ملين ته من تان عذاب لاهيان (نظم)
نظم --- ملين ته من تان عذاب لاهيان ڪٺور شامن جا ڪلف ٽوڙيان نپوڙي راتين جا غم هزارين سڳنڌ انهي ۾ وجود ٻوڙيان جا روشني جيئن حسين آهي ڪنول به جنهن جي اڳيان نه ڪجهه آ اجاڙ دل کي يقين آهي غزل به جنهن جي اڳيان نه ڪجهه آ کلي ته کل جا خمار ميڙيان پکين کان اڳتي خيال اڏرن ننڊن جون پوتيون سڙن هوا ۾ صدين کان اڳتي سوال گذرن ڏسين ته ڏک جو سمنڊ وڃايان گهڙين جا پوپٽ پڪار بڻجن اکين ۾ تنهنجو جمال اوتيان سڏن جا سانوڻ قرار بڻجن ٻڌين ته توکي اهو ٻڌايان اجاتي باهين جري ڇڏيو آ ڦڏن ۾ آهي رڌل زمانو سماج رڻ پٽ ڪري ڇڏيو آ اچين ته تن تان عقاب لاهيان ملين ته من تان عذاب لاهيان *** ايوب کوسو