اتوار، 13 اکتوبر، 2019

جنهن به ڪمپوز ڪئي، بي دلي سان ڪئي.

جنهن به ڪمپوز ڪئي، بي دلي سان ڪئي.
زندگي پروف ريڊنگ جي غلطي لڳي!

دوستيون، مائٽيون، ٽاڪُئانۡ ڀرم هئا:
ڌُوڙ رشتن جي هر پل اکين ۾ چُڀي!

پنهنجا مسلڪ سنڀالي رکو پاڻ وٽ!
مسندن، گادين خُوب ڪئي گندگي!

روز هڪڙي نئين خواب جي قسط تي:
پاڻ پنهنجي سموري حياتي ڏني!

سينه ڪُوبي ۾ مون ساڻ شامل رهيو:
وقت جو ترجمانۡ ھڪڙو گهڙيال ئي!

ايئن تعصب وچان رد ڇو ٿا ڪريو!
ڪُجه ته هوندو چڱو, آئين-اڪبري!

سنک مسجد اندر, ٻانگ مندر منجهان:
مان سُڻان, آس اهڙي سدائين رهي!

زندگي! تو گهڻن کي ڏنيون حيرتون:
دل گُهري ٿي ته ڏيان توکي حيرانگي!

ساري جڳ کي ڀري هڪڙو ڀُونڊو ڏئي:
دل چوي ٿي ته "آسي!" ڪجي خودڪشي!

آسي زميني

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *