مِينهن وسندو رهيو

مِينهن ۾ هوءَ مِٺي ، پئي کِلي ۽ پُسي،
آنءُ ڏسندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

هن جي جوڀن سندي، حُسن جي مينهن ۾،
آنءُ پُسندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

عشق جي آڳ آ، جا وِسامي نه ٿي،
آنءُ جلندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

مينهن ۾ نينهن جا، زخم تازا ٿيا،
آنءُ لڇندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

مينهن ۾ لُڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لِڪي،
آنءُ روئندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

منهنجي هستي مِٺي ! آ جهُريل جهُوپڙي،
آنءُ ڊهندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

مِينهن جي گائڪي، مِينهن جي شاعري،
آنءُ ٻُڌندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

شعر ائن ٿا اچن، ڄڻ ڦڙيون ٿيون پون،
آنءُ لِکندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

*****
مسرور پيرزادو

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم