پیر، 9 مئی، 2016

ٿر جو اُداس نظم

ٿر جو اُداس نظم
ايوب کوسو
ڀوڏيسر جي ڀُوري بُت تي،
ھُو جو ويندڙ جھُونو اُٺ تي،
پيشاني کي ھٿ تي تاڻي،
سِج ڏي گھُوري وقت لھي ٿو،
سُورج ڪائي ڳالھ ڪري ٿو!
۽ ھُو اڳتي پنڌ ڪَھي ٿو!
جنھن پل شام جي ڳاڙھي ڳل تي،
بئراجن جي وستين کان ھُو،
پنڌ ھوائون ھار بڻن ٿيون،
۽ ڪنھن تڙ جي جَر سان وھنتل،
وينگس ڪائي وار ڇنڊي ٿي،
ڄڻ ڪو دل جو بار ڇنڊي ٿي،
سخت ڦڻيءَ جي آڱرين مان،
ڪارن زُلفن مان جو وڇڙيل،
ڪاريون تندُون چار ڇڻن ٿيون،
موسم جو ويچار بڻن ٿيون،
۽ ھُو ڇڪڙي سان جو اُڏندڙ،
واريءَ جو طُوفان لُڇي ٿو،

جنھن کي ڏسندڙ ڳوٺ جا نينگر،
آڱرين سان ڪُجھ ته چٽن ٿا!
لَٽيل چھرا روز ڏسن ٿا!
ٿَڪ ۾ ورتل کوڙ مُسافر،
مُرڪن جا ڪي گُل ڇنڊن ٿا!
پر ڪي وِيندڙ چِيڪَن پويان،
نيڻن جا ڪي پنڌ کُٽن ٿا!
۽ سي ساڳيا نيڻ اُڃايل،
آڌيءَ ويلي چنڊ ڏسن ٿا!
يادن ۾ ھر بار لُڙھن ٿا!
چانڊوڪين جا چڪ چِڪن ٿا!
تنھن پل ٿر جو سارو جيون،
تنھن پل سنڌ جو سارو جيون،
خوابن جي تاريخ لڳي ٿو!
يادُن جي ڪا چيخ لڳي ٿي،
وقت نسورو درد لڳي ٿو!
وقت نسورو زرد لڳي ٿو!

هوا کي ناز ڪيڏو آ ، انبن جو ٻور پئي ڇاڻي
نماڻو ڳوٺ تنهنجو آ لٿو جنهن تي سج آ هاڻي
اکين ۾ باک آرهڙ جي ، چپن تي مرڪ جا پوپٽ
اسان کي آ ڇڏيو رولي تنهنجي مومل انهي ماڻي
نظر جي قافلي ۾ آن ، چوان ڪيئن فاصلي ۾ آن
وڄي ٿو وقت ڇيرون ٿي ، کلين ٿي جنهن به تون ٽاڻي
رنگن ۾ خواب هن پويل سِبيا هن تو سوين ماڻا
رِليءَ ۾ آ سڳنڌ تنهنجي، اچي ڪيئن ننڊ پوءِ هاڻي
چئي ڇڏ جو به چوڻو آ، بهانن کي ڀلائي ڇڏ
رڳن ۾ تون لهي پئو اڄ، سڀاڻي ڪير ڄاڻي
ايوب کوسو

اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه!

ايوب کوسو

اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه
مون ظهر جو آهي ڍُڪ ڀريو،
هر ماڻهوء پنهنجي چونڊ کنئي
مون سنڌوء مان آ ٻُڪ ڀريو
مون توتي آيل پن ڇڻ جو،
آ رستو روڪيو شعرن سان
مون تنهنجي ڦاٽل زخمن کي
آ سيبو ارپيو نظمن سان
مون چاهيو آ هر بار اهو
بيتاب گسن ۽ گهاٽن تي
هو بانورڙيون ، هي سانورڙيون
سڀ ڪُلهن لاڙي ڪيس گهمن
مخمور انبن جي ڇانون ۾
جُهولن تي جوانيون خوب لڏن
ٻيڙين ۾ سدائين ديپ ٻرن
سنڌوء جي جواني مست رهي
ڳلڙن تي حيا جا رقص مچن
هر سپني کي ڪو ناز ملي
سڀ ٻانهون تازا هار ٿين،
هر خوشبوءَ کي آواز ملي!
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه
مون هٿ ڪڙين تي چپ رکي
آ پاتو پنهنجي ٻانهن ۾
جيئن تنهين ڪارين پلڪن کي
ڪا چانڊوڪي مدهوش چمي!
مون اوندهه جو آ ڏنڊ ڀريو
جيئن تنهنجن ڳاڙهن ڳلڙن تي
ڪا اجري ڳاڙهي باک ڦٽي
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه!

هوا کي ناز ڪيڏو آ ، انبن جو ٻُور پئي ڇاڻي
نماڻو ڳوٺ تنهنجو آ لٿو جنهن تي سج آ هاڻي
  اکين ۾ باک آرهڙ جي ، چپن تي مُرڪ جا پوپٽ 
اسان کي آ ڇڏيو رولي تنهنجي مُومل انهي ماڻي
نظر جي قافلي ۾ آن ، چوان ڪيئن فاصلي ۾ آن
وڄي ٿو وقت ڇيرون ٿي ، کلين ٿي جنهن به تون ٽاڻي
رنگن ۾ خواب هن پويل سِبيا هن تو سوين ماڻا
رِليءَ ۾ آ سڳنڌ تنهنجي، اچي ڪيئن ننڊ پوءِ هاڻي
چئي ڇڏ جو به چوڻو آ، بهانن کي ڀلائي ڇڏ
رڳن ۾ تون لهي پئو اڄ، سڀاڻي ڪير ڄاڻي

:
ايوب کوسو

اتوار، 8 مئی، 2016

جڏهن تنهنجو ۽ منهنجو روح،
اسان جا جسم ڇڏي ويندو،
۽ پاڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان،
دفن ڪيا وينداسين...!
مَنَ ڪو مزدور،
ورهين پڄاڻان اچي،
پنهنجي مٽي کي،
ملائي ڇڏي،
ساڳي گاري ۾...!!!
(عمرخيام)

زندگي آهي ڏاندَ گاڏيءَ جيان
۽ دُکن جو مٿانسِ بارُ سَٿيل
پاڻَ، بيمار، ڏُٻري ڏاندَ جيان
نَڪَ ۾ بيوسيءَ جي نَٿَ پيل
زندگانيءَ جي ڏاندَ گاڏيءَ ۾
ڄائي ڄَم کان ڍُڪايلَ آهيون اسين
ڪنهن اَڻ ڄاتي ماڳَ طرف
دردَ جي ڊاٻَ ۾
گِهلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا
هلندا هلون
****
اياز گل
هر جاءِ جلوا مون ڪيا، غائب به ٿي حاضر به ٿي.
اول به ٿي آخر به ٿي، باطل به ٿي ظاهر به ٿي.
خوش خيال پنهنجي کي ڪيم، مسجد مندر مئخان ۾،
موکي به ٿي مئڪش به ٿي، مومن به ٿي ڪافر به ٿي.
العشق واري انگور سان، اعليٰ غُليلايون ڪيم،
آدم به ٿي حوا به ٿي، شجر به ٿي، شرر به ٿي.
ٻولي حُسن جي ۾ وڃي، هر رنگ ۾ رلجي ويس،
ڪرمز به ٿي زردو به ٿي، احمر به ٿي اَخضر به ٿي.
ڪِيئن رئاريم ڪِيئن کلايم، ڪِيئن ڀُلايم ڪِيئن ملايم،
ظالم به ٿي سالم به ٿي، رهزن به ٿي رهبر به ٿي.
هر سن ۾ هوسو هرطرح، هر ڪا خبر هر هر ڏنم،
انبياءُ ٿي اولياءُ ٿي، سالڪ به ٿي رهبر به ٿي.
اعجاز واري ويس ۾، پنهنجو پروڙيم پاڻ ۾،
پاڳل به ٿي سياڻو به ٿي، بي زر به ٿي با زر به ٿي.
(اعجاز شاهه)

جمعہ، 6 مئی، 2016

اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو!
***
ڊاڪٽر عطا محمد حامي

در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيوآ
هڪ ٻئي جي پُٺيان ڊُڪندا ٿا اچن، لُڙڪن کي الائي ڇا ٿيو آ۔۔۔

جان پاءِ کڻي جهاتي هيڪر، تان عڪس لڳن ٿا سڀ وحشي.
هي ڏوهه نه آ آئينن جو ، چهرن کي الائي ڇا ٿيو آ،

جي اُڌما کائي اُٿندا هِن، هيءَ ڇاتي ڇلجي پوندي آ،
ڪو چين نه ڪو آرام اٿن، جذبن کي الائي ڇا ٿيوآ،

سڪ قُرب الائي ڪاڏي ويو، هڪ ٻئي سان اوکيءَ ويلي ۾،
هرڪو ٿو وڃي منهن موڙيندو، رشتن کي الائي ڇا ٿيو آ،

ڏند قُلف ڪري چپ بند ڪيم، ڄڻ ٻوڏ اڳيان ڪو بند ٻڌم،
هر رنڊڪ ٽوڙي اُڪري ويا، لفظن کي الائي ڇا ٿيو آ،
*****
احمد خان مدهوش

جمعرات، 5 مئی، 2016

غزل
نه پوڄ مونکي نه چاهه مونکي،
پڄئي ته پيرن ۾ گاهه مونکي.
جي هڪه دفعو تو ڇڏيو آڊاهي،
ته هاڻ ٻيهر نه ٺاهه مونکي.
ٽٽل تعلق نه جوڙ مون سان،
ڪندين ڇا مونکي ڏي باهه مونکي.
مان پاڻ پنهنجو صليب آهيان ،
ٽنگيل رهڻ ڏي نه لاهه مونکي.
وري وري پيو جنم مان وٺندس،
گھڙي گھڙي ڀل تون ڊاهه مو نکي.
مان سچ چوڻ لئه ڄميو هان “آثم”،
سزا جو ڪو ڊپ نه آهه مونکي.
*****
آثم ناٿن شاهي

ماڻهو سهڻا مور اچن ٿا

ماڻهو سهڻا مور اچن ٿا
ٽُرندا پياري، ٽور اچن ٿا!
-
لِڪندا، ڇپندا، لوڻا هڻندا
پڪَ دلين جا چور اچن ٿا!
-
کِنوندا، کجندا، رم جهم وسندا،
بادل ڪي گهنگهور اچن ٿا!
-
شيشي جهڙا ٽاڪنئڙا بُت،
پاءُ‌ گُلن جي تور اچن ٿا!
-
نيڻ وڇاء اُٿي او آثم،
اڄ هُو تنهنجي اور اچن ٿا!
-
آثم ناٿن شاهي

منهنجو خوابُ تون،

منهنجو خوابُ تون،
لا جـَـوابُ تون.

هوشُ ڪيئن هجي؟
بي نقابُ تون!

هر خيال ۾،
انقلابُ تون.

گامَ گامَ تي:
ڪاميابُ تون.

مان گناهـُـه هان،
۽ ثوابُ تون.

مان ٻـُـڙي ٻـُـڙي،
بي حسابُ تون.

منهنجي سامهون:
ڄڻ جنابُ تون.

سـَـوَ سوالَ مان،
هـِـڪُ جوابُ تون!

***
آثم ناٿن شاهي


چنڊ جي روشني واريءَ مٿان

چنڊ جي روشني واريءَ مٿان

،آ چُني چمڪندڙ ٿر جي ناريءَ مٿان
.چنڊ جي روشني ڄڻ ته واريءَ مٿان

!عشق تنهنجو الاڙي الڙ ڇوڪرا
.ڪيئي بهتان آيا ڪنواريءَ مٿان

،مون نه ڄاتو ته منهنجو پرين ٿو اچي
.ٻُٽ اجرڪ جي هئي جو سُنهاريءَ مٿان

،ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون ڄانڱريون
.ٻير ڳاڙها ته ڏس! چهچ ٽاريءَ مٿان

!"عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪئيه "راشـــــــــــــد
.لاهه ڏک سور ڌرتيءَ ڏکاريءَ مٿان
****
راشد مورائي

وائي

قمر شهباز
_____

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

ڪاريءَ ڪڪريءَ مان برسي، ڪالاٽ لهوءَ جي آهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

پنڌ پري آ، پنڌ پري آ، آءُ لاڳاپا لاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

جيسين دم آ، غم ئي غم آ، سانت سکن جي ناهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

تنهنجي منهنجي اک جو اُلڪو، بيٺو سينو ساهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

اڄ جا سپنا ڪلهه جون يادون، کلندي چڙهنديون ڦاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

مَڇ ته ڏاڍو مڇريو آهي، بَڇ تي بيٺو باهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

وائي، قمر شهباز

وائي

قمر شهباز
_____

رات چانڊوڪيءَ رَتلَ،
ڪا پَلڪَ ترسين ته ها!

چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ها
مَچَ چاهت جا مَتَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

گهُورَ جي گهراءَ ۾ ها
ساهه سالن کان سُتَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

ڪنهن جي اکڙين ۾ ڏٺو مون
توکي روئيندو او اجل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

مون چُميو ڪنهن چنڊ کي هو،
سي پيارا هاءِ پَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

منهنجي جهولي ۾ جهُليو هو چنڊ،
ڪنهنکي ڪهڙي ڪل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

التجا

التجا
-----
قمر شهباز

جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها – ڌڪاري ڇڏين ها!

خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،
خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،
تون ماري ڇڏين ها – تون ماري ڇڏين ها!

يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،
تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،
وساري ڇڏين ها – وساري ڇڏين ها!

جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،
فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،
پياري ڇڏين ها – پياري ڇڏين ها!

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *