ہفتہ، 13 دسمبر، 2014

چانھ ڪوسي چڱي، آب ٿڌڙو هجي،

چانھ ڪوسي چڱي، آب ٿڌڙو هجي،
گرم جذبو هجي، نرم گفتو هجي؛
قول ڪيڏو حڪيمن جو سهڻو سٺو،
جو به دلهير ٿئي تنهنجي لئه دوستو،
عرق انگور جو، صوف تازو هجي.
وقت جي رهبري، رهزني ريت جو،
هي ته هر پريت کي هوندو آھي پتو،
ڪاٿي نعرو لڳي ڪاٿي نخرو هجي.
رنگ سارا سُٺا ڪي به ناهن ڪسا،
نيڻ ناسي - عقابي، گلابي وڳا،
غير ڪارو، ڦِڪو، يار ڳاڙھو هجي.
زندگي حسن آ، تندرستي هجي،
تندرستي به آجي ۽ سهنجي هجي،
ڀر ۾ محبوب استاد ڀيڙو هجي.

******

منگل، 26 اگست، 2014

جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
۽ باهه ۾ ٻين جي پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان؟
رڳو نه مون تي بار آ،جي سچ چوان ته ڇو چوان؟
جڏهن به سوچيم،مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
______________
جڏهن به سوچيم ته آئون ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان؟
جي قوم آهه بيوفا ، ته مان به ڇو وفا ڪيان؟
غريب پاڻ لئه پاڻهي ، پيدا نه ڪربلا ڪيان؟
چيم ته ڪُنڊ ۾ رهي ، رڳو خدا خدا ڪيان!
ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
______________
۽ جڏهن سوچيم ، ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان،
ڀلي ته مان سڙان، پچان ، ٻين کي سک ڏئي سگهان،
ڀلي ته سر وڃي سندم ، ڀلي ته آئون دم ڏيان،
ٻيو اچي اچي نه ڪونه ، مان ئي ”راشدا“ اچان،
ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو ، ضمير واهه واهه ڪئي.
”راشد مورائي“

پیر، 11 اگست، 2014

 غزل
روئيندن جي رات ڏسين ها
لڙڪن جي برسات ڏسين ها

سورن جي شب ڪاٽڻ کان پوء
پورن جي پرڀات ڏسين ها

تون معصوم ته آهين ليڪن،
تو ئي هنيا جي ڪات ڏسين ها

ڦٽي نظر سان، ڏٺئي نه ڦٿڪڻ
يا نه ڏسين ها! يا ته ڏسين ها!

ميرن ڪپڙن کان نه بُڇان ڪر
ماڻهن ۾ ڪا ڏات ڏسين هاَ

منهنجي دل ۾ ڇاهي جاني؟
دل ۾ پائي جهات ڏسين ها

نير اکين ۾ ، نالو تنهنجو
عاشق جي سڪرات ڏسين ها

هاءِ هدايت هارائي وئين،
عشق ۾ پنهنجي مات ڏسين ها
****
هدايت بلوچ

مفلسي

 مفلسي

مفلسي ا و مفلسي ا و بي رحم،
هو ذرا ڪڙمي جي نياڻيء کي ته ڏس،
ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون ٿيل،
سورهن ورهين سندي هيء نينگري،
سونهن جنهن جي آھ غربت جو شڪار،
ڦوھ جوڀن ۾ هي سيني جو اڀار
تنهن کي ڦاٽل چولڙو ڇا ڏئي پناھ

انگ انگ تنهن جو هڻي ٿو ڏنگ، پر
تير جي شاعر جي دل تي ٿا لڳن،
درد تن ۾ ايترو آ بي حساب،
جيترو نياڻي جي اوگهڙ جو عذاب،
مفلسي ا و مفلسي ا و بي رحم
****
هدايت بلوچ
 غزل
چنڊ گھرجي نه ڪي تارو گھرجي
مونکي ڌرتيءَ تي سهارو گھرجي

پنهنجي ٻانهُن ۾ وڪوڙي ڇڏ تون
بلب ڪر بند انڌارو گھرجي

تون نه آهين اونهارو به چڱو
تون جي آهين ته سيارو گھرجي

گرم ساهن جي تپش،اُف توبهه!
عرش کان ٻيو نه اشارو گھرجي

ڏينهن ويو پنهنجو وڄائي وارو
رات کي پنهنجو به ته وارو گھرجي

تنهنجو پاتال پسڻ ٿو چاهيان
ڪهڙي ڪافر کي ڪنارو گھرجي
***

هدايت بلوچ
 غزل
روز مٿس بمباري آهي
منهنجي دل به لياري آهي

ڪنهنجي خوشي لئي سڀڪجھ ٿئي پيو
ماڻهو ڪو ته مياري آهي

ڪڪريءَ ۾ جنهن لانئون لڌيون
ڪٿي اهو زرداري آهي

باھ جا ڀڙڪا، گوليون ڪڙڪا
ڏاڍي ڄڻ ته ڏياري آهي

پنهنجا عاشق ماڻ ٿا ماريو
اهڙي ڇا بيزاري آهي

ساڳيو درد ٿي روز سڻائي
دل ۾ پيل ڄڻ گھاري آهي

ٻي ڪا حياتي کٽجي شايد
هيءَ ته حياتي هاري آهي

ڪهڙو هدايت منطق چئجي
زور جي آڏو زاري آهي

****
هدايت بلوچ
 غزل
پوڙهائپ ۾ پيار ڪيوسين
نا حق خود کي خوار ڪيوسين

تنهنجي اک جو تير هٿن سان
پنهنجي دل ۾ پار ڪيوسين

يار رسائي ساري جڳ جا
هڪڙو توکي يار ڪيوسين

هڪڙو تنهنجي خاطر،خود کي
دنيا کان ئي ڌار ڪيوسين

تنهنجي پاڇن پويان پئجي
پاڻ تي ڪيڏو وار ڪيوسين

عشق ڏکيو آ، سڀ خبر هئي
پوءِ به پر، لاچار ڪيوسين

جنهن جو گلي ۾ هٿ آ هدايت
تنهن کي گلي جو هار ڪيوسين

****
هدايت بلوچ
 غزل

رات ايڏي اماس ڇو آهي،
شام ايڏي اداس ڇو آهي.

ڪنهنجي چهري تي ڪا چمڪ ناهي،
هر ڪو ماڻهون اداس ڇو آهي.

ڪنهن طرح سان به اڃ اجهي ئي نه ٿي،
تن اندر ايڏي تاس ڇو آهي.

سونهن،سوڀيا ۽ سچ ويا ڪيڏانهن،
زندگي اهڙي ناس ڇو آهي.

زندگي مان سڳنڌ ڪاڏي وئي،
هر طرف هي بڻاس ڇو آهي.

اڄ وري ڪنهنکي ٿا لڳن ڪوڙا،
هي ٽنگيو پيو ٽياس ڇو آهي

وايو منڊل تباھ ٿي ويو آ،
پوءِ به هڪ هلڪي آس ڇو آهي.
-__


هدايت بلوچ
 نظم.

مان شاعر انگ اگھاڙن جو،
مان شاعر بکين پيٽن جو.

مان شاعر هان مظلومن جو،
مان شاعر هان مجبورن جو.

مان شاعر ناهيان بهارن جو،
مان شاعر ناهيان نظارن جو.

جت ڏاڍا پنهنجا ڏاڍ ڪرن،
جت پورهيت ڏکيا ڏينهن ڏسن،

ات حسن گلن جو بي معني،
ات حسن چمن جو بي معني،

مان شاعر ناهيان درٻاري،
مان شاعر ناهيان سرڪاري.

تو بلبل جي ٻوليءَ کي ٻڌو،
مون مفلس جي چوليءَ کي ڏٺو،

تو ڪوڪ ٻڌي آ ڪوئل جي،
مون رڙ ٻڌي آ ڏکويل جي،

تون ڳل چمين ٿو سهڻن جا،
مان پير چميان ٿو پورهيت جا.

تون شاعر آن ميخانن جو
مان شاعر هان انسانن جو.

مان شاعر هان مجبورن جو،
مان شاعر هان مظلومن جو.

****
هدايت بلوچ,

جمعہ، 1 اگست، 2014

ڪا سار ته لهبي آ.

ڪا سار ته لهبي آ.
رُڳو هامَ نه هڻبي آ.

ايڏو ضد به چڱو ناهي،
ڪنهن ٻئي جي به ٻُڌبي آ.

سا ڳالهه ڪجي ڇا لئه،
جا پاڙي نه سگهبي آ.

فُرصت جي گهڻي ناهي،
هڪ رات ته رهبي آ.

هُن خط آ لکيو ”زخمي“،
ڪا چوٽ به سهبي آ.

****
زخمي چانڊيو

وساريان ڪيئن مان توکي؟؟

وساريان ڪيئن مان توکي؟؟
وساريان ڪيئن مان توکي؟؟

اڃان ڪا ياد تازي آ
نماڻي ساه منهنجي جي
اڃان سڪرات ساڳي آ
اڃان آڪاش تي تارا
ڪتيون ۽ رات ساڳي آ
اهو ساڳيو اڱڻ منهنجو
اهو بستر ۽ چانڊوڪي
اهو تنهنجو اچي چوري
چمڻ مونکي نه ٿو وسري
ڀلا وسري ته ڪيئن وسري
چپن ۾ ڪجهه چوڻ تنهنجو
ڦٽي پرڀات ساڳي آ
اڃان سڪرات ساڳي آ
اڃان سڪرات ساڳي آ
(نا معلوم)

پنهنجا ڦٽ پراڻا ها.

پنهنجا ڦٽ پراڻا ها.
يا هي ويڄ اياڻا ها.

چنڊ پري هو، رات چڪورَ،
اڏري اڏري ساڻا ها.

ڪا جو هُن تسبيح ڇڳي،
تارا داڻا داڻا ها.

مئخاني جي ساري جان،
ساقي تنهنجا ماڻا ها.

ڪيڏو تو ۾ هَٺ اياز،
هُن جا نيڻ نماڻا ها.
****
شيخ اياز

.اي گهنڊ گُڙئين ڪونه، ڪهڙو منڊ لڳل آ

.اي گهنڊ گُڙئين ڪونه، ڪهڙو منڊ لڳل آ
.بي چين آهي چنڊ ۽ چپ ڪاڪ محــل آ

ويساهه بــچائڻ لئه ٿي آڙاهــه مچــائي،
.مومـل به مــڙي ڪو نه ٿـي راڻو به رٺــل آ

وئي مند رســي، ڪو نه ٿيــو پازيــب پڙلاءُ،
.نه قافـلا وريـا، نه ڪـــمندن جــي اڇــل آ

ڪو هـار مڃــي پيـار ۾ هاري نه ٿو سـوڍو،
.هڪ پاند جـهليل هٿ ۾، ٻيو پاند ڀنـــل آ

هڪ ڪاڪ به ٽيـــڙي ۽ مـومل به اَويــڙي،
.هت جــيت به آ مـات ۽ هـار اجــل 

*****
نماڻو سنڌي..

تـون ڪـجلا سر جـي پاڻياري،

تـون ڪـجلا سر جـي پاڻياري،
.مان نـگر نـگر جـو وڻجـارو

جا هـلچل تنـهنجي تن من ۾،
سو جل ٿل منهنجي جوڀن ۾،
جي هـٿ تون ڦيرين زلفن ۾،
.ٿئي ڪارونجهر تي وسڪارو

هي ســج ڍري ٿو گهاگهر ۾،
!ڇا، سون ٿو جرڪي بينسر ۾
جا ٽور ٽلين ٿي جهانجـهر ۾،
!هر چَــپ ٿڌي تي شُوڪارو

تنهنجي سونهن جي ساک ڀري ٿو،
چنڊ بـه تولــئه پند ڪري ٿو،
جا ٿي پـئي ٿو قيد ڪري ٿو،
.تنـهـنجي ئــي جلون جو ڍارو

جي واٽ وندر جي ويندس مان،
امــنُ ئـي بڻـجي اينـدس مان،
سڀ سانگ سهيڙي ايندس مان،
!بــڻجـي ڀـونءِ ســندو بنجارو

*****
نماڻو سنڌي

.اوهان جي اچڻ ۾، گهڻي دير ٿي وئي

.اوهان جي اچڻ ۾، گهڻي دير ٿي وئي
.اسان جي ته هاڻي، وڃڻ وير ٿي وئي
سندر روپ تنهنجا، مان ڏسندو ئي رهندس،
.ٿيو ڇا جي ساجهر ئي منهن مير ٿي وئي
اسان تنهنجي نگري ۾ ايڏو نچياسين،
.ٽُٽي داڻو داڻو، سڄي ڇير ٿي وئي
نه ورندي ڏني تو، هَڻي هٿ ٿيا ساڻا،
.ٽُٽا ڪيئي ڏونڪا، چٻي ڀير ٿي وئي
پڇين پار جن جا، پرين تون پيو اڄ،
.کاهوڙين جي سا، اڳ هِتان کير ٿي وئي
ڏسڻ سان ئي جنهن جي ملي روح راحت،
.ليئو پائي هاڻي هتان، ڪير ٿي وئي
کنيا پيار مان جن ڪٿي پيرڙا ڪي،
.اُڏاڻي جا واري، اُتي ڍير ٿي وئي
نه هُن کي ڏسين ٿي ته تڙپين لُڇين ٿي،
.اٿئي ڇو، اها هير ٿي وئي!اڙي دل
****
نماڻو سنڌي. 

نــيڻ سانــــدءِ رنـــا ، کــوڙ ڀــيرا ڀـــنا،

نــيڻ سانــــدءِ رنـــا ، کــوڙ ڀــيرا ڀـــنا،
ڇا ته آهون ڪيون منهنجي زخمي چپن.

جهل مسيحا تريون، ڪير ڪوڪا ڪڍي،
اڄ به انسان ۾ پاتيون جهاتيون جهڳن.

هُو پون پنڌ جي، تون به پيڇو ڪجان.!
پير ڊاهي متان.! واءُ ڏئي ڪو وچن.

او مسافر.! اُٿي ڇانوَ تنهنجي نه آ،
پريان پاوڪ اچي ٿي ڇپون ٿيون ڇڄن.

موت نچندو اچي، صليب ڏانهن ٿو چڪي،
مان نه ٿو چاهيان پر وکو ن ٿيو کڄن.

اڄ نــــــماڻـــــا وري پاڇو پيڙي پـــيو،
مان به اڏري سگهان هان، گهُمان هان گگن.

*****
نماڻو سنڌي.......

پياسا ئي ماريئي ، پروڪن پٽن تي.

پياسا ئي ماريئي ، پروڪن پٽن تي.
ڍَڪي رک او موکي! منڍيون ڏئي مٽن تي.

چپن تا چمين جا ، ولر جي اٿيا ٿي،
اها سونهن تنهنجي هُئي ڳاڱن ڳٽن تي.

پسيل هن پرهه کي، متان ماڪـ سمجهو،
ڪريا ڪنهن جا ڳوڙها، ها وِهه جي وٽن تي.

ڪلالن جي ڪِررِ ، ڪيا گهاءَ ڪيڏا،
ڇُٽائيندي لڳيون ، ڄمارون ڄٽن تي.

وري مئڪدي جا ڪڙا، ڇو ڪونه کڙڪيا،
وڌي ڪنهن آ بندش، نه هوڪا هٽن تي.

ڇَڏيوَ پيار ڌوئي ، صفا ايئن پريٽم،
هُئا ڄڻ ته لينگها اوهان جي لٽن تي.

سُتل سور جاڳيا ،الئي ڇو نماڻا،
وري ڦيريا شايد، ڪنهن هٿ ڦٽن تي.


****
نماڻو سنڌي

سڄي رات تارن کان ڇا ٿو پڇين؟

سڄي رات تارن کان ڇا ٿو پڇين؟
پٿر جي پنارن کان ڇا ٿو پڇين؟

جا سُهڻي هُئي سا لُڙهي سِير ۾،
ڪچي جو ڪنڀارن کان ڇا ٿو پڇين؟

نه جي گُلَ ڳچيءَ جي ڪا زينت بڻيا،
جهلي هٿ ۾ هارن کان ڇا ٿو پڇين؟

هتي مُلهه گُلابن جو ڇا ڇا ٿيو،
تون زخمي بهارن کان ڇا ٿو پڇين؟

بدل ٿي آ موسم ته بدلجي پيو آ،
اڃا چنڊ ـ چارن کان ڇا ٿو پڇين؟

اجهي سڙهه اُڀا ٿيا، اُٿي ناکئا
سنڌوءَ جي ڪنارن کان ڇاٿو پڇين؟

سڄي رات سپنا پرينءَ جا اُڻن،
اکين جي اڏارن کان ڇا ٿو پڇين؟

***
نماڻو سنڌي

نماڻو سنڌي، غزل

غزل


ڪندا ڪا ويڄ واهر، نه ته بدن لاچار ٿي پيا هن.
پراڻا ڦٽ ڇُٽا ناهن ته ٻِيا آزار ٿي پيا هن.

وڻن کي وِسوِسا آهن، ويا سڀ چهچٽا ڪاڏي،
ٻُرائن شل پکي ٻوليون، ويڳاڻا ڏار ٿي پيا آهن.

مُئا ڦُٽ پاٿ تي ڦٿڪي، مٿان پئي وِلهه واڪا ڪيا،
تنهنجي هوندي ڌڻي! تنهنجا نڌڻڪا ٻآر ٿي پيا.

تو کي حاصل ڪرڻ خاطر،ڪيونسين تپسيائون سڀ،
اندر هاڻي اسان جا هي پُراڻا غار ٿي پيا.

نه وڃ مايوس ٿي مڱڻا! ڏياچن جي ته ڏيري مان،
سُرَنِ تي سِرَ ڏيڻ خاطر سوين ڏاتار ٿي پيا آهن.

اوهان جا نيڻ آگم ٿي، اُٺا اهڙا ڇو ڇا چئجي،
ڪٿي ڪارا ڪڪر ٿي پيا، ڪٿي واسڪار ٿي پيا.

نماڻو سنڌيءَ جا ٽيڙو

ٽيڙو_1
.هي ديس رڳو دونهون
هي ڀونءَ اڻانگي آ،
!تون ڪيئن ٿيندي سونهون

ٽيڙو_2
.سامي ويئڙا سانگ
وڪڙ هڻي وڻن ۾،
.ويٺا آهن نانگ

ٽيڙو_3
جنت نه ٻي آهي،
!ان اک سان اي واعظ
تو سنڌ ڏٺي ناهي،



*****
نماڻو سنڌي

اتوار، 15 جون، 2014

مرڪيم، ڪرڪيم، ڪونه ڏٺئي،

مرڪيم، ڪرڪيم، ڪونه ڏٺئي،
هاءِ بيٺم، ڏٺم، ڪونه ڏٺئي.

اس ۾ بڻجي مان آس جو پيرون،
بس، پڪتم، ڇڻيم، ڪونه ڏٺئي.

منهنجيون اکيون، منهنجا ڳوڙها،
ڳاڙيم، اگھيم، ڪونه ڏٺئي.

ٻارن جيان، چنبڙيم توکي،
رهڙيم، گھليم، ڪونه ڏٺئي.

سامهون تنهنجي تو جهڙو گيت،
لکيم، ڦاڙيم، ڪونه ڏٺئي.

(برڪت بلوچ)

جمعہ، 6 جون، 2014

مون ننڊ اڌاري ورتي آ ،

مون ننڊ اڌاري ورتي آ ،
تون خواب کڻي آ وڻجارا،
اي دل جي ڌڙڪن شور نه ڪر،
اي رات ذرا آهستي هل،
اي چنڊ ذرا چانڊوڪي جھل،
اي وڻ جون لامون خوب لڏو،
ڪو منظر ناڻن ۾ اُتري،
ڪو ويندڙ شايد موٽي پئي،
ڪو درد نڀاڳو وسري پئي،
من خواب ۾ اڄ دل ڀلجي پئي،
مون ننڊ اڌاري ورتي آ........
تون خواب کڻي آ وڻجارا.........
***

نامعلوم

گيت



هير گهلندي وڃي،
ماڪ پوندي وڃي،
رات ٺرندي وڃي،
ياد تنهنجي اچي،
ننڊ ڦٽندي وڃي،
ڇا ڪريان! ڇا ڪريان.

چنڊ ڏاڍو وڻي،
نيڻ مون ڏي کڻي،
هانءَ ۾ چڪ هڻي،
تانگهہ توڏي تڻي،
ڇا ڪريان...

ڳوٺ وارا سمهن،
کيت، ٻارا سمهن،
چنڊ، ٻارا سمهن،
ياد تنهنجي اچي،
سُور سارا اٿن،
ڇا ڪريان....

ڪانگ ڀت تي لنوي،
گرهه هٿ مان ڪري،
شل نه ڪا اک ڦري،
ياد تنهنجي اچي،
باهه ڀڙڪي ٻري،
ڇا ڪريان...

ساز وڄندا رهن،
گيت نچندا رهن،
درد دکندا رهن،
ياد تنهنجي اچي،
نيڻ ٽمندا رهن،
ڇا ڪريان...

ڇو نه عيدون اچن،
رنگ خوشيون رچن،
محب موجون مچن،
ياد تنهنجي اچي،
ساهه ٿڌڙا کڄن،
ڇا ڪريان، ڇا ڪريان ڇا ڪريان، ڇا ڪريان...

استاد بخاري

جمعرات، 5 جون، 2014

آزاد نظم

هن دريءَ جو نظاروڪر
ڏس نه ته پريان ريل پئي وڃي
ڪي مسافر کڻي
هڪ اڻڄاتل منزل طرف
هن ريل جو سفر ڪن ماڻهن لاءِ
ڪيڏو نه اهم آهي
ڪي عرصي کان پوءِ پنهنجن جو ديدار ڪندا
ڪي پنهنجي محبوب ڏانهن محبت جو پيغام کڻي ويندا
ته ڪي قبرن تي عقيدت جا گل رکڻ ويندا
ڇا تو هن ريل جي آواز ۾ ٿڌين آهون
۽ خاموش ڳوڙهن کي نه محسوس ڪيو؟
يا وري ڪنهن ٽرندڙ ڪليءَ جي خوشبو تو ڏانهن نه آئي !

*****
فقير عابد ديشي

منگل، 3 جون، 2014

تون ملندو رهندين خوابن ۾،

تون ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
ڪڏهن ننڊ ڪڏهن اوجاڳن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.

تون تہ ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڇو نہ موٽئين ميگھ ملهارن ۾،
اک ڦرندي رهي ڦولارن ۾، دل سڙندي رهي سيلابن ۾.

ڏني ڪانگ نہ ٽپڪي ٽارين تي، ڪيا وار ورھ ويچارين تي،
توکي ڏسبو روز ديوارن تي، يا تہ پڙهبو ڪڏهن ڪتابن ۾.

اچ اکين وسي سيلاب ڪيا، اچ ڪڻڪن ۾ هن لاب پيا،
اڄ تائين نہ پورا خواب ٿيا، ڪيسين رهندين يار حجابن ۾.

ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اگھيا، ڪڏهن ڌرتي تنهنجا پار پڇيا،
اڄ پٿر بہ تنهنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾.

****
تاجل بيوس

http://soundcloud.com/nyla-talpur/toon-ta-milando-rehndain

اتوار، 2 فروری، 2014

دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي

دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي،محلات هجي ته وڻي توکي
هن برباديءَ جي بستي ۾ ڪا بات هجي ته وڻي توکي !

ماڻهن جي ڏسان ٿو نِيت بُري،هَٿ ۾ قرآن،زبان ڇُري
جي ڪڇ ۾ ڪات هجي ته هجي،ڳڙ وات هجي ته وڻي توکي!

تون ناهين مسيحا، جو جيارين،لقمان نه آن جو چاق ڪرين
بيمار ۾ چاڪ چڱي جهڙي،جذبات هجي ته وڻي توکي!

ڪي معنٰي جا موتي نه هوا، تو شعرن تي واهوا ه نه ڪئي
هيءُ سادي سودي ٻولي آ، ڪا ڏات هجي ته وڻي توکي!

گُم آهين تون ته نظارن ۾،ڪا شيءَ نه ڏٺئي اشعارن ۾
ڳوڙهن جو قدر توکي نه ميان! برسات هجي ته وڻي توکي

ڪو تيرن جو نه اثر ٿيندو، مان پاهڻ بڻجي ويو آهيان
ڪا مات هجي ته وڻي توکي، ڪا گهات هجي ته وڻي توکي

هِت پِٽڪو خالي پيٽ سندو،هِت رودن راشد غربت جو
هي ماتامين جي مجلس آ ، بارات هجي ته وڻي توکي

راشد مورائي

بدھ، 22 جنوری، 2014

زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،
ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو !

زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي،
آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو !

پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو،
من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو .

تو پڄاڻان محب، ڏس هر ويل هي،
آ ڏکن جو من اندر، ميلو متو.

پيار جي ڪا ڇانوَ، ناهي ’عائشه‘،
زندگي پيئي سڙي، ڏينهڙو تتو.

جمعہ، 17 جنوری، 2014

سنڌ

تــــون سنڌي ٿــي ٿو سنڌ ڇڏين،
تون ڪاتي ٿي ٿو ڪنڌ ڇـــڏين،
تـــون رانـــدي ٿـــي ٿو رند ڇڏين،
تون مئـــڪش ٿــي ٿو منڌ ڇڏين،
مان تــو لاءِ پــــاڻ نـــه روليـــندس،
مان ٻيـــجل ٻيو ڪـــو ڳولينــدس.

ظرافت

ڪـو صـلح سُـــڪَرَ جــو سيرُ کپي،
مون کي ٻڪري سان گڏ شيرُ کپي،
نه ڪـــو سسئي نه ڪــــو ڏير کپي،
نــه ســـاڙ حســـدُ ۽ مــــيـــر کــپــي،
ٻـــيـــا ڀـــاڳ فـــساد جـــا ڀوري ڏيو.

مـــان ساگر ٿيان مان ساحل ٿيان،
الله ڪــــري مـــان عـــادل ٿــــيان،
جو قـــاتـــل ان جـــو قاتـــل ٿــيان،
جو در تـــوهـــان جـــي سائــل ٿيان،
هو ماس ڪُـلهن تـان ڪوري ڏيو.
مون کي اڳيـون صديون سوري ڏيو.

ڀــــل مــون کــي هٿن ۾ هر ڏيو،
ڀل چيلهه تي ڪُنجيل ورُ ڏيو،
هـــر جـــوءِ ۾ جـــالــر جـــر ڏيـو،
ڀــل مــون کــي غــريبي گهر ڏيو،
پــر گهــر جـا ساٽ نه سوري ڏيو.
مون کي اڳيون صديون سوري ڏيو.
ها پنهــــنجن يـــا ڪِ پــراون سان،
دمـــســاز دلـــيــــري داون ســــــــان،
هي شــيشن ســـان يا ڪاون سان،
هـــي پرتـــي جـــي پـــڙلاون ســـان،
هُو جــهونــا ڳـــڙ ڀـــي جـــهوري ڏيو.
مون کي اڳيون صــديون سوري ڏيو.
نه ئي دوکي جــو ڪـــو داءُ کـــپـــي،
مـــون کـــي پرت کــپي ۽ ساءُ کپي،
نــه ڪــي ڏاڍن جـــو پـــڙلاءُ کـــپـي،
نه ڪي چالاڪي جو ڪو پاءُ کپي،
مــون کـــي ســـر تــارازيءَ توري ڏيو.
مون کــي اڳيــون صديون سوري ڏيو.

……………
پيرل قنبر

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *