اتوار، 18 مارچ، 2012

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

هن سر جي گدلي سينور ۾
هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ
۽ ڪوبه چڪور انڌاري ۾
جي اڏري ٿو ته دروهي آ
هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جو
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

هي ڏوهه نه آ آڪاش ڇڏي
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان
هوءَ سانجھي جا ست ـ رنگي هئي

مون ڪانه قبولي سج ڪنان
ٿو آگم آگم ٿي اڀران
۽ ڪرڻا ڪرڻا ٿي برسان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

هُو ڌُوتا تنهنجي ڌرتيءَ جا
پوءِ صوفي ها يا جوڳي ها
مان گھاٽي بڙ جيان ڇانوَ ڪئي
هو ٺانگر سارا ٺوڳي ها
مون روز سگهارا گيت چيا
هو راڳي تنهنجا روڳي ها

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

هيءَ ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي
هيءَ ڪاري چوٽي پانڊي جي
مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ
ٻئي آگ اجھاڻيل ٽانڊي جي
سڀ دين ڌرم جي ڌوڪي ۾
ٿا کوٽ ڀرن کاڻانڊي جي

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

هي ڏوهه نه آ هن ڌرتيءَ جو
مون دل جي ديول جوڙي آ
تون نفرت جي ديوار کنئي
مان ان جي پاڙ اکوڙي آ
مان ڳاتا گيت محبت جا
مون واڳ وطن جي موڙي آ

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

ٿو سڏ ڏيان هر سڏڪي کي
تون جاڙ ڪرين مان ماڙ ڪيان
تون چيتي جيان چنگار ڪرين
مان راڱي وانگر راڙ ڪيان
مان تنهنجو وچتر ويري هان
ٿو توتي ترڇي تاڙ ڪيان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

تون پويون جھوٽو پت جھڙ جو
مان ڳڙها ڳڀ بهارن جا
تون ڇوت نه لاهين پاڇي کي
مان ڳايان گيت چمارن جا
جت ڪٽ ڪڙهي جت لوهه رجي
ات ڌنوڻا ڌنوڻيءَ وارن جا

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

مون گيت چيا ها ڪويل ٿي
ڪلهه ڪيسوڦل جي ٽاريءَ جا
ٿو جھر مر جھر مر گيت چوان
ڪي گيت ڏجھايل ڏاٽن جا
ڪي گيت هپايل هارن جا

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

جنهن وقت اُٻَن ۾ اوسر ٿي
ڪي اسروند اچن ٿا پيا
۽ آنڌيءَ مانجھيءَ اوٻر ۾
هي سارا کيت پچن ٿا پيا
ٿو آءٌ وڏي ويڙهاند ڏسان
۽ منهنجا انگ نچن ٿا پيا

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

جنهن وقت لڪن ۾ لوساٽيل
انسان ڳلين مان نڪرن ٿا
جنهن وقت دکن ۾ دونهاٽيل
مخزدور ملن مان نڪرن ٿا
مان پنهنجي تند تپايان ٿو
۽ درد دلين مان نڪرن ٿا


مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن


مون آزديءَ جي سئن هنئي
مون لاٿا طوق غلامن جا
هي گيت هئا يا جادو ها
زنجير ٽُٽا ايامن جا
سڀ موتي سمجھي چونڊن ٿا
اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا


مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

مون ڏات انوکي آندي آ
ٿي تند وڙهي تلوارن سان
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن
ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن
تون هيڻو آن هٿيارن سان

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن


تون مونکي ڦاهيءَ چاڙهيندين
مان توکان مور نه مرڻو هان
گنجار ڪندي جا مونکان پوءِ
تنهن جندڙيءَ جو مان جھرڻو هان
ٻيو چارڻ بڻجي چنگ کڻي
مان ورڻوهان، مان ورڻو هان

سي پهرين ڏوهه سڏجن ٿا
هي ڏاها ڏيهه ـ ڏيا آهن
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن


مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن


***
شيخ اياز

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *