ته ناهن ڏنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

قسمتون، ڪوششون، همتون هجتون، دوستيون دشمنيون،
هانوَ هڙني ڇنا، نانوَ ڪهڙا ڳنهان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

پيار برسات آهي، بخاري لڳاتار برکا وسي،
پيار خيرات ناهي، ڏيان يا پنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

(آستاد بخاري)


رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *