اتوار، 18 مارچ، 2012

جيءُ جنهن کي چيم،

جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
جان جن تي ڏنيم سي نه ڪانڌي ٿيم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪيس ڪيڏا ڪيئي حُسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر


پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا
جون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا
خار کائي کِليا هي خبر جا ٻُڌم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪا به نازڪ بدن نوجوان نازنين
کنڊ جهڙي مِٺي، چنڊ جهڙي حسين
دلربا دلنشين جي ڏکاري ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

گيت جن لئه "بخاري" پڪاري لکيم
سي ڌتاري ڌتاري ڌڪاري ويم
نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

***

استاد بخاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *