بدھ، 5 مئی، 2021

وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قدم ٖ
شاعري صدقي ٿئي توتان صنم !
وار لهرائن ٖ يا جهُولن ٿا جهنڊا ٖ
تنهنجي قد بت جا قصا اوچا علم .
تنهنجي ڪُرڪڻ تي ڪڪر ڪاراٽجن ٖ
تنهنجي مُرڪڻ جا کڻن کنوڻيون قسم .
ھر چٽائي تنهنجي چهري ۾ پسان ٖ
تنهنجي ڀر ۾ ٿا وڃن رھجي ڀرم .
ھڪ گهڙي اُکري ته ٻي مُهري مٿان ٖ
زندگي اھڙيءَ طرح گذري اٿم .
بات بنجي جوت ٖ جُڳ جُڳ ٿي جئي ٖ
بُت برابر ٿا بخاري ٿين ڀسم .

استاد بخاري
توکي دَردَ دل جا ٻُڌايان ته ڇو؟
ڪنول گل کي شعلا بڇايان ته ڇو؟
ڪچهري ۾ تنهنجي ڪڇان دل جليو ڇا ٖ
غاليچي تي ٽانڊا وڇايان ته ڇو؟
نه سڏڪو سَچو ٿا نه ٽهڪو سچو ٿا ٖ
لڇايان ته ڇو دل نچايان ته ڇو؟
پُڇڻ درد کي دل لڳي ايندي آ ٖ
مان زخمي ملم کان لنوايان ته ڇو؟
تون غمخوار منهنجو سڏائين نه ٿو ٖ
مان غمگين تنهنجو چوايان ته ڇو؟
خيالن ۾ ھڳساڻ ازخود ئي آ ٖ
گلابن کي خوشبو لڳايان ته ڇو؟
مان سنسار ساميءَ ۾ ڇا لئه سمهان ٖ
سمندر کي گهاگهر ۾ نايان ته ڇو؟
علادين انڌو اَجل ٿيو اچي ٖ
اٿم عزم دودو ٖ لنوايان ته ڇو؟
مري پو به محفل ۾ روئان ٖ کلان پيو ٖ
بخاريءَ کي بي حس بنايان ته ڇو؟

استاد بخاري
جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات
رَڳ رَڳ ۾ پئي نينهن نچايو عمر سڄي هڪ رات
جهولڻ جهومڻ، موجون ماڻڻ جي هُوءِ هڪڙي رات
وڇڙي وئي پر چَمڙي وانگر، روح کي چنبڙي رات
جڳ جڳ جا جذبات کڻي اهڙي ته لنگھي هڪ رات
ويندي ويندي يار اسان جي عمر ونگي هڪ رات
ڇا ته اڱڻ تي بادل، کنوڻيون کيڏيون ساري رات
رِم جِهم رِم جِهم برسي مِٺڙي بوسن جي برسات
ڏينهن تي آهي شينهن گجي ٿو، رات به ناهي سانت
ڏيڏر، تِڏيون، چٻرا، چمڙا باتيون ڀانتين ڀانت
ڏينهن تتو ڄڻ صبح ٿڌو ۽ ڀنڀ سُمهڻي باک
چاهت آهه ته چيٽ لڳي ٿو پوهه ڪتي ويساک

استاد بخاري

نه سري نه سري نه سري

نه سري نه سري نه سري
منهنجي سونهن سوا نه سري.
جا عشق جهجهڙ ٻاري سا آڳ اندر واري،
نه ٺري نه ٺري نه ٺري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.

اڌ رات تڪيان ڪتيون پرڀات چمان مکڙيون،
سپنا جي ڏسان ته پري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.

ڪوچنڊ ڪٿي ناسيو ڪو ويس ڪٿي واسيو،
دل باسي باس وري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.

استاد اداسائي ڪا آس کڻي آئي،
دل کولي ديد دري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.


_______

استاد بخاري

غزل : منهنجي عمر وئي

ھڪ تون بي چئي ٻي دل بي چئي
ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي
 
اکيون توکي ڏسن اٿڻ جي ڪين ڪن
عجب تن کي عادت وجهي تو ڇڏي
ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي

دل کي منٿون ڪري مس ھٿيڪو ڪيم
تون جي مرڪيئن ته ھٿن مان ڇڏائي وئي
ھار ڪنهن نه مڃي منھنجي عمر وئي

سونهن جي سرڪ جا ٿو مان پيالا پيان
لڙڪ ھاري اوتاري ڌڪاري ڇڏئي
ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي

*****
استاد بخاري

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *