منهنجو خوابُ تون،

منهنجو خوابُ تون،
لا جـَـوابُ تون.

هوشُ ڪيئن هجي؟
بي نقابُ تون!

هر خيال ۾،
انقلابُ تون.

گامَ گامَ تي:
ڪاميابُ تون.

مان گناهـُـه هان،
۽ ثوابُ تون.

مان ٻـُـڙي ٻـُـڙي،
بي حسابُ تون.

منهنجي سامهون:
ڄڻ جنابُ تون.

سـَـوَ سوالَ مان،
هـِـڪُ جوابُ تون!

***
آثم ناٿن شاهي


تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم