سچ وڏو ڏوهاري آهي

سچ وڏو ڏوهاري آهي
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ
تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ
ها پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ
پر تو ڪڏهين هي سوچو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي
سچ وڏو ڏوهاري آهي


****
شيخ اياز

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم