اتوار، 4 مارچ، 2012

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ - نماڻو سنڌي

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

روڳ جي جٽاو باک جي ڦٽي پوي
آباد سنڌ ٿئي جڏهن ۽ رات هي کٽي پوي
تنھنجي پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن
ساز ماٺ ٿي متان چڳون ورائي چاڙهجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

سوچ تي گوليون وٺيون هن هر رات گذري راڙ ۾
جلاد هن ستا وڃي اوچ جي ست ماڙ ۾
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇاڙ ۾
جذبن جو قيدي آهيان ٿو مارجان ڪنھن آڙ م
پر هيئن ته منھنجي موت تي تون اڄ نه ڳوڙها ڳاڙجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي آ چوءکنڀي
ڏاڍ جي هٿن ۾ آ ڏات جي ڳچي ڏنڀي
ضرب آ سنگين جي ۽ تون ٿي اکيون ڇڀين
مان ته قيد ۾ پکي ۽ تون به قيد ۾ سڙين
چپ سبين متان چري گيت ۾ گھرائجان
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

آڪاش ۾ بتيون ٻريون تار نچي سمھي پيا
ڏٺئي ته اڀ سڄي مٿان وري وري وڄون ڪريون
ڏسي اتر ڏکڻ منجھان ارمان جا ڪڪر ٽٽن
رات جي ٿڌڙي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن
هانو تي تري اچانءِ ته چنڊ ۾چتائجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

ياد جيئن ٿي اچي گھاءُ تيئن ٿو ڪُرين
ڏينھن ٻه ٽي ڏکيا هن تون به پير آءُ ڀري
ڌر تتي جيان دليون ذرو ذرو پيون ٻري
سنڌ ديوي جي رسم شروع ۾ ٿي رت گھري
ڪفن منھنجو وٽيون ڪري ڏيئا لھوءَ مان ٻارجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

پڙاڏا پيار ٿي ڦٽي ڀٽن جي ڀر مھاڙ ۾
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪراڙ ۾
بندش نه ڪا هجي جڏهن وائي جي اڏام تي
تنھنجا ڪٺل اچي وڃن سونھن جي سلام تي
مان به تن جي اوٽ مان نماڻو ٿو نھارجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

(نماڻو سنڌي)

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں