هاءِ بيٺم، ڏٺم، ڪونه ڏٺئي.
اس ۾ بڻجي مان آس جو پيرون،
بس، پڪتم، ڇڻيم، ڪونه ڏٺئي.
منهنجيون اکيون، منهنجا ڳوڙها،
ڳاڙيم، اگھيم، ڪونه ڏٺئي.
ٻارن جيان، چنبڙيم توکي،
رهڙيم، گھليم، ڪونه ڏٺئي.
سامهون تنهنجي تو جهڙو گيت،
لکيم، ڦاڙيم، ڪونه ڏٺئي.
(برڪت بلوچ)
هن دريءَ جو نظاروڪر
ڏس نه ته پريان ريل پئي وڃي
ڪي مسافر کڻي
هڪ اڻڄاتل منزل طرف
هن ريل جو سفر ڪن ماڻهن لاءِ
ڪيڏو نه اهم آهي
ڪي عرصي کان پوءِ پنهنجن جو ديدار ڪندا
ڪي پنهنجي محبوب ڏانهن محبت جو پيغام کڻي ويندا
ته ڪي قبرن تي عقيدت جا گل رکڻ ويندا
ڇا تو هن ريل جي آواز ۾ ٿڌين آهون
۽ خاموش ڳوڙهن کي نه محسوس ڪيو؟
يا وري ڪنهن ٽرندڙ ڪليءَ جي خوشبو تو ڏانهن نه آئي !
*****
فقير عابد ديشي
تون ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
ڪڏهن ننڊ ڪڏهن اوجاڳن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
تون تہ ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڇو نہ موٽئين ميگھ ملهارن ۾،
اک ڦرندي رهي ڦولارن ۾، دل سڙندي رهي سيلابن ۾.
ڏني ڪانگ نہ ٽپڪي ٽارين تي، ڪيا وار ورھ ويچارين تي،
توکي ڏسبو روز ديوارن تي، يا تہ پڙهبو ڪڏهن ڪتابن ۾.
اچ اکين وسي سيلاب ڪيا، اچ ڪڻڪن ۾ هن لاب پيا،
اڄ تائين نہ پورا خواب ٿيا، ڪيسين رهندين يار حجابن ۾.
ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اگھيا، ڪڏهن ڌرتي تنهنجا پار پڇيا،
اڄ پٿر بہ تنهنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾.
****
تاجل بيوس
http://soundcloud.com/nyla-talpur/toon-ta-milando-rehndain