پیر، 31 دسمبر، 2018
اتوار، 25 نومبر، 2018
حيرانيون
منگل، 7 جون، 2016
غزل
راز تنهنجيءَ اُڀاري نهارن ڇڏيا،
گل سمورا وساري بهارن ڇڏيا!
ڌُوڙ هئا اوچتو خواب هولي ٿيا،
رنگ ايڏا ته تنهنجي خمارن ڇڏيا!
تاب آرس جي آڪاش لوڏي ڇڏيو!
نيڻ پنهنجا جھُڪائي ستارن ڇڏيا!
پير ڇولين سان تنهنجا پُسيا دلربا،
حال پنهنجا وڃائي ڪنارن ڇڏيا!
اڄ به حيران پوپٽ اُتي ٿا رهن،
تنهنجي هٿ جي جتي ها اشارن ڇڏيا!
واس وارن جو آ، يا چنبيلي ٽڙي؟
چنگ لاهي چپن تان ڌنارن ڇڏيا.
.....
ايوب کوسو
غزل
ڇاتيون ڇيرا ڇيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
واٽون ٻيرا ٻيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
ارغونن جيئن ماٺ هينئين تان گذري ٿي،
اونڌاهين جا گھيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
چانڊوڪين سان زخم اُگھيان ٿو خوابن جا!
جھُڙ ۾ تنهنجا پيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
راڻاسر جو تاڙو تاڙو تڙپي ٿو!
ٻاٻيهن جا ڦيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
اوڄاڳن جي ٽارين ۾ ڪٿ گل ناهن!
يادن جا آکيرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
تنهنجي مُرڪن کي هو ڌوئڻو رڻ رڻ کي!
منظر ٿي ويا ميرا آهن، ڪيڏانهن وئين؟
٭٭
ايوب کوسو
نظم و
معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي هُئين، مان اِتي ئي هئس.
سج ڳوٺن مٿان ڪنهن پکيءَ جيئن لٿو،
آرسين ۾ اکيون ڪيئن ٻُڏيون ۽ تَريون،
واءُ ماتم جيان پئي وطن ۾ ڦريو!
تُن اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
مينهن پيئندڙ مٽيءَ تي نشا ڪيئن چڙيا،
جوڳيانڻين نموريون ڳُتن ۾ ڀريون،
ڇيڳرين سان ٻيائِي ٻکن ۾ سُتي،
دؤر چُئانتيون هزارين هڏن تي رکيون،
تون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هئس!
سانجھه دُونهين کي ڀاڪر ڀري وئي اُجھي،
مندرن ۾ به ڏيئا گھڻا ئي ٻريا!
ماٺ جي باھ ۾ وئي پُڇا ئي سڙي،
سمنڊ بي خواب ٿيو، شهر ڏاڍا ٺريا.
بانسرين ۾ اُداسيون اُجھل ٿِي لُڏيون،
ڄڻ درياھ اگھاڙي جون ڇوليون هجن.
بيوسيءَ جو ڊگھو قد ننڍو ڪو نه ٿيو،
هُل به هر هر ٽِڙيا، ڄڻ پروليون هجن.
وقت قرضي ڪنهن ڪولهي جيان هت رُليو!
منهنجا محبوب سالون لنگھي ويون هتان،
جن جي سيني منجھان ڪونه گُل ڪو ڦُٽو!
پنهنجا ڀاڪر مسافر نه ٻيهر گَڏيا،
عرش هيٺان ملڻ جو نه گس ڪو مليو!
پاڻ ڳوڙها به پنهنجا نه گڏجي اُگھيا!
عشق جي ديس ۾ معجزو ڪونه ٿيو!
تُون اِتي ئي هُئين، مان اِتي ئي هُئس!
پیر، 9 مئی، 2016
ٿر جو اُداس نظم
ٿر جو اُداس نظم
ايوب کوسو
ڀوڏيسر جي ڀُوري بُت تي،
ھُو جو ويندڙ جھُونو اُٺ تي،
پيشاني کي ھٿ تي تاڻي،
سِج ڏي گھُوري وقت لھي ٿو،
سُورج ڪائي ڳالھ ڪري ٿو!
۽ ھُو اڳتي پنڌ ڪَھي ٿو!
جنھن پل شام جي ڳاڙھي ڳل تي،
بئراجن جي وستين کان ھُو،
پنڌ ھوائون ھار بڻن ٿيون،
۽ ڪنھن تڙ جي جَر سان وھنتل،
وينگس ڪائي وار ڇنڊي ٿي،
ڄڻ ڪو دل جو بار ڇنڊي ٿي،
سخت ڦڻيءَ جي آڱرين مان،
ڪارن زُلفن مان جو وڇڙيل،
ڪاريون تندُون چار ڇڻن ٿيون،
موسم جو ويچار بڻن ٿيون،
۽ ھُو ڇڪڙي سان جو اُڏندڙ،
واريءَ جو طُوفان لُڇي ٿو،
جنھن کي ڏسندڙ ڳوٺ جا نينگر،
آڱرين سان ڪُجھ ته چٽن ٿا!
لَٽيل چھرا روز ڏسن ٿا!
ٿَڪ ۾ ورتل کوڙ مُسافر،
مُرڪن جا ڪي گُل ڇنڊن ٿا!
پر ڪي وِيندڙ چِيڪَن پويان،
نيڻن جا ڪي پنڌ کُٽن ٿا!
۽ سي ساڳيا نيڻ اُڃايل،
آڌيءَ ويلي چنڊ ڏسن ٿا!
يادن ۾ ھر بار لُڙھن ٿا!
چانڊوڪين جا چڪ چِڪن ٿا!
تنھن پل ٿر جو سارو جيون،
تنھن پل سنڌ جو سارو جيون،
خوابن جي تاريخ لڳي ٿو!
يادُن جي ڪا چيخ لڳي ٿي،
وقت نسورو درد لڳي ٿو!
وقت نسورو زرد لڳي ٿو!
نماڻو ڳوٺ تنهنجو آ لٿو جنهن تي سج آ هاڻي
اسان کي آ ڇڏيو رولي تنهنجي مومل انهي ماڻي
وڄي ٿو وقت ڇيرون ٿي ، کلين ٿي جنهن به تون ٽاڻي
رِليءَ ۾ آ سڳنڌ تنهنجي، اچي ڪيئن ننڊ پوءِ هاڻي
رڳن ۾ تون لهي پئو اڄ، سڀاڻي ڪير ڄاڻي
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه!
ايوب کوسو
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه
مون ظهر جو آهي ڍُڪ ڀريو،
هر ماڻهوء پنهنجي چونڊ کنئي
مون سنڌوء مان آ ٻُڪ ڀريو
مون توتي آيل پن ڇڻ جو،
آ رستو روڪيو شعرن سان
مون تنهنجي ڦاٽل زخمن کي
آ سيبو ارپيو نظمن سان
مون چاهيو آ هر بار اهو
بيتاب گسن ۽ گهاٽن تي
هو بانورڙيون ، هي سانورڙيون
سڀ ڪُلهن لاڙي ڪيس گهمن
مخمور انبن جي ڇانون ۾
جُهولن تي جوانيون خوب لڏن
ٻيڙين ۾ سدائين ديپ ٻرن
سنڌوء جي جواني مست رهي
ڳلڙن تي حيا جا رقص مچن
هر سپني کي ڪو ناز ملي
سڀ ٻانهون تازا هار ٿين،
هر خوشبوءَ کي آواز ملي!
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه
مون هٿ ڪڙين تي چپ رکي
آ پاتو پنهنجي ٻانهن ۾
جيئن تنهين ڪارين پلڪن کي
ڪا چانڊوڪي مدهوش چمي!
مون اوندهه جو آ ڏنڊ ڀريو
جيئن تنهنجن ڳاڙهن ڳلڙن تي
ڪا اجري ڳاڙهي باک ڦٽي
اي سنڌ امڙ تون ساکي رهه!
هوا کي ناز ڪيڏو آ ، انبن جو ٻُور پئي ڇاڻي
نماڻو ڳوٺ تنهنجو آ لٿو جنهن تي سج آ هاڻي
اکين ۾ باک آرهڙ جي ، چپن تي مُرڪ جا پوپٽ
اسان کي آ ڇڏيو رولي تنهنجي مُومل انهي ماڻي
نظر جي قافلي ۾ آن ، چوان ڪيئن فاصلي ۾ آن
وڄي ٿو وقت ڇيرون ٿي ، کلين ٿي جنهن به تون ٽاڻي
رنگن ۾ خواب هن پويل سِبيا هن تو سوين ماڻا
رِليءَ ۾ آ سڳنڌ تنهنجي، اچي ڪيئن ننڊ پوءِ هاڻي
چئي ڇڏ جو به چوڻو آ، بهانن کي ڀلائي ڇڏ
رڳن ۾ تون لهي پئو اڄ، سڀاڻي ڪير ڄاڻي
:
ايوب کوسو
جمعہ، 23 اکتوبر، 2015
ضروري ته ناهي
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،
جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي!
وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي!
ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي،
ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي،
پَني جي چپن تي هِي لکجي ته جانان،
ها توکان سواءِ اڌورو مان آهيان!
۽ لکجي ته مونکي ڀنل شام ٽاڻي،
گهڻو ياد ايندي، ها ايندي تون آهين!
ضروري ته ناهي جو ساحل تي وڇڙي،
وري ڪنهنجي پيرن جي خوشبوءَ جو پُڇجي!
۽ آڌي جو تنها ٿي رستن تي رُلجي!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو دل جي شهر جي سڄي هيڪلائي،
ستارن جي دل کي ٻڌائي به ڇڏجي!
ضروري ته ناهي جو پاڳل هوا کان،
کِلي ڪنهن جي زلفن جا احوال وٺجن!
ٿُڪي پنهنجي رَت کي رڳو خواب اُڻجن،
کڻي يادگيرن جا خيما اُڌارا،
ٿڌين موسمن ۾ ٿڌا ساهه کَڻجن!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو وڻجاري قدمن جي ڪنولن تي سوچي،
گلابن جو پتيون هٿن ساڻ ميڙي،
ٻه ٽي لُڙڪ هاري ڪتابن ۾ رکجن،
ڊگها درد مَن جي اکين ساڻ ٻکجن!
۽ الڪن جي ڪاري ايامن جي بَرَ ۾،
رڳو نيڻ اُگهجن، رڳو لفظ گُهٽجن،
او ڍوليا او جانم! ضروري ته ناهي،
جو ماڻهو اجايو پٿر تي نسورو،
کڻي خاص موسم جي آرن ۾ وڇڙي،
۽ وڇڙڻ لئه ڪوئي بهانو به گهڙجي،
گهڻي دير تائين ٿِي سگريٽ سَڙجي،
او دلبر پيارا ضروري ته ناهي.
--
ايوب کوسو -- گلابن جو ڪفن
منگل، 16 جون، 2015
اوهان جا هئا پر ٺڪاڻا گهڻا.
رُلي ويون اُميدون اڪن تي ڪِري،
مليا ڪونه مُرڪڻ جا ٽاڻا گهڻا.
نِهارن کي ماري ڇڏيو مقتلن،
ٺري ويا شبابن جا ماڻا گهڻا.
چُمي وئي چپن کي چُمي نيرڙي،
جهڪا ٿي ستارا اُجهاڻا گهڻا.
ڇڏي ڏي ٻين جا حوالا پرين،
پتو رک ته پنهنجا وِڪاڻا گهڻا!
ڪيوسين مِٽي سان وفا جو وچن،
کُلي ويا اسان لاءِ گهاڻا گهڻا!
****
ايوب کوسو
رڳو حسرتون پيون اندر ۾ ڇُلن!
چون ٿا اکين ۾ اوهان ٿا رهو،
الئـ ڇو پيون ڳالهيون گسن ۾ هُلن!؟
اوهان ڪالهـ جن کي اندر ۾ رکيو،
اُهي نيڻ هاڻي پيا رِڻ ۾ رُلن!
گهرن ۾ اُداسين جو ميڙو متل آ،
درن تي گُلن جون وليون پيون جُهلن!
اُهو ڪنڌ جيڪو جُهڪاڻو نه آ،
ڪُهي آ اُنهيءَ کي ڇڏيو ڪاڪُلن!
تڏهن ڙي نظر تي اچڻ جي ڪجئو!
اچي هيل جنهن ويل هيرون گُهلن!
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڪٿا جا فرق اُلرن ٿا
اڌوريءَ عاشقيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
هُجي ڄڻ ٻار جو لاشو
وڇوڙيل ڪونج لئه ڪاڇو
اڪن تي رات اونداهي
گٽر ۾ چنڊ جو پاڇو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
گگهي جي گهير جو سُڏو
اُگهاڙي پير جو سُڏڪو
دريا جي سُوڪ جو منظر
اڪيليءَ ٻير جو سُڏڪو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
سفر جي راهه ۾ رِڻ پٽ
پُسيل برسات ۾ ڪونڀٽ
سِتارو آخري اُڀ جو
هٿن ۾ ٻار جي پوپٽ
قبر تي چاندنيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
جمعہ، 20 فروری، 2015
هٺيلو ٽهڪ ڇا نڪتو کڻڻ سڀ ڳاٽ ڀلجي ويا.
چني جو پاند ڇا اڏريو ڏسائون مهڪ ۾وهنتيون،
ڦٽن تي تازگي آئي هينئان گھرگھاٽ ڀلجي ويا.
چون ٿا هيل رستن تي ٽڙيل ڪوڪا گھڻا آهن،
اچڻ وارا هليا آيا ٻنن تي ٻاٽ ڀلجي ويا.
انگوري رات آگم جي هوا جي گيت تي بندش،
چڳن جي ياد ڇا آئي بدن ٻوساٽ ڀلجي ويا.
عقابن جي وراڪن جو لڳن ٿا جاڳ ۾ جلوو،
انهن کي ڪير روڪيندو جي ڦاهي گھاٽ ڀلجي ويا.
ائين ناهي صفا ممڪن نه ايڏو عشق آ ڪوڙو،
مڃان ڪيئن يار جا پايل ڪرڻ ڇمڪاٽ ڀلجي ويا.
ڪنوارا جسم شيشي جيان ٽٽا آواز اجري ۾،
وڪامي وقت جا مورخ اهي ٽڙڪاٽ ڀلجي ويا.
بمن جي بارشن ساڙي ڇڏي آ حسن جي حرمت،
امن جا نيٺ سڀ جھنڊا نوان ڦڙڪاٽ ڀلجي ويا.
ايوب کوسو
ڀريو ڀاڪرن ۾ تڏهن بيقراري،
ٽڙي پيو افق تي جڏهن رنگ ريٽو
تڏهن ذهن تنهنجي چني آ سنڀاري،
ايامن جا آگم ائين ئي وسي ويا
رڳو آسرن تي اسان دل ڌتاري،
هوا جي بدن ۾ ٽڙي مهڪ آئي
ڪٿي سينڌ تو آ لڳي ٿو سنواري،
اهي نيڻ پنهنجي نه وس ۾ رهيا هن
کسي ننڊ وئي ٿن نظر ڪا ڪنواري،
انهي ڪاڻ اڌ ۾ ڇڏيون سين بهارون
متان ڪوئي سمجهي ته ڪئي سون غداري
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
ايوب کوسو
ڀلي آزمائي ڪو ڪاتي وڏي.
دريائن جي ويجھو رهياسين اڃايل،
ڪئي وقت ويساه گھاتي وڏي.
اڃان هو اندر جي شهر ۾ رهي ٿي،
اڃان هن لئه دل آهي آتي وڏي.
اها آ اسان جي اميدن جي خو شبو،
وري جنهن سڳي آهي پاتي وڏي.
پرين زرد موسم نهوڙي ڇڏيندي،
ائين دير جيڪر تو لاتي وڏي.
وڇوڙن کي آخر سنڀالي به وٺبو،
رهي پيار جي شل حياتي وڏي.
ايوب کوسو،
ڪٿي ڪوئي اڃايل آ ڪٿي ڪوئي وڃايل آ.
گلابن جو قسم آهي اڃان ڀي عشق گھايل آ.
ڪٿي زنجير پيرن ۾ ڪٿي زنجير ذلفن ۾،
ڦلهوري ڇا ڪندين شاعر هتي هر دل ستايل آ.
خبر ناهي مسافر ٿي اويلو ڪو اچي تو ڏي،
جھڳي ۾ ڇو ڀلا تنهنجو اڃان ڏيئو اجھايل آ.
خماريل رات جون نظرون امبر تي چنڊ جو پهرو،
اکين مان ننڊ وئي اڏري پرين جو خيال آيل آ.
ڇڏي ٿي ٽهڪ هو ڇوڙي وڃن ٿا پهر پاڳل ٿي،
لڳي ٿو سونهن جو ساگر سڄو هن ۾ سمايل آ.
ڀلي هو بيرخيون تاڻي محبت کي ڇڏي ڇاڻي،
اسان جي دل ته هن جي پوء به واٽن تي وڇايل آ
(ايوب کوسو)
اوچتو ئي قربتون گھٽجو وڃن،
وقت جي ڪاون مٿان اڪثر هلي.
عاشقي جي آرسي کي بي حسي.
نيٺ داغن سان ڪيو ميرو ڇڏي
بيوفائي کاٽ خوابن جو هڻي
ڪونه ٿي پنهنجو ڪٿي پيرو ڇڏي
روز راهن ۾ وڃن نظرون ٿڙيو
درد ڪيئي روح ۾ وچڙيو پون،
منظرن تي سوڳ جا پاڇا ڏسي
خيال ڪيئي ذهن ۾ اجڙيو وڃن
هونئن ته ٽارين تي ٽڙن ٿا روز گل
پر لڳي ٿو آهي خوشبو دربدر
سرد آهن ۾ ٽڪيل ڪا شام آ
ٽهڪڙن جا ويا ٽٽي آهن اندر
اجنبي انداز هن ماحول جا
روز زخمن جون ڪڙيون لاهيو وجھن
حسرتن جا باغ ڀيلي بيرخيون
ننڊ نيڻن جي سڄي ڇاڻيو ڇڏين
پر عجب آهي اڃا ڪيڏو اهو،
اذيتن جي هن ڊگھي سيلاب ۾
دل امنگن جو وطن ڳوليو لهي
ڪو جيئڻ جو روز فن ڳوليو لهي
ڀل کڻي ماحول ۾ آ بيحسي
پوء به دل کان ڪونه ٿي ٻاهر وڃي
چنڊ جهڙي چاه جي ڪا روشني
(ايوب کوسو)
( ٻڌو ٿم ته تو به وساري ڇڏيو )
دکن سان شناسي اڳي ڀي رهي آ،
ائين ئي اداسي اڳي ڀي رهي آ،
غاليچن کي پيرن ڏٺو ئي ڪٿي آ ؟
هڳائن جي ڦيرن ڏٺو ئي ڪٿي آ ؟
ڀنل شام جهڙو رهيو روح آهي
ٿڪل دل مسافر پٽيو ساه ناهي
خزائن سان ناتا رهيا ئي رهيا هن،
صفا نيڻ آتا رهيا ئي رهيا هن
گلابي سويرن ڏٺو ئي ڪٿي آ ؟
ڊگھيون سرد راتيون نيون ڪون آهن
اوجاڳن جون ڪا تيون نيون ڪون آهن
رڳو بس ڪنواري حقيقت اها آ
ته تون دل جي ڌڙڪڻ ۾ شامل رهين ٿي،
ٻڌو ٿم ته تو ڀي وساري ڇڏيو آ
چون ٿا ته ڏاڍي عجب ٿي وئي آن،
جيئن بارش دري جي وٿين مان اچي،
جيئن ويران کنڊر تي سانجھي لهي،
جيئن صحرا ۾ آڌي جو ڇيرون وڄن،
جيئن تارن جو پاڇو ندي تي تري،
جيئن رڻ پٽ ۾ ڪو گل ٽڙي ۽ ڇڻي،
جيئن گھر ۾ اڪيلو ڏيئو ڪو ٻري،
ٻڌو ٿم ته دل کي ائين تو ڪيو آ
ٻڌو ٿم ته تو ڀي وساري ڇڏيو آ ؟
او جانان اها ڪا نئين ڳاله ناهي،
سمونڊن ۾ طوفان ايندا رهن ٿا؟
۽ درياء ۾ ٻيڙيون ٻڏي ئي وڃن ٿيون،
ستارا به اڀ ۾ اجھامي وڃن ٿا
وڻن کي به پنڇي ڇڏيندا رهن ٿا،
گھرن ما به ماڻهو لڏيندا رهن ٿا،
پرين پو ء به جيون ته هلندو رهي ٿو
اکين ۾ به سپنا ته ايندا رهن ٿا،
گلابن جا گل ڀي ته ٽڙندا رهن ٿا،
او ڍوليا اها ڪا نئين ڳاله ناهي
تو جي وساريو ته ڇا ٿي پيو
تو جي وساريو ته ڇا ٿي پيو،
(ايوب کوسو)