سانولڙي جي سار اچي ٿي ،
لڙيو لڙُڪن لار اچي ٿي .

ننڊ اچڻ سان نيڻن ـ ٿر تي ،
سپنن جي وسڪار اچي ٿي .

ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ،
وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي .

منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ،
کڻيو ننڊ خمار اچي ٿي .

تنهائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي ،
ٻانهون ٺاهي هار اچي ٿي .

“امر” ! اگُهاڙي جيون ـ رڻ م ،
ڏات پکيڙي ڏار اچي ٿي .

____
امر ساهڙ

نظم :: امر ساهڙ


وريو هو ڳوٺ ڏي واپس
کپائي خواب سڀ کيرا
ٻٽي ناسي، ٻٽي نيرا
ٻڌا هُئس ٻانهن ۾ جيڪي
وَٽائي پير کان ماڻس
رهيا سي ريشمي ڌاڳا
جڏھن هو شھر ۾ آھيو
نئينءَ مان نوڪريءَ سانگي
صفا ساڌو سٻاجهو هو
زماني جي ظرف توڻي
سياھ زلفن سندي گهيرن
گهثائن کان گهڻو غافل
نڪو هو نينهنَ کان واقف
مگر حسناڪ اهڙو
بدن ڀورو، جوان جوڀن
بنھَ بي باڪ هو اهڙو
گليءَ جنهن مان به گذريو ٿي
هزارين نيڻ حسرت مان
تڪيندا ئي رهيا تنهن کي
گهٽيءَ جي موڙ تائين سي
وِکن پويان ويا ٿي پي
مُڙي هُن اوچتو مُرڪي
ڏٺو هو ڏانوَ اهڙي سان
ڇَڏائي ٿانوَ وِيا هڙئي
هٿن مان هانوَ ويا هڙئي
نشانا ٻن نِگاهُن جا
وَيا ٿي پار پردن مان
اکين ۾ عاشقي اُتري
دلين جا ديپ روشن ٿيا
مگر هُوءَ وڏ- گهراڻي جي
وڏيري راڄ راڻي هئي
جتي ڪنهن عشق جي آمد
غضب جي گار جهڙي هئي
مگر محبت مها هوندي
ٻنهي جي ٻار جهڙي هئي
اُھي شِو رات جي صدقي
وڃي ويچار ۾ ويٺا
مندر جي مورتيءَ اڳيان
اچانڪ ڪنهن ڪيو فائر
قتل ٿي ڪا وني ويئي
اُنهيءَ الزام ۾ عاشق
ڪيو ويو قيد ٿاڻي ۾
گذاري عمر گهاڻي ۾
جڏهن هو جيل مان نڪتو
سموري سونهن غائب هئي
اڇا اڌ سينڌ ۾ آيل
نوابي گهور گهاتو ڀي
ڏسڻ کان ڏور ٿي ويسُ
جهڏي جي جاگرافي جيئن
جواني جهور ٿي ويس
ڪُلهي تي لاش جوڀن جو
ڪڏھن بزار ۾ ڀٽڪيو
ڪڏھن فٽ پاٿ تي ڦٿڪيو
ڪڏھن هو پاڻ کي پائڻ
وڃايل واٽ تي وڄکيو
اچانڪ رات آڌيءَ جو
امڙ جي ياد ايندي ئي
وريو هو ڳوٺ ڏي واپس
مگر ماڻَس مري ويئي
ٻَري ۾ ئي ٻَري ويئي
چون ٿا هاڻ سو چريو
اُھو سگريٽ جو عادي
چٻاڙي چرس کائي ٿو
موالين سان مزارُن تي
ٺري جي هر ٺڪاڻي تي
نشي لاءِ ھاڻ ناڻي تي
کپائي خُون ٿو ويٺو
مري ويل ياد ماضيءَ جي
ڪري مدفون ٿو ويٺو،


___
امر ساهڙ

رَنگ هوليءَ رات جي هر چيز کي ،
ڳوٺ ڀر سان ڳاٽ تي ڌوتو پَئي .
ماڪ جي پوشاڪ پائي پاڻ کي ،
سامروٽيءَ ساٽ تي ڌوتو پئَي .
بوسڪيءَ جهڙو بدن ڪنهن بانورو ،
چاندنيءَ چمڪاٽ تي ڌوتو پئَي .
وَار کُليل واءَ ۾ وِکريا پئَي ،
وائلو هن واٽ تي ڌوتو پَئي .
ڇاڇري کي ڇينٽ وانگر ڇوڪري ،
ڍولئي لئه ڍاٽ تي ڌوتو پَئي .
هر ڏسا هٻڪار آهي ٿي وئي ،
بت جوانيءَ جاٽ تي ڌوتو پئي

_____
امر ساهڙ

”هِئين تماشو ڪيسين ٿيندينءِ.....!!امر ساهڙ


آئون ڪوئي ڪردي ناهيان،
دنيا جو ڪيئن ڌيان ڇڪايان؟
آءُ مُسافر پنڇيءَ وانگي،
جنهن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي،
مُنهنجو ڪهڙو تعارف ماتا!
مُنهنجي ڪا به سُڃاڻپ ڪانهي،
آءُ مِٽيءَ جو رانديڪو هان،
واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان،
جيڪو واءُ مِٽائي ويندو،
مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟
مون وٽ سائي شرٽ به ناهي،
مُنهنجا پير اُگهاڙا آهن،
مون وٽ ڪوئي بوٽ به ڪونهي،
جنهن ۾ ڪو جوراب هُجي ها،
صحرا ڪوئي سمنڊ به ڪونهي،
جنهن ۾ ڪو غوراب هُجي ها،
جيڪو مونکي پار اُڪاري،
آيل! آءُ اڪيلو آهيان،
ٻَرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان،
جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر،
صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي،
ڌرتيءَ تي ڪو راڄ ته ڇا پر،
مون وٽ پنهنجو پَڊُ به ڪونهي،
جنهن تي ڪوئي جهوپو اڏجي،
جنهن مان ڪو نه ڪڏهن ڀي لڏجي،
مونکي لوڪ تڙي ٿو تڙ تان،
”ڀَڄُ پَري ٿِي اوءِ اڌُوتا!
ٿوري! تون مان ڌپَ اچي ٿي،
پٽيا! تون ته پليتُ به آهين“!
مسجد مون تي ممنوع آهي،
مندر ۾ به اجازت ڪونهي،
مون سان ڪا به رعايت ڪونهي،
دانگيءَ تي ڪو نانءُ به ڪونهي،
نانءُ ته ڇا پر ٿانءُ به ڪونهي،
جنهن ۾ پاڻيءَ لپَ پيئان مان،
اِئين ڪُتي جيئن ڪئين جيئان مان؟
اَڪَ پُڙي ۾ اَڇَ پنان ٿو،
ڳڻتين جاڄڻ ڳچَ ڳنان ٿو،
مون لئه سڀ کان مُقدس آهي،
تنهنجي هَنجَ حياتيءَ جهڙي،
ليڪن ٿڃ سُڪي وئي ماتا!
تُنهنجي ڪو نه ٻُڌي ڪنهن داتا،
آيل! ساهه اُڌارا آڻي،
وينٽي ليٽر تي نه تڳائي،
مونکي دل سان موڪل ڏي تون،
آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان،
هڪڙو وچن وٺان ٿو تو کان،
ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان،
غربت جهڙي گار نه ڄڻجان،
تو کي ڪوئي حاتم طائي،
هڪڙو سير اٽي جو ڏيئي،
اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏيندو،
اُن کان تون تذليل ڪرائي،
پنهنجي لاءِ درد پِرائي،
هيئن تماشو ڪيسين ٿيندين،
زندهه لاشو ڪيسين ٿيندين!!؟

نڪتي نينگر چانڊوڪيءَ ۾ ،
وهنتا منظر چانڊوڪيءَ ۾ ،
ننڊ پُڄاڻان نيڻ ڏسن ٿا ،
سپنا سُندر چانڊوڪيءَ ۾ ،
ڏياريءَ جي ڪنهن رات مِٺيءَ جا،
مُرڪيا مندر چانڊوڪيءَ ۾ ،
وڻجارن جي واٽ تڪي ٿو ،
ڪيٽي بندر چانڊوڪيءَ ۾ ،
ڪير لڪائي پير اچي ٿي ،
پاري ـ ننگر چانڊوڪيءَ ۾ ؟
نوريءَ کان پو ناهي مُرڪي ،
ڪڏ هين ڪينجهر چانڊوڪيءَ ۾ !

____
امر ساهڙ

سانولڙي جي سار اچي ٿي ،
لڙيو لڙُڪن لار اچي ٿي .
ننڊ اچڻ سان نيڻن ـ ٿر تي ،
سپنن جي وسڪار اچي ٿي .
ڪارا ڪارونڀار ڪُلهن تي ،
وينگس ڇوُڙي وار اچي ٿي .
منُد جهُڙالي مينهوڳيءَ جي ،
کڻيو ننڊ خمار اچي ٿي .
تنهائيءَ ۾ ياد پرينءَ جي ،
ٻانهون ٺاهي هار اچي ٿي .
“امر” ! اگُهاڙي جيون ـ رڻ م ،
ڏات پکيڙي ڏار اچي ٿي .

_____
امر ساهڙ

Popular Posts

Like us on Facebook

Flickr Images