اتوار، 22 اپریل، 2012

پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!


پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!
جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

زندگي، جنگ جاري جيئڻ جي، مگر امن، انصاف لئه،
پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهن کي ڦاڙيو، اڌو اڌ ڪريو،
هڪڙو سِر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻَڌو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

سنڌ جي رات آ، وَر وَڪڙ واٽ ۾، قهر جي ڪاٽ آ،
پاڻ وٽ جوت آ، جُنگ جوڌو جَٿو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

سِرُ تَريءَ تي رکڻ کان اڳي سورمؤ، هوڏي سامهون ڏسو،
سوڀ سهڻيءَ جي سيني تي نظرون رکو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

پلصراطن کان پوءِ جنتون، مقتلن جي پٺيان منزلون،
ٽهڪ ڦٽندا پريان، پهريان هي ڌڪ ٽپو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

مان ڏسان ٿو ڌُٻڻ ٿي وئي آهي ڌرتي سڄي ڏيهه جي،
ڪو غربت ۾ گم ٿيو ڪو ڌَن ۾ گتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

هائو، آڙاهه آڏو آ، درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو،
ڪئين به ڪهڙو به، پر ڪو طريقو ڪڍو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

قطرو قطرو ملي مست درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو،
انقلابي بنايو ڪچو ۽ پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

لوڪ بنگلو نه ٽي وي نه وِسڪي نه زردو نه زر ٿو ڦُري،
هو گھُري ٿو اَجھو ۽ لٽو ۽ ڳڀو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

هو کنڀيو ٿا وڃن ٽي سڌر سنڌ جا، ڀنگ، ٽي لک چيو،
ڌاڙ ڌرتيءَ تي ماڻهو ٿيو جھڙو ڍڳو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

حيدرآباد برباد، سنڌي نسل، باهه ــــــــــ بيداد ۾،
گھر ٻري آڳ ۾، روڊ رت ۾ رَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

جاڳ اک ۾ اَٿَو، پنهنجون کوليو اکيون، ڀاڳ هَٿ ۾ اَٿَو،
سوڀ سگھ ۾ اَٿَو، ساٿ جوڙيو سگھو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

چنڊ سجدا ڪندو آ، عظيم آدميءَ جي قدم تي جھڪي،
پاپ پُرزا ڪندو عزم پنهنجو پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

عار، استاد ، شاگرد، مزدور، ڪڙمي، سمورا ـــــــــــــــ ٻڌو،
گھنڊ پيو ٿو گُڙي اِرتقا جو يڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *