ہفتہ، 15 دسمبر، 2012

نثار ٻانڀڻ جي نظمن جي وستيءَ ۾ ..!





1
اي مالڪ ! منهنجا لفظ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهن لاءِ
هڪ سنيهو بڻجن
جنهن سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آهي
تنهن جي لاءِ دڳ بڻجن،
مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو،
عشق ڪريان ٿو
۽ پنهنجن لفظن سان
سنڌ جي سينڌ سنوارڻ گهران ٿو
تون مونکي ڏات جا مڙئي ڏيئا عطا ڪر
2
مٽيءَ جي پنهنجي عظمت آهي،
خلقڻهار ماڻهوءَ کي مٽي چپٽيءَ مان تخليق ڪيو آهي
۽ اول آخر انهي مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي.
ان ڪري مٽيءَ سان نڀاءُ،
ڪمٽمينٽ ئي زندگي آهي،
ان سان دوکو انسانيت سان،
خلقڻهار سان دوکو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو...
مٽي سان دوکو نه ڪريو
هت ته دوکن جا سيلاب ايندا رهن ٿا!
3
لفظن کي ڪَورَي پَنَي تي لاهڻ
هوائن ۽ گهٽائن سان مخاطب ٿيڻ سمجهندو آهيان،
ويساهه گهاتين جي تاريخ جا فصل
دل جي زمين تي اڃان به پوکيوپيا آهن
پوءِ به اڪٿريت مونکي باءِ پولر سڏي ٿي
جن جي لاءِ منهنجي روح جي زمين مان
ڪو به جواب نه ٿو ڦُٽي،
آسمان مان ڏسندڙ اک کي
مان پوري نهار سان ڳوليان ٿو
ته ڪنهن مَهل وري سانجهه جون آهٽون لکڻ لاءِ
آڱرين ۾ اُڻ تڻ ٿئي ٿي،
بس رڳو لفظن جي مَنڊلي ٿي مچي
منهنجي اندر ۾..!
ڇو ته احساس ڳولهڻ کپن واري اصول تي
اڃان به قائم آهيان،
آئون اندر جو سفر ڪرڻ
ڪڏهن ڇڏيندس وارو سوال
اڃان ڪَرُ کنيو بيٺو آهي؟!
اهڙن انيڪ سوالن ۾ مان
اڪيلو ڇڏيو ويو آهيان وارو خوف به ڪاهي پيو آهي،
لڳي پيو ته نئين سج اُڀارڻ خاطر
حياتيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ
مان آتو ئي رهندس!
4
سنڌ، سونهن، عورت ۽ سمنڊ،
شام، رات، چنڊ ۽ ڊگها پاڇا،
منهنجي شاعريءَ جا معجزا آهن،
“وجود وڃائڻ” جي رمز
منهنجي شاعريءَ ۾ نمايان ملي ٿي،
اهو مان ڄاڻان ٿو!
منهنجي شاعري مونکي سيکاري ٿي
ته جسم پراڻو لٿل لباس آهي
جنهن کي ڇڏي ڏجي،
وساري ڇڏجي،
پر ڌڪارجي نه..!!
پنهنجي اِن ڏات کي اصل معراج تي پهچائڻ لاءِ
مونکي “آذان ۽ نماز” جي وچ واري مختصر وقت جيتري زندگي گهرجي،
ته جيئن منهنجي شاعريءَ
منهنجي ذات توڙي انا واري ٿانوَ کان مٿڀرو ٿي رهي،
جنهن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کانپوءِ
هوائون رقص ڪن،
جنهن به هڪ ڀيرو منهنجن نظمن کي ٻڌو ۽ پڙهيو هجي،
اهو پهرئين عشق وانگر
ڪڏهن به منهنجي ڏات
جيڪا منهنجي ڇانو آهي کي وساري نه سگهي!
5
عشق جو دريا
۽ روح جي راحت
هڪ ئي نڪتي تي ختم ٿين ٿا!
6
عشق جي ڪتابن کي
حق ۽ سچ جا ڳولائو
پنهنجي سيرانديءَ کان رکن ٿا!
اهو مونکي روميءَ سمجهائيو!!
7
عشق ۽ وجدان جي ڪيفيتن ۾
مون پارو ماڻهو،
وجود جي سار به وساري ويهي ٿو.
ڄڻ قونيه جي رقص درويشان ۾ شريڪ هجي.!
8
هو مونکي روز ايس ايم ايس ڪري
ياد ڏياريندو آهي ته سنڌي ماڻهو
Sadist ناهي
جيئن ٻيا آهن
۽ مان اکيون بند ڪري
سندس ڳالهه تي يقين ڪندو آهيان.
ڇو ته سندس اها ڳالهه
آسماني صحيفي جي آيت جيان آهي!
9
بادبانن جيان ساه منجهيو پيو آهي
۽ رات ڪنهن چور جيان پير کڻي ڊوڙي ٿي،
مان هوائن تي پنهنجو آکيرو ڪيئن جوڙيان
هوءِ هر هر مونکي منهنجي نالي سان سڏي ٿي پئي!
بس اها ئي هاڻ زندگيءَ جي مصري اٿم!
10
خواهشن جي شام لڙيئي نه ٿي،
تو بنا او پرين!
سوچ چُري ئي نه ٿي!
11
منهنجن خوابن جا ڪجهه خط
جيڪي چانڊوڪين جي لفافن ۾
مون ويڙهي ڪري موڪليا
تن کي پنهنجي اوسيئڙي جي سفر ۾ رکجانءِ
سرد راتين کي ڳارڻ جو ٻارڻ بڻجي ويندا تو لاءِ !
12
زندگي آثار قديمه جو پهريون باب آهي،
جنهن ۾ چنڊ گرهڻ پشم جهڙن پهرن جي پاند ۾
ٻڌل ڳالهين جي ڳنڍين کي کولڻ کان نابري واري ڇڏي ٿي.
زندگيءَ جا سڀ ٿڪ لاهڻ لاءِ
خانم گوگوش جي خماريل وکن،
ڪونيا جي ڪيف ۾ رومي جي رقص جون مدهوشيون
دل جي صدائن ۽ محبوب جي مداحن بنا
ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اندر جي جهر جهنگ ۾
جهونگارڻ زندگيءَ جو پئين لطف جيان لڳندو آهي.!
13
ڳولا جي خواهش سانڍي خبر نه آهي ته
مون سميت ڪيترا خوابن جا مسافر
روز راتين جو سفر ڪندي
جيون جا پاڇا ميڙيندا هوندا،
چاهنا جي آلي قبر جو عڪس
ذهن جي ڪينواس تان لاهي
پنهنجي پرينءَ سان گهاريل حسين يادگيرين
جي بتيلي تي سفر ڪندا هوندا،
اهو پرين جيڪو چيٽ جي چنڊ جيان
دل جي آڪاش تي پوري اوج ۽ عروج سان
پاڻ ظاهر ڪندو رهيو آهي
تنهن لاءِ پنهنجي ئي اندر جي آسڻ تي
مدهوش وکون کڻي
هورڙيان هوڙيان جهومندا هوندا
ڄڻ من ۾ ڪا ميخ کتل هجين،
سڀ سچل بڻجي مستيءَ ۾ مدهوش ٿي ويا هجن!
تن لمحن ۾ روح جون کليل تارون
اُنهن راتين لاءِ ڪنهن پرين جي پار جهڙيون هجن ٿيون
وارو ساهس ماڻي پيون گُذرن ٿيون ..
منهنجا سڄڻو!
مون لاءِ هاڻ هر رات پوئين پهر ۾
تيز هوا گُهلائي مَنَ جي ڦرهيءَ تي
ڦڙ ڦڙ ڪندي سٽون سرجڻ جا آرس کڻي ٿي ..
مان ڇا ڪريان؟
14
اي دل! تنهنجي شاعري مون اکين سان آهي ڪئي
پر زندگي شطرنج وانگر ڪنهن وڇائي ڇڏي آهي،
جنهن جي لهرن تي جذبن جا لاش
ڪنول جي گلن جيان ترندا ڏسان ٿو
هر گهڙي ويهي اڪيلو ۽ مان،
جيڪو زندگيءَ سان هميشه
ڪنچي راند آهيان رهيو اڪيلي ئي مِٺي!
پنهنجو هر سفر هڪ وار ٻيهر،
آخري حد تائين شروع آهي ڪيو
ڪنهن نئين پيار وانگر،
تون دل منهنجي آڱريون پڪڙي وٺي هل
تنهن سفر تي باک وانگر
۽ ٻار وانگر!!
15
اندر جي ويڙه ڏانهن ڌڪيو پيو وڃان
اهو سمجهان ٿو پوءِ به دل ناهي ٿڪي!
ڄڻ تو آسري جي مُٺِ ۾ آهي جهلي!
16
هڪ وڏو انساني الميو
اسان تي تاڪ ٻڌيو بيٺو آهي
پوءِ به انسان دوستيءَ تي ڀروسو نه اٿم.!

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *