جمعہ، 24 فروری، 2012

تعارف... (1) - ايوب گل


جڏهن آئون جوان ٿيس
آسمانن مان
صحيفا لهڻ اڃا بند نه ٿيا هئا


عجم جي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾
منهنجي پيءَ مونکي
تلوار هلائڻ سيکاري
مون گھوڙي سواري ۾ مهارت حاصل ڪئي
ستارن جو علم ڄاتو
ڌرتيءَ جي مورتي اڳيان نمڻ مونکي ماءُ کان ورثي ۾ مليو


بادشاه زادي جي دل جڏهن مون تي آئي
منهنجو پيءُ مونکي
شاهي تلوار بازن جي جٿي ۾ ڀرتي ڪرائڻ وٺي آيو هو

هوءَ سلطان جي اٺين راڻيءَ منجھان هئي
سندس اکيون هلڪيون نيريون هيون
نيرو رنگ به مون تنهن ڏينهن کان پسند ڪرڻ شروع ڪيو

پهرين نظر ۾
هوءَ مونکي سلطان جي تاج ۾ پيل کنڀ جهڙي لڳي هئي
منهنجي انهي ڳاله تي هوءَ اڪثرکلندي هئي


ٿورڙي ئي وقت ۾
شاهي اسطبل جا سڀ گھوڙا منهنجا دوست ٿي چڪا هئا

منهنجي جوانمردي
سپه سالار جي دل ۾ الئه ڪهڙو خوف پيدا ڪيو
هن سلطان کي منهنجي پيار جو وڃي ٻڌايو
ان سزا جو ذڪر داستانن ۾ به آيل آهي

سزا تي عمل وارو سڄو ڏينهن
آئون شهزاديءَ جي هار جا موتي آڱرين تي ڳڻيندو رهيس
جيڪي مونکي لڳل ڪوڙن کان يارنهن دفعا وڌيڪ هئا


چنڊ گرهڻ واري مهيني جي پڄاڻي تي
مون سپه سالار کي تلوار بازي ۾ هارايو
انعام ۾
مليل سونو تمغو قبيلي ۾ منهنجي پيءَ جو رتبو وڌائڻ لاءِ ڪافي هو


امان جنهن ڇوڪريءَ کي منهنجي ڪنوار بنجڻ لاءِ چونڊيو
اها وارن ۾ جهنگلي گل شوق سان ٻڌندي هئي
هن جون اکيون بادشاه زاديءَ وانگر نيريون ته ڪونه هيون
پر انهن اکين ۾
ڳوٺ جي اڱڻن جيتري ڪشادگي هئي
آئون جڏهن به گھر ويندو هئس
هوءَ چاهيندي هئي ته آئون هن جي اکين ۾ رات گذاريان...


صحرا منهنجو رفيق هو
منهنجي گھوڙي سان گڏ ڊڪندي
جتي صحرا ٿڪجي بيهي رهندو هو
اتان اڳتي دشمن رياست جي سرحد شروع ٿيندي هئي
آئون ان طرف ٽي جنگيون وڙهڻ ويس

تيرنهن قافلن کي مون بحري قذاقن کا بچايو
هي اهو زمانو هو جڏهن شهزادن تي پريون عاشق ٿينديون هيون
آسمان مان صحيفا لهندا هئا
مردن جا قد ڏونگرن سان ماپيا ويندا هئا

منهنجي شجاعت جا قصا گھڻو پوءِ مشهور ٿيا
داستانن ۾ منهنجو نالو وڌو ويو
ڀري درٻار ۾
سلطان شهزاديءَ جو هٿ منهنجي هٿ ڏنو
انوقت هن جا هٿ به
هن جي چپن وانگر ڪوسا هئا...

ڳوٺ ۾ منهنجي زال
انهي سال منهنجي پٽ کي جنم ڏيندي مري وئي هئي

بادشاهزاديءَ مون منجهان هن جي غم کي
چوسي ورتو...
مونکي هن پاڻ منجھ پوکيو ۽ لڻيو
هن منهنجي گھوڙي جي پيرن مان صحرا ڇڪي ورتو
منهنجي تلوار واپس مياڻ ۾ وجھي رکي

منهنجي پٺن تان
سزا جي ڏينهن جا نشان هن پوتيءَ جي پلئه سان اگهي صاف ڪيا
مونکي هن انگور جي ول بنجي پاڻ ۾ ويڙهيو
درياه بنجي ٻوڙيو
وري ڪڏهن ٻيڙو بنجي اڪاريندي رهي

جڏهن جڏهن آئون وڃائجي ويندو هئس
هوءَ مونکي پاڻ منجهان ڳولي ڪڍندي هئي

پوءِ جڏهن آسمان مان صحيفن جي جڳه تي شاعري لهڻ شروع ٿي
۽ داستان جي تاريخن جاءِ والاري
آئون وري پئدا ٿيڻ جي لاءِ مري ويس...
************
From Facebook profile of 
Ayoob Gul

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *