ہفتہ، 28 نومبر، 2026

دادن فقير: تدارڪ ڪير ڪري



جن توتئون فِدا تن من کي ڪيو ڏس تن جو تدارڪ ڪير ڪري،
جيئرا نہ ملن ٿا جيئرن سان، مُردن جو تدارڪ ڪير ڪري.

لقمان بہ تون تہ مسيح بہ تون، مون لاءِ حڪيم طبيب بہ تون،
توکان بہ دوا دارون نہ ملي، دردن جو تدارڪ ڪير ڪري

ھڪ ناھي مرض جو ماٺ ڪجي، ھتِ حاجت ناھي حسابن جي،
زخمن جو تدارڪ ڪير ڪري، زھرن جو تدارڪ ڪير ڪري.

سنگتي نہ رھيو ساٿي نہ رھيو پانڌي نہ رھيو ڪانڌي نہ رھيو
لاوارث لاش ٿيو عاشق جو مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري

قمري نہ رھي، ڪوئل نہ رھي، بلبل نہ رھي، گل ڀي نہ رھيو
مالھيءَ بہ خزان ۾ رخصت ڪئي، گلشن جو تدارڪ ڪير ڪري.

دل ڀي نہ رھي، جان ڀي نہ رھي، جنھن صورت ۾ تون ڀي نہ رھين،
تنھن صورت ۾ "دادن" ڇا ڪري، دادن جو تدارڪ ڪير ڪري.

0 تبصرے:

پنهنجو تبصرو لکو: