رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ - حسن درس تاريخ: فروری 25, 2012 ڪيٽيگري: حسن درس تبصرا: ڪوبه تبصرو ناهي رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ واهڻ پوڙها ۽ ٻيا وڻ بن ۾ مون سان بيٺا آهن منهنجا ڳوڙها ۽ ٻيا وڻ ماڻهو ماريئونڪري اڪيلا، لانڊيون لوڙها ۽ ٻيا وڻ ڌرتي ڪيئين جهُڪن هي تنهنجا ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ توسان گڏ حسن هي پنڇي جوڙا جوڙا ۽ ٻيا وڻ شيئر ڪريو:
0 تبصرے:
پنهنجو تبصرو لکو: