پیر، 9 مئی، 2016

ٿر جو اُداس نظم

ٿر جو اُداس نظم
ايوب کوسو
ڀوڏيسر جي ڀُوري بُت تي،
ھُو جو ويندڙ جھُونو اُٺ تي،
پيشاني کي ھٿ تي تاڻي،
سِج ڏي گھُوري وقت لھي ٿو،
سُورج ڪائي ڳالھ ڪري ٿو!
۽ ھُو اڳتي پنڌ ڪَھي ٿو!
جنھن پل شام جي ڳاڙھي ڳل تي،
بئراجن جي وستين کان ھُو،
پنڌ ھوائون ھار بڻن ٿيون،
۽ ڪنھن تڙ جي جَر سان وھنتل،
وينگس ڪائي وار ڇنڊي ٿي،
ڄڻ ڪو دل جو بار ڇنڊي ٿي،
سخت ڦڻيءَ جي آڱرين مان،
ڪارن زُلفن مان جو وڇڙيل،
ڪاريون تندُون چار ڇڻن ٿيون،
موسم جو ويچار بڻن ٿيون،
۽ ھُو ڇڪڙي سان جو اُڏندڙ،
واريءَ جو طُوفان لُڇي ٿو،

جنھن کي ڏسندڙ ڳوٺ جا نينگر،
آڱرين سان ڪُجھ ته چٽن ٿا!
لَٽيل چھرا روز ڏسن ٿا!
ٿَڪ ۾ ورتل کوڙ مُسافر،
مُرڪن جا ڪي گُل ڇنڊن ٿا!
پر ڪي وِيندڙ چِيڪَن پويان،
نيڻن جا ڪي پنڌ کُٽن ٿا!
۽ سي ساڳيا نيڻ اُڃايل،
آڌيءَ ويلي چنڊ ڏسن ٿا!
يادن ۾ ھر بار لُڙھن ٿا!
چانڊوڪين جا چڪ چِڪن ٿا!
تنھن پل ٿر جو سارو جيون،
تنھن پل سنڌ جو سارو جيون،
خوابن جي تاريخ لڳي ٿو!
يادُن جي ڪا چيخ لڳي ٿي،
وقت نسورو درد لڳي ٿو!
وقت نسورو زرد لڳي ٿو!

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *