اتوار، 5 جون، 2016

ڌرتي سرتي.... نظم

ڌرتي سرتي
نظم

او ڌرتي ! مان تنهنجي رخت ڏيندي ڏيندي،
رهندو مان تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.

منهنجي جسم واري مٽيءَ جي حصي کي،
تنهنجا ٿورا ، جو ڪُن ۽ فَيڪونَ ويلي،
پنهنجي وارثي ڏئي تو پنهنجو بڻايو،
نه ڄاڻان نه ڄاڻان تو ڪيڏن جُڳن کان،
منهنجو خاڪي چاڻو تَهنِ ۾ لڪايو،
مُنهنجي ڏاتِ ۽ ذاتِ جو تاڃي پيٽو،
الولين، اُداسين ۽ لُوچِن جو کيٽو،
چِٽين چانڊوڪين ، باکَ، بلبن جون جوتون،
حياتيءَ جي حسناڪين واريون سوچون،
وڇوڙي جا نوحا وصُل جا جمالا،
غلاميءَ، غريبيءَ جا پٽڪا، پاڄارا،
تاسارنَ چپن ڪاڻِ ، سنڌوءَ جي ڌارا،
بُکئي پيٽَ لئه سَنگَ ، ڪڻُڪنِ جا ٻارا،
منهنجي ڀاڱي وارا بچائي رکيا ها،
صدين کان تو مون لئه سَنڀاري رکيا ها،
تبسم جي مٽيءَ پنوڙي تي ڌرتي،
سندس جسم جي هر ذري تي او ڌرتي،
مڃيان ٿو ته اڻکٽ اڪيچار ٿورا،
مَگر تنهنجو تنهن کان اُتم ٿورو آ جو،
منهنجين ڌڙڪنن، دل جي هر دڪدڪي جو،
جياپي، جنون جي سڄي فلسفي جو،
سڄي نيڪ ناميءَ ۽ شهرت جو مرڪز،
غزل، گيت، وائيءَ ، هائيڪي جو محور،
سدا سبز گوشي جي سهڻيءَ گهٽيءَ تي،
تنهنجي پاڪ پَوِتَرتا واريءَ مٽيءَ تي،
او ڌرتي ! جيڪا سونهن سرتي رهي ٿي،
سا سَرتي ته منهنجيءَ سَڄي شاعريءَ ۾،
سُندرتا جون سهسين رنگينيون ڀري ٿي،
وِڄُنِ جان وراڪن ۾ گونجون گَجي ٿي،
پري کان پُڄي پاس گم ٿي وڃي ٿي،
صبوح شام سوچن ۾ لهرون لڙهي ٿي،
شفق ۾ لهي چاندنين ۾ کڙي ٿي،
وڙهي ٿي رُسي ٿي، روئي پئي ٿي،
وڏي ڳالھ منهنجين ڳراٽين وجهڻ تي،
وري ساڳيو مونساڻ پرچي ٿي،
سٽن ۾ سڀيتا جون سُرڪيون ڀري ٿي،
تُنهجين سانورينِ سانجهين ۾ او ڌرتي،
مِٺِينِ مَنچَلينِ مُوسمن ۾ او ڌرتي،
هُڳائن سان پنهنجي حسين بُتَ کي مَهِٽي،
سُڳنڌن سان وِهنجي سُرهاڻيون سَجائي،
سنڌوءَ ڀر تي گهاٽا ڊگها وار ڇوڙيون،
گُجر هُرمچي تي نوان ويس پهريون،
ڪڪوريل انگن تي اُجاريون هلي ٿي،
چُني کي ڏندن ۾ چَڪي جو تَڪي ٿي،
پٽيهرَ پيرن ۾ جو پايلَ ٻڌي ٿي،
۽ توتي جڏهن ڊيل وانگر ٽلي ٿي،
تڏهن منهنجي اندر جي پاتال ۾ تون،
او ڌرتي ويتر پُختيون پاڙون هڻين ٿي
تون ادراڪ ۽ احترامن جون زياده،
اڃان زور سان مون ۾ ميخون جَڙين ٿي،
تنهن بعد ئي تصوفُ جا ورد ۽ وظيفا،
مٽيءَ سان ماڻهوءَ جي سنٻنڌ جا سرشتا،
چمين ، چاه، چُسڪين ڳراٽين جا ڪشتا،
نباتن، پتاشن، ڳنڍيرين جا ڳُٽڪا،
انوکين ادائن، اشارن جا چُٽڪا،
او منهنجي مٺي سنڌ تون ٿي پين ٿي،
جيڏل تيئن تون جند ساڻ جڙجي پوين ٿي،
تون ايڏا جو اُتساهَ آڇيون اچين ٿي،
پساهن سان گڏ پيار پاٻوھ ڏين ٿي،
تڏهن مان ته پنهنجيءَ سڄي شاعريءَ ۾،
پنهنجي آپِ بيتيءَ واريءَ ڊائريءَ ۾،
ڳائيندو وَڄائيندو لِکندو وَتان ٿو.

او ڌرتي مان تنهنجي رخت ڏيندي ڏيندي،
رهندو مان تنهنجو قرضي ٿيندو وڃان ٿو.

ع.غ.تبسم

ڪتاب موسيقي موسم ۽ تبسم

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *