جمعہ، 24 فروری، 2012

اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا



اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا
گلن جي موسم ڪَليون نه آنديون، بهارن آندا پٽن جا لاشا
جڏهن به رنگت چڙهي گلن تي، گھلي ٿڌيري هوا ڏکڻ جي
ٻچن جا سڏڪا اٿيا منڊل ۾، ملي بشارت گھرن جلڻ جي
اڏائي جھوپا ويون ڪي آنڌيون، تنين جي ڪَک ڀي نه ڪَک سان
پٽين پنوهاريون پلاند واريو، ملين چهرا گهرن جي رک سان
انهن جي لڙڪن سندو ڪو ٿورو ڌيان عالي جناب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

اهي ئي تنهنجيون پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڄڻ ڪجھه ٿيوئي ناهي
ڪٽڪ ڪُٺا ٿئي نڌڻڪن جا، منهن ۾ گھنج پيو ئي ناهي
اوهان جي آڏو لهوءَ جي قيمت، ٻه ٽي پتل جا حسين ٻلا
ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ
ڏسو نه ٿا جو ڪنين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جون راهون
جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهن جي چپن جون آهون
اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جھڪي نه سگھندي جھري سگھي ٿي
صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگھي ٿي
چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن
سهاين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن
اوهان به پنهنجون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جا حويليون ٿاڻا
اوهان جا ڦٽڪا اوهان جا پٿرا، ٻيا ڪي آڻا ٻيا ڪي ماڻا
اسان جي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي
ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگھاڙو لاشو گلين ۾ رهجي
ڳجھن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو.
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.
*************
حليم باغي


1 تبصرہ:

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *