پیر، 31 دسمبر، 2018

هرڻين جيئن حُسن جون اٿئو محبتون،
وحشتن ڏي انهن کي ڊُڪايو متان.
اڄ ٽِڙيو ڪوبه احساس ناهي ڪٿي،
اڄ ته سُرمون اکين لئه گُهرايو متان.
رات جوڳيڻ لڄاري جيان ڪونه آ،
جيءُ اڻموٽ جوڳي رُلايو مان
اڄ ھوا ۾ رُلي ٿو وڇوڙو رُڳو ،
اڄ هوا ۾ پگهر کي سُڪايو متان
وقت وِڌوا جي در تي سُمهي آ رهيو،
چنڊ کي ڪو قصو اڄ ٻُڌايو متان
ٻارڙين سان زنا جي هَلي پئي وبا،
ديپ پنهنجا درين مان اُجهايو متان.
ڪنهن جو زوري پيو پَرڻو ٿِئي ڳوٺ ۾،
ٽھڪ پنهنجو ڪٿي اڄ اُڏايو متان
بي ضميريءَ کي ناهي رَسو ڪو وِڌَل،
ڪنڌ ڀُلجي ڪٿي ڀي جُهڪايو متان
آئون ٿوهر کي ڀاڪر ڀَرڻ ٿو وڃان،
اڄ گهُرايو متان ، اڄ پُڇايو متان.

****
ايوب کوسو

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *