اتوار، 4 مارچ، 2012

جيڏهن ڪيڏهن جوت - استاد بخاري


جيڏهن ڪيڏهن جوت، اوندهه تي اُڀري پئي،
ڳاڙهانجي ڳڻ-ڳوت، ميرانجهي ميٽي پئي.
*
اُڀ وٽي ڍيرو، لاڳيتو ڏينهن- رات جو،
 ڌاڳو آڌيرو، اونداهو ۽ سوجهرو.
*
انڌي اوندهه کي سڏي، نوتو1 ڏنو نُور:
ڏائِڻ تنهنجو ڏيِکرو، نابودي، ناسُور،
ڏاڍو توکان ڏُور، نئون نُور نِڱي چُڪو.
*
نياپو ڏئي نُورُ، ڌونڌاڙي انڌارِ کي:
پالو نُورَ نڪور سان، روُنجهي2 تنهنجو جهوُر،
تازو، ڏاهو توُرُ، گهر گهر تنهنجي گهات ۾.
*
گهر گهر تنهنجي گهات ۾، اونداهي آهي،
اُجيارو ”استاد“ پيو، ڪارنهن تي ڪاهي،
نُورُ اهو ناهي، جوت جياري جو نه ٿو.
*
’ڪيڏي ڪوڙهي رُگهه‘، چِٽِن چيو چيٽَ وٽ،
’آڏو اوندهه گهگهه‘، آڌيءَ آکيو باکَ کي!
*
جهنگل ڳولين جوت، اندر آهڳ، اُهاءُ!
ٻُڌين ٻاهر ٻول ڇا، پِنڊي ۾ پڙلاءُ،
ٻهران اندر آءٌ، اندران ٻاهر اوت ڪر!


***
استاد بخاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *