اتوار، 24 جون، 2012

ملين ته من تان عذاب لاهيان (نظم)


نظم
---
ملين ته من تان عذاب لاهيان
ڪٺور شامن جا ڪلف ٽوڙيان
نپوڙي راتين جا غم هزارين
سڳنڌ انهي ۾ وجود ٻوڙيان
جا روشني جيئن حسين آهي
ڪنول به جنهن جي اڳيان نه ڪجهه آ
اجاڙ دل کي يقين آهي
غزل به جنهن جي اڳيان نه ڪجهه آ
کلي ته کل جا خمار ميڙيان
پکين کان اڳتي خيال اڏرن
ننڊن جون پوتيون سڙن هوا ۾
صدين کان اڳتي سوال گذرن
ڏسين ته ڏک جو سمنڊ وڃايان
گهڙين جا پوپٽ پڪار بڻجن
اکين ۾ تنهنجو جمال اوتيان
سڏن جا سانوڻ قرار بڻجن
ٻڌين ته توکي اهو ٻڌايان
اجاتي باهين جري ڇڏيو آ
ڦڏن ۾ آهي رڌل زمانو
سماج رڻ پٽ ڪري ڇڏيو آ
اچين ته تن تان عقاب لاهيان
ملين ته من تان عذاب لاهيان

***
ايوب کوسو

دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي..


دل جي ڪاروبار جو هڪ قاعدو آهي
ڪيترو نقصان ٿي ته به فائدو آهي

عشق گھاڻي ۾ يا ڦاسي گھاٽ تي گرجيو
موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي

جي مران، جيئان، مران جيئان سوين ڀيرا
هر دفعي تو سان وفا هي واعدو آهي

رعب جي گھر ۾ گھڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ
قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي

سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر
شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي

تجلو ٿيو تارو کڙيو، تارو ڪِريو بس
زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي

سنڌ ڌرتيءَ سان ۽ سرتيءَ سان بخاريءَ جو
ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي

****
استاد بخاري

ہفتہ، 23 جون، 2012

وائي (اقبال رند)


وائي
-----
ڍنگـر   ٿـيا   ڍولا،
اولا اکڙين جا ڪري.

لڪون ساري لوڪ جون،
جهليائون جهـولا،
اولا اکڙين جا ڪري.

رُئن ڌوئن رات  جا،
رتولـيا    چولا،
اولا اکڙين جا ڪري.

متان  مون  تان لاهـيو،
اکين سندا  اولا،
اولا اکڙين جا ڪري


***
اقبال رند

ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟



ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟
ڪيترو روح کي ڦٽي ماڻهو؟

منهن مٽي جو وَيو زمانا ٿيا،
ڪاش! هن موڙ تان مٽي ماڻهو.

ڪيئن چئجي ته پيار هارائي،
پوءِ ڀي کوڙ ٿو کٽي ماڻهو!

ڪو ته آڪاش جئن به هوندو آ،
پر ته هرڪو نٿو پٽي ماڻهو.

روز ٿو انت پاڻ تي آڻي،
روز ٿو پاڻ کي لٽي ماڻهو.


****
اقبال رند



کيس چئجو هتان گذر نه ڪري


کيس چئجو هتان گذر نه ڪري
شهر جو شهر دربدر نه ڪري

کيس چئجو نئي جواني آ
شام جي پهر تي قهر نه ڪري

کيس چئجوته عارآ جوڀن جو
 تيستائين ڀلا ڪڪر نه ڪري

کيس چئجو ته ايترو نکري
 جو صنم نيڻ مختصر نه ڪري

کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون
منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري

***
اقبال رند

جمعرات، 21 جون، 2012

چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ


چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ
هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.

اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس،
مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ.

پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل،
غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ.

ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،
طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ.

واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو،
شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ.

شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي،
پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ.

واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال،
هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ.

بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،
ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ.

****
عبدالحڪيم ارشد

هوش نه ٿو هت ڪير سنڀالي -- ايوب کوسو


هوش نه ٿو هت ڪير سنڀالي
هُن کي چئجو ڇير سنڀالي

هُن کي چئجو پن ڇڻ آهي
خود کي هيل سوير سنڀالي

ڪنهن جي جرئت هُن جي سامهون
نين جھلي يا پير سنڀالي

هر ڪو ماڻهو زخمي آهي
ڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي

مورک ماڻهو وکري ويندين
دل ۾ ايڏا وير سنڀالي

پاڻ وياسين اجڙي آخر
دردن جا هي ڍير سنڀالي


****
ايوب کوسو

بدھ، 20 جون، 2012

نه ڪم نبريو نه غم نبريو (استاد بخاري)


نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو.
جو نِکري پيو سو سچ سمجهو، جو وِکري ويو وهم هوندو

تکوگهوڙو ڊُڪي ڪيڏو، نظر هَسوار جي اڳتي،
زمانو تيز تنهن کان تيز تر، پنهنجو قدم هوندو.

اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو،
جڏهن هر لفظ پرچم، هر غزل اونچو عَلم هوندو.

”تَشا“ واري لِڪل تقدير، نه تو سمجهي نه مون سمجهي،
جي ڪجهه سمجهي ته هي سمجهي؛ عمل اَحسن اُتم هوندو.

ڪا ڪِٿ ليلا ڪو ڪِٿ مجنون، ڪو ڪِٿ گهرجي ڪو ڪِٿ گهربل
ڪا ڪنهن جي لئه اهم هوندي، ڪو ڪنهن جي لئه اهم هوندو.

بخاريءَ کي اوهان سڀني کان، يارو مان گهڻو ڄاڻان،
ڀلو جي ڀائرن سمجهو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو.

(استاد بخاري)

پیر، 18 جون، 2012

جيءُ جنهن کي چيم، (استاد بخاري)


جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر
جان جن تي ڏنيم سي نه ڪانڌي ٿيم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪيس ڪيڏا ڪيئي حُسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

پيار جي ڇانو ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا
جون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا
خار کائي کِليا هي خبر جا ٻُڌم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

ڪا به نازڪ بدن نوجوان نازنين
کنڊ جهڙي مِٺي، چنڊ جهڙي حسين
دلربا دلنشين جي ڏکاري ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

گيت جن لئه "بخاري" پڪاري لکيم
سي ڌتاري ڌتاري ڌڪاري ويم
نيڻ جن لئه ڀنم سي مٿان پئي کليم
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر

(استاد بخاري)

مٺيءَ جي نانءِ




ميرڙي ويس ۾ آهيون
اوهان جي ديس ۾ آهيون
گهٽيون ۽ دڳ ٿا ماپيون
گڊيءَ تي روز ڳولهيان ٿو
گهميو سونارڪو پاڙو
ٿيو پر ڪونه ڪو چاڙهو
ٽرمينل به جهاڳيو سي
سلامي روز مٺيءَ کي
مگر مٺڙي الائي ڇو
مٽائي منهن وئي آهي
لڪائي پاڻ وئي آهي
گجندڙ بادلن کان پڇ
ڀلي وسڪارکان تون پڇ
ڀلي سورج به شاهد ٿئي
ڀلي رستن کا تون پڇ ڙي!
اسان جي جان کان مٺڙي!
ڀٽن کان پڇ،
گھٽين کان پڇ،
ڀلي جنهن کان وڻئي تون پڇ!
رڳو توکي ئي ڳولهيان ٿو،
پر ڪو گس ئي ناهي،
منهنجي وس ئي ناهي،
الائي ڪٿ رَسين ٿي تون
الائي ڪٿ وسين ٿي تون
اسان جي جان کان مٺڙي!
اسان جي جان ۽ جندڙي!


***
حسام ميمڻ

جمعہ، 15 جون، 2012

ﺳﭙﻨﻲ ۾ ﻣﻮﻥ ﭤﻲ، ﮔﻬُﻤﻲ ڪﻬڪﺸﺎﻥ

ﺳﭙﻨﻲ ۾ ﻣﻮﻥ ﭤﻲ، ﮔﻬُﻤﻲ ڪﻬڪﺸﺎﻥ
ﭼﻨڊ ﻣﺎﺗﻢ ڪﻴﻮ ﭤﻲ ﻣڪﻠﻲﺀَ ﻣﭥﺎﻥ !
ﺗﻮﻥ ﺍﭜﻴﭽﻨﺪ ﺳﻨﺪﺍ ﺳﻴﭟ ﻧﺎﻫﻦ ڏﭠﺎ،
ﺗﻮﮐﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺧﺒﺮ ﺳُﻮﻧﻬﻦ ﮀﺎ ﻫﻲ ﻣُﻼﻥ !
ﻋﺸﻖ ﺳﺮﻣﺪ ﺟﻲ ﭘﻴﺮﻥ ﺟﻲ ﺧﺎڪ ﺁ
ﺗﻮﻥ ﭠٽﻲ ﺟﻲ ﮔﻬٽﻴﻦ ۾ ﮔﻬُﻤﻲ ﺳﻮﭼﺠﺎﻥ!

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *