جمعہ، 6 جون، 2014

گيت



هير گهلندي وڃي،
ماڪ پوندي وڃي،
رات ٺرندي وڃي،
ياد تنهنجي اچي،
ننڊ ڦٽندي وڃي،
ڇا ڪريان! ڇا ڪريان.

چنڊ ڏاڍو وڻي،
نيڻ مون ڏي کڻي،
هانءَ ۾ چڪ هڻي،
تانگهہ توڏي تڻي،
ڇا ڪريان...

ڳوٺ وارا سمهن،
کيت، ٻارا سمهن،
چنڊ، ٻارا سمهن،
ياد تنهنجي اچي،
سُور سارا اٿن،
ڇا ڪريان....

ڪانگ ڀت تي لنوي،
گرهه هٿ مان ڪري،
شل نه ڪا اک ڦري،
ياد تنهنجي اچي،
باهه ڀڙڪي ٻري،
ڇا ڪريان...

ساز وڄندا رهن،
گيت نچندا رهن،
درد دکندا رهن،
ياد تنهنجي اچي،
نيڻ ٽمندا رهن،
ڇا ڪريان...

ڇو نه عيدون اچن،
رنگ خوشيون رچن،
محب موجون مچن،
ياد تنهنجي اچي،
ساهه ٿڌڙا کڄن،
ڇا ڪريان، ڇا ڪريان ڇا ڪريان، ڇا ڪريان...

استاد بخاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *