منگل، 13 مارچ، 2012

هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،


هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،
جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.

جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري
جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.

ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ
جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.

تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو
هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي.

ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان
ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.

جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي
جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.

جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي
ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي.

***
حليم باغي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *