چنڊ جي روشني واريءَ مٿان
،آ چُني چمڪندڙ ٿر جي ناريءَ مٿان
.چنڊ جي روشني ڄڻ ته واريءَ مٿان
!عشق تنهنجو الاڙي الڙ ڇوڪرا
.ڪيئي بهتان آيا ڪنواريءَ مٿان
،مون نه ڄاتو ته منهنجو پرين ٿو اچي
.ٻُٽ اجرڪ جي هئي جو سُنهاريءَ مٿان
،ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون ڄانڱريون
.ٻير ڳاڙها ته ڏس! چهچ ٽاريءَ مٿان
!"عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪئيه "راشـــــــــــــد
.لاهه ڏک سور ڌرتيءَ ڏکاريءَ مٿان
****
راشد مورائي
راشد مورائي لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
راشد مورائي لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
جمعرات، 5 مئی، 2016
منگل، 26 اگست، 2014
جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
۽ باهه ۾ ٻين جي پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان؟
رڳو نه مون تي بار آ،جي سچ چوان ته ڇو چوان؟
جڏهن به سوچيم،مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
______________
جڏهن به سوچيم ته آئون ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان؟
جي قوم آهه بيوفا ، ته مان به ڇو وفا ڪيان؟
غريب پاڻ لئه پاڻهي ، پيدا نه ڪربلا ڪيان؟
چيم ته ڪُنڊ ۾ رهي ، رڳو خدا خدا ڪيان!
ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
______________
۽ جڏهن سوچيم ، ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان،
ڀلي ته مان سڙان، پچان ، ٻين کي سک ڏئي سگهان،
ڀلي ته سر وڃي سندم ، ڀلي ته آئون دم ڏيان،
ٻيو اچي اچي نه ڪونه ، مان ئي ”راشدا“ اچان،
ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو ، ضمير واهه واهه ڪئي.
”راشد مورائي“

اتوار، 2 فروری، 2014
دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي
دل منهنجي پراڻي آهي جهڳي،محلات هجي ته وڻي توکي
هن برباديءَ جي بستي ۾ ڪا بات هجي ته وڻي توکي !
ماڻهن جي ڏسان ٿو نِيت بُري،هَٿ ۾ قرآن،زبان ڇُري
جي ڪڇ ۾ ڪات هجي ته هجي،ڳڙ وات هجي ته وڻي توکي!
تون ناهين مسيحا، جو جيارين،لقمان نه آن جو چاق ڪرين
بيمار ۾ چاڪ چڱي جهڙي،جذبات هجي ته وڻي توکي!
ڪي معنٰي جا موتي نه هوا، تو شعرن تي واهوا ه نه ڪئي
هيءُ سادي سودي ٻولي آ، ڪا ڏات هجي ته وڻي توکي!
گُم آهين تون ته نظارن ۾،ڪا شيءَ نه ڏٺئي اشعارن ۾
ڳوڙهن جو قدر توکي نه ميان! برسات هجي ته وڻي توکي
ڪو تيرن جو نه اثر ٿيندو، مان پاهڻ بڻجي ويو آهيان
ڪا مات هجي ته وڻي توکي، ڪا گهات هجي ته وڻي توکي
هِت پِٽڪو خالي پيٽ سندو،هِت رودن راشد غربت جو
هي ماتامين جي مجلس آ ، بارات هجي ته وڻي توکي

اتوار، 1 جولائی، 2012
ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون،
ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون،
ڪيئن ڇڏيان پنهنجي هٿان زلفن جي پاڇي جو سڪون.
مان به چاهيان ٿو گهمڻ ۽ خرچ جي پڻ کوٽ ناهه،
پر ملي پرديس ۾ ڪيئن تنهنجي پاڙي جو سڪون.
هي به گهر آهي خدا جو ڪا گهڙي کن ترس يار!
دل اندر ملندئي مٺا محبوب ڪعبي جو سڪون.
سم ڪلر وارن گهرن کي ڀو ٿئي برسات مان به،
مينهن سان واڳيل مگر آ ٿر ۽ ڪاڇي جو سڪون.
دل کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ شايد مزو ايندو هجيس،
ڪاٺ کي ڏارڻ ۾ جيئن هوندو آ واڍي جو سڪون.
اڄ وري بيچئن آ نازڪ بدن هو نازنين،
ياخدا، ڏئي ڇڏ پرينءَ کي منهنجي ڀاڱي جو سڪون.
’راشد‘ دل لائي رکبي هر طرح ڦهلاءَ ساڻ،
آ گل و گلزار بنجڻ ۾ ئي داڻي جو سڪون.
****
راشد مورائي
منگل، 29 مئی، 2012
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
***

جمعرات، 3 مئی، 2012
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان - راشد مورائي
مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
مون ڇانه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
هي قوم تي قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
ڪو اهڙو اوڀر اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
آ سچ ننڍو، ويهه ڳنڍو آ، هو بربت جيڏو ڪوڙو آ
هو ٽٽندو ٿوڙي ٽوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪئي چوڙو آ
هر واوَ اڳان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
- راشد مورائي

ہفتہ، 25 فروری، 2012
ڀٽائيء جو رسالو
سنڌيء ۾ ڪو مضمون ، مقالو نه هجي ها
ڪو لوڪ گيت ، بيت جمالو نه هجي ها
ڪو نثر نظم قوم کي ، زنده نه رکي ها
راشد ! جي ڀٽائيء جو رسالو نه هجي ها
***
ڪو لوڪ گيت ، بيت جمالو نه هجي ها
ڪو نثر نظم قوم کي ، زنده نه رکي ها
راشد ! جي ڀٽائيء جو رسالو نه هجي ها
***
راشد مورائي
سبسکرائب کریں در:
اشاعتیں (Atom)