منگل، 1 جنوری، 2019

نئين سال جو تحفو

استاد جي ارداس، نئين سال جو تحفو
مايوس کي ڏي آس، نئين سال جو تحفو

پرڀات جي پردي ۾ ڪري بند مُڪو آ،
اڌ رات ڏي آڪاس، نئين سال جو تحفو

ڪي_ٽُو کي ملي برف، مليا سج کي بادل،
۽ ٿر کي ملي تاس، نئين سال جو تحفو

تخريب ۽ تعمير ڀريو ٿالهه ورهائِن،
هي وهم هي وشواس، نئين سال جو تحفو

کڻ صبح سويري سان نئين نُور جا ڪرڻا،
وٺ واءَ وٽان واس، نئين سال جو تحفو

استاد جي تقرير ۽ تحرير ۾ آهن،
احساس ئي احساس، نئين سال جو تحفو

استاد بخاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *