نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،


نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،
يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔
اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي،
اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔
نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔
پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه،
ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔
گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو،
ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔
لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔
داو ئي اها آ ته ٿيو درد ڀائي،
جدائيء ۾ بيجا بخاري رجهون ٿا۔

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم