اتوار، 26 فروری، 2012

ڪراچي

سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي -
هَسُ ڳچيءَ جو،
سينڌ ماٿي جو ٽِڪو
۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻُ -

باک بادامي جڏهن ٿِي تنهنجي رستن تي لهي
صبح تنهنجو سونَ- ورنو ٿو لڳي
۽ جڏهن ٿي شامَ گھونگھٽَ کي کڻي
سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀڃي
رات پنهنجا پاندَ ڦهلائي جڏهن ٿِي تو مٿان،
چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.
تنهنجون رمجھم روشنيون
شاهراهن تي تِکين ڪارن منجھان
جنهن گھڙيءَ برسات وانگر ٿيون ڇڻن

هر عمارت جون دريون آڪاس ڇهندي ٿيون کُلن
دُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا تهنجا رهواسي رهن
تنهنجي ديوارن مٿان هي سرمئي،
رنگَ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.

تون ڪياماڙيءَ، منهوڙي جي هوا!
تون سراپا شاهَه غازيءَ جي دعا.
يا لڳين ٿِي سِپَ جي موتيءَ جيان،
يا اسان جي ڀاڳَ وانگر،
ڪنهن مقدس ماڳ وانگر
تون سمندر جي رهين ٿِي جاڳَ وانگر!

اي ڪراچي!
تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين
۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي
پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين
زندگيءَ مصروف تنهنجي ۾ رهيا،
بي انت ڪيئي حادثا
روشنين جا سلسلا.

***
احمد سولنگي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *