استاد بخاري لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
استاد بخاري لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

بدھ، 5 مئی، 2021

وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قدم ٖ
شاعري صدقي ٿئي توتان صنم !
وار لهرائن ٖ يا جهُولن ٿا جهنڊا ٖ
تنهنجي قد بت جا قصا اوچا علم .
تنهنجي ڪُرڪڻ تي ڪڪر ڪاراٽجن ٖ
تنهنجي مُرڪڻ جا کڻن کنوڻيون قسم .
ھر چٽائي تنهنجي چهري ۾ پسان ٖ
تنهنجي ڀر ۾ ٿا وڃن رھجي ڀرم .
ھڪ گهڙي اُکري ته ٻي مُهري مٿان ٖ
زندگي اھڙيءَ طرح گذري اٿم .
بات بنجي جوت ٖ جُڳ جُڳ ٿي جئي ٖ
بُت برابر ٿا بخاري ٿين ڀسم .

استاد بخاري
توکي دَردَ دل جا ٻُڌايان ته ڇو؟
ڪنول گل کي شعلا بڇايان ته ڇو؟
ڪچهري ۾ تنهنجي ڪڇان دل جليو ڇا ٖ
غاليچي تي ٽانڊا وڇايان ته ڇو؟
نه سڏڪو سَچو ٿا نه ٽهڪو سچو ٿا ٖ
لڇايان ته ڇو دل نچايان ته ڇو؟
پُڇڻ درد کي دل لڳي ايندي آ ٖ
مان زخمي ملم کان لنوايان ته ڇو؟
تون غمخوار منهنجو سڏائين نه ٿو ٖ
مان غمگين تنهنجو چوايان ته ڇو؟
خيالن ۾ ھڳساڻ ازخود ئي آ ٖ
گلابن کي خوشبو لڳايان ته ڇو؟
مان سنسار ساميءَ ۾ ڇا لئه سمهان ٖ
سمندر کي گهاگهر ۾ نايان ته ڇو؟
علادين انڌو اَجل ٿيو اچي ٖ
اٿم عزم دودو ٖ لنوايان ته ڇو؟
مري پو به محفل ۾ روئان ٖ کلان پيو ٖ
بخاريءَ کي بي حس بنايان ته ڇو؟

استاد بخاري
جيوت جي سنگيتن جهڙي جهانجهه وڳي هڪ رات
رَڳ رَڳ ۾ پئي نينهن نچايو عمر سڄي هڪ رات
جهولڻ جهومڻ، موجون ماڻڻ جي هُوءِ هڪڙي رات
وڇڙي وئي پر چَمڙي وانگر، روح کي چنبڙي رات
جڳ جڳ جا جذبات کڻي اهڙي ته لنگھي هڪ رات
ويندي ويندي يار اسان جي عمر ونگي هڪ رات
ڇا ته اڱڻ تي بادل، کنوڻيون کيڏيون ساري رات
رِم جِهم رِم جِهم برسي مِٺڙي بوسن جي برسات
ڏينهن تي آهي شينهن گجي ٿو، رات به ناهي سانت
ڏيڏر، تِڏيون، چٻرا، چمڙا باتيون ڀانتين ڀانت
ڏينهن تتو ڄڻ صبح ٿڌو ۽ ڀنڀ سُمهڻي باک
چاهت آهه ته چيٽ لڳي ٿو پوهه ڪتي ويساک

استاد بخاري

نه سري نه سري نه سري

نه سري نه سري نه سري
منهنجي سونهن سوا نه سري.
جا عشق جهجهڙ ٻاري سا آڳ اندر واري،
نه ٺري نه ٺري نه ٺري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.

اڌ رات تڪيان ڪتيون پرڀات چمان مکڙيون،
سپنا جي ڏسان ته پري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.

ڪوچنڊ ڪٿي ناسيو ڪو ويس ڪٿي واسيو،
دل باسي باس وري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.

استاد اداسائي ڪا آس کڻي آئي،
دل کولي ديد دري،
منهنجي سونهن سوا نه سري.


_______

استاد بخاري

غزل : منهنجي عمر وئي

ھڪ تون بي چئي ٻي دل بي چئي
ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي
 
اکيون توکي ڏسن اٿڻ جي ڪين ڪن
عجب تن کي عادت وجهي تو ڇڏي
ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي

دل کي منٿون ڪري مس ھٿيڪو ڪيم
تون جي مرڪيئن ته ھٿن مان ڇڏائي وئي
ھار ڪنهن نه مڃي منھنجي عمر وئي

سونهن جي سرڪ جا ٿو مان پيالا پيان
لڙڪ ھاري اوتاري ڌڪاري ڇڏئي
ھار ڪنهن نه مڃي منهنجي عمر وئي

*****
استاد بخاري

منگل، 1 جنوری، 2019

نئين سال جو تحفو (2)

هي ذلف هي زنجير، نئين سال جو تحفو
هي نيڻ تکا تير، نئين سال جو تحفو!

مشتاق ڏي معشوق ڪڍي موڪلي آهي
منصور جي تصوير، نئين سال جو تحفو!

خوشبو جي آلاپ ۾ بدبوءِ جو نياپو
هت آئي کڻي هير، نئين سال جو تحفو!

هڪ هٿ سان رکي وقت ڦٽن تي مرهم
ٻئي هٿ سان ڏنئين جهير، نئين سال جو تحفو!

پر سال مڪا مير، دلاسا ڪئي ٿر ڏي
تعويذ ڏنس پير ، نئين سال جو تحفو!

ٿا باز چون مور اسان ساڻ ملايو
ٿا نانگ گهُرن کير، نئين سال جو تحفو!

سنسار کي پيغام ۾ ”استاد“ ڏئي ٿو
انسان جي توقير، نئين سال جو تحفو!

استاد بخاري

نئين سال جو تحفو

استاد جي ارداس، نئين سال جو تحفو
مايوس کي ڏي آس، نئين سال جو تحفو

پرڀات جي پردي ۾ ڪري بند مُڪو آ،
اڌ رات ڏي آڪاس، نئين سال جو تحفو

ڪي_ٽُو کي ملي برف، مليا سج کي بادل،
۽ ٿر کي ملي تاس، نئين سال جو تحفو

تخريب ۽ تعمير ڀريو ٿالهه ورهائِن،
هي وهم هي وشواس، نئين سال جو تحفو

کڻ صبح سويري سان نئين نُور جا ڪرڻا،
وٺ واءَ وٽان واس، نئين سال جو تحفو

استاد جي تقرير ۽ تحرير ۾ آهن،
احساس ئي احساس، نئين سال جو تحفو

استاد بخاري

منگل، 25 دسمبر، 2018

منهنجي سچيت سڪ جا پرچا تہ ڪو پڙھي! 
ديدن جا بيت دل جا دوھا تہ ڪو پڙھي! 
مونکي ڏيو منڌيئڙو ”مون“ ۾ رکيو ئي ڇاھي، 
ڪنهن جا جوان جيئرا جذبا تہ ڪو پڙھي! 
عنوان جانِ جانان، مضمون گيت گانا، 
اونهو اچي اندر جا، اُلڪا تہ ڪو پڙھي! 
سڀڪو سِٽون ڏِسيو ٿو معنيٰ سِڌي سَلي، 
ھا پر حوال دل جا حاشا تہ ڪو پڙھي! 
ڇا لَئي صليب ۾ آ، عيسيٰ کي ڪو سُڻي، 
ڇا لطف ڪشمڪش ۾، موسيٰ تہ ڪو پڙھي! 
ھُن جي حسين جادوءَ گهوگهيو، گُهٽيو گهڻو پر، 
استاد جي لڇڻ ۾ ”ڇو ڇا“ تہ ڪو پڙھي! 
***
استاد بخاري
ڪتاب: نه ڪم نبريو نه غم نبريو 

پیر، 24 دسمبر، 2018

چَيمُ جھڙي گُھران ٿو دوستي اھڙي پَڪي ناھي،
چيائين زندگي کان اڳ ٽۡٽي ايڏي ڪچي ناھي.
چيم مونکي الائي عشق پھچايو ڪٿي آھي؛
چيائين مون بہ پنھنجي جاچ اڃان پوري لڌي ناھي.
چيم اڀياس کي پورو پتو تنھنجو نہ منھنجو آ،
چيائين سونھن سِڪ کي ڪا نظر سمجھي سگھي ناھي.

استاد بخاري.....

اتوار، 26 جون، 2016

رَچي مَچي مون آزمايو.
سچي پچي چين نه آيو.

رکي رکي ملم رکان ڇا،
گهڙي، گهڙي ڪنهن گهاءَ گهايو،

سُنڍي سُنڍي عشق وڍي ته به،
چُمي چمي ٿم چاهه چاهيو.

ڪَڏين ڪڏين سُرڪ سَري نه ته،
جڏين ڪڏين تاس تپايو.

هلي هلي هانءُ ٺري مَنَ،
ڳلي ڳلي مون راڳ ڳايو.

مِٺي مِٺي قرب ڪچهري،
کِلي مِلي روحُ رڄايو.

کِکو وِکو کل نه بخاري،
ڇُلي ڇو ٿا لوڇَ لڪايو.
_____
استاد بخاري

تنهنجي ديدن ۾ ڪئي دلبر,


تنهنجي ديدن ۾ ڪئي دلبر,
انتر منتر جادو جنتر.

سامهون نظرون، تير ۽ تبرون،
ترڇون، ميڇون، بڙڇون، خنجر.

نادر تنهنجي ناز نهوڙيا،
تڪبر تنهنجي در تي نڪ ڀر.

جي جي : تنهنجي جندڙي جوڙي
ناتا ٽوڙي نانا نهڪر

تو در ايندي مور نه ٿڪجان،
هيڪر، ٻيهر، ٽيهر، هرهر.

گيت بخاري تنهنجا ڳائي
جهومي جهومي، گهرگهر، جهنگ جهر


*******
استاد بخاري


اتوار، 5 جون، 2016

رُو بَرُو آهين حادثو آهي

رُو بَرُو آهين حادثو آهي
دِيدَ ۾ دِلِ ۾ زلزلو آهي

جيترو عِشِقَ کان عذابُ مِليو
اوترو عِشِق ۾ مزو آهي

ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي
چاهُ آڙاهَ ۾ مچائي ٿو،

چاهَ ۾ پوءِ بِه چَهچٽو آهي،
ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي.

مان ٻڌايان ٻُڌي ٻري ويندين
هي قصو باه جو حصو آهي،

صبح جي هير يار جي خوشبوءِ
منهنجي چاهت جو ناشتو آهي

مستُ پيِتي بنا ،بُخاري، آ
ڇا ته تنهنجو نئون نشو آهي،

استاد بخاري

ہفتہ، 13 دسمبر، 2014

چانھ ڪوسي چڱي، آب ٿڌڙو هجي،

چانھ ڪوسي چڱي، آب ٿڌڙو هجي،
گرم جذبو هجي، نرم گفتو هجي؛
قول ڪيڏو حڪيمن جو سهڻو سٺو،
جو به دلهير ٿئي تنهنجي لئه دوستو،
عرق انگور جو، صوف تازو هجي.
وقت جي رهبري، رهزني ريت جو،
هي ته هر پريت کي هوندو آھي پتو،
ڪاٿي نعرو لڳي ڪاٿي نخرو هجي.
رنگ سارا سُٺا ڪي به ناهن ڪسا،
نيڻ ناسي - عقابي، گلابي وڳا،
غير ڪارو، ڦِڪو، يار ڳاڙھو هجي.
زندگي حسن آ، تندرستي هجي،
تندرستي به آجي ۽ سهنجي هجي،
ڀر ۾ محبوب استاد ڀيڙو هجي.

******

جمعہ، 6 جون، 2014

گيت



هير گهلندي وڃي،
ماڪ پوندي وڃي،
رات ٺرندي وڃي،
ياد تنهنجي اچي،
ننڊ ڦٽندي وڃي،
ڇا ڪريان! ڇا ڪريان.

چنڊ ڏاڍو وڻي،
نيڻ مون ڏي کڻي،
هانءَ ۾ چڪ هڻي،
تانگهہ توڏي تڻي،
ڇا ڪريان...

ڳوٺ وارا سمهن،
کيت، ٻارا سمهن،
چنڊ، ٻارا سمهن،
ياد تنهنجي اچي،
سُور سارا اٿن،
ڇا ڪريان....

ڪانگ ڀت تي لنوي،
گرهه هٿ مان ڪري،
شل نه ڪا اک ڦري،
ياد تنهنجي اچي،
باهه ڀڙڪي ٻري،
ڇا ڪريان...

ساز وڄندا رهن،
گيت نچندا رهن،
درد دکندا رهن،
ياد تنهنجي اچي،
نيڻ ٽمندا رهن،
ڇا ڪريان...

ڇو نه عيدون اچن،
رنگ خوشيون رچن،
محب موجون مچن،
ياد تنهنجي اچي،
ساهه ٿڌڙا کڄن،
ڇا ڪريان، ڇا ڪريان ڇا ڪريان، ڇا ڪريان...

استاد بخاري

جمعرات، 24 جنوری، 2013

هن دل کي بره بڇاڻي ڪو،


هن دل کي بره بڇاڻي ڪو،
شعلو نه سهي ٽانڊو ئي سهي.

مان ڀانيان مونکي کي ڀائي ڪو،
سهڻو نه سهي ڪوجهو ئي سهي.

ها چاهيان ٿو ڪو چاه ڪري،
دل سان نه سهي دوکو ئي سهي.

ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي،
سچ پچ نه سهي، نخرو ئي سهي.

ڪو ڀر ۾‌ اچي دل پرڀائي،
ڀوسو نه سهي گفتگو ئي سهي.

ها پيار ته پنهنجي وس ناهي،
همدردي جو جذبو ئي سهي.

استاد جو جذبو ڳڀرو آ.
توڙي جو پِنڊو پوڙهو ئي سهي.

هو مون به مٺا هڪ پيار لڌو،
ساڀيان نه سهي سپنو ئي سهي.
--
استاد بخاري

جمعرات، 10 جنوری، 2013

جانِ جانان بنان (آستاد بخاري)





سونهن سرخي ٻسي، تيل، ڪنگا ڪنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

ويس ورتا به مون، هار پوتا به مون، پريت پورهيو ڪري،
ويس ڪارا ڪيان، هار ڇوڙيان ڇنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

مان لڇان پئي لڇان، مان پچان يا مچان، تن اَمِي سُمهه سُکي،
ڇو ته ڏاجا ڏِمان، تو ته ناهن ڏنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

قسمتون، ڪوششون، همتون هجتون، دوستيون دشمنيون،
هانوَ هڙني ڇنا، نانوَ ڪهڙا ڳنهان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

پيار برسات آهي، بخاري لڳاتار برکا وسي،
پيار خيرات ناهي، ڏيان يا پنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

(آستاد بخاري)


اتوار، 23 دسمبر، 2012

ڇا ٿو ڀائين! (استاد بخاري)


منهنجي باري ۾ او سائين،
ڇا ٿو ڀائين!

توکان هڪڙو ڏينهن ڇڄان ٿو،
ڏينهن انهي کي سال چوان ٿو،
پر جي وڇڙي ورهَ لڇائين،
ڇا ٿو ڀائين!

تنهنجي درشن لاءِ سڪان ٿو،
لک شڪرانا منهن ته ڏسان ٿو،
پر جي پنهنجي ڇاتيءَ لائين،
ڇا ٿو ڀائين!

غيرن سان گڏجاڻي تنهنجي،
جان جلي ٿي جاني منهنجي،
پر جي تن جو کائين، پائين،
ڇا ٿو ڀائين!

واقف آ استاد بخاري،
تو فرمائي دلڙي ٺاري،
پر جي منهنجو يار سڏائين،
ڇا ٿو ڀائين.

(استاد بخاري)

اتوار، 1 جولائی، 2012

هٿين سکڻو ساحل جيان توڙي رهان ٿو


هٿين سکڻو ساحل جيان توڙي رهان ٿو
محبت ۾ درياهه وانگي وهان ٿو
نه سمجهين ته ناچيز، سمجهين ته سڀڪجهه
لهان ٿو ته سهڻا، گهڻو ئي لهان ٿو
تون منهنجي ضرورت، مان تنهنجي ضرورت
تون مونسان ٺهين ٿو، مان توسان ٺهان ٿو
تون مهراڻ مستي، مان هالار هستي
پرين تنهنجي پاڙي ۾ ريڌو رهان ٿو
بنا قرب ”استاد“ ڪک آهي ڪاتي
پرين پيار آهي ته پاهڻ سهان ٿو

****
 استاد بخاري

اتوار، 24 جون، 2012

دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي..


دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي
ڪيترو نقصان ٿي ته به فائدو آهي

عشق گھاڻي ۾ يا ڦاسي گھاٽ تي گرجيو
موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي

جي مران، جيئان، مران جيئان سوين ڀيرا
هر دفعي تو سان وفا هي واعدو آهي

رعب جي گھر ۾ گھڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ
قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي

سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر
شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي

تجلو ٿيو تارو کڙيو، تارو ڪِريو بس
زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي

سنڌ ڌرتيءَ سان ۽ سرتيءَ سان بخاريءَ جو
ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي

****
استاد بخاري

بدھ، 20 جون، 2012

نه ڪم نبريو نه غم نبريو (استاد بخاري)


نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو.
جو نِکري پيو سو سچ سمجهو، جو وِکري ويو وهم هوندو

تکوگهوڙو ڊُڪي ڪيڏو، نظر هَسوار جي اڳتي،
زمانو تيز تنهن کان تيز تر، پنهنجو قدم هوندو.

اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو،
جڏهن هر لفظ پرچم، هر غزل اونچو عَلم هوندو.

”تَشا“ واري لِڪل تقدير، نه تو سمجهي نه مون سمجهي،
جي ڪجهه سمجهي ته هي سمجهي؛ عمل اَحسن اُتم هوندو.

ڪا ڪِٿ ليلا ڪو ڪِٿ مجنون، ڪو ڪِٿ گهرجي ڪو ڪِٿ گهربل
ڪا ڪنهن جي لئه اهم هوندي، ڪو ڪنهن جي لئه اهم هوندو.

بخاريءَ کي اوهان سڀني کان، يارو مان گهڻو ڄاڻان،
ڀلو جي ڀائرن سمجهو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو.

(استاد بخاري)

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *