اتوار، 22 اپریل، 2012

ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون،


ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون،
جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون.

هوشو جيئرو جوش ڏئي ويو، هيمون آجو هوش ڏئي ويو،
دوَر نئين جا دودا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو،
بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

سورهن آنا سچ ته آهيون، شاهه، سچل جو مَچَ ته آهيون،
طوفانن ۾ ٻرندا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

ماضي جا مهمان نه آهيون، آئيندي جا اعلان آهيون،
تازا توانا تجلا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

تحريڪن جي طوفانن ۾، آزاديءَ جي ايوانن ۾،
ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

جرڪي جرڪي جئيندا آهيون، مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون،
جيئرا هياسين، جيئرا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري، دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري،
بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *