اتوار، 1 جولائی، 2012

جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،


جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!

سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا،
جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا.

مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا.

اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ،
جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا.

مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا!

مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا !
جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا.

مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا!

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا.

هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها !
اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا.

ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا!

هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا !
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا.

ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا!

ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا،
ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا.

ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا!
جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا .

جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان،
جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا.

اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾
اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا.

هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل،
ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا !

ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي،
ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا.

هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي!
مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا.

اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا!
هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا.

ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا،
آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا .

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ،
مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا.

ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ!
ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا!

هٿين سکڻو ساحل جيان توڙي رهان ٿو


هٿين سکڻو ساحل جيان توڙي رهان ٿو
محبت ۾ درياهه وانگي وهان ٿو
نه سمجهين ته ناچيز، سمجهين ته سڀڪجهه
لهان ٿو ته سهڻا، گهڻو ئي لهان ٿو
تون منهنجي ضرورت، مان تنهنجي ضرورت
تون مونسان ٺهين ٿو، مان توسان ٺهان ٿو
تون مهراڻ مستي، مان هالار هستي
پرين تنهنجي پاڙي ۾ ريڌو رهان ٿو
بنا قرب ”استاد“ ڪک آهي ڪاتي
پرين پيار آهي ته پاهڻ سهان ٿو

****
 استاد بخاري

دُک جو هيل نه ڪاٿو آ


دُک جو هيل نه ڪاٿو آ
ڪا رات وڃائي راهن ۾
ڪو ڏينهن کُٽائي رستن تي
بي فيض اُڃايل موٽياسين
سڀ خواب لُٽائي رستن تي
دورين جا جنازا هڪ پاسي
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي
احساس اندر ۾ اُجڙي ويا
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي
هر آس ٽُٽي بي منزل ٿي
هوء من جي مِٽي ٿي نه سگهي
ويوپيار سمورو صحرا ٿي
هوء من جي گهِٽي ٿي نه سگهي
جيئن اُجرو چمڪو ڦُلڙي جو
تيئن ياد رهي آ دل ۾ ڪا
بس رات وسي ٿي نيڻن ۾
هر موسم پنهجي پن ڇڻ آ
بي واس اُجهاميل شامون هِن
هر سپنو سُڃ ۾ ڦاٿو آ
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا
هن دُک جو هيل نه ڪاٿو آ

اسان جي وارثي ڪريو


 اسان جي وارثي ڪريو
موئن جي دڙي جيان وڃون ٿا لٽجندا پيا
اسان جي عاشقي پرين
اداس موسمن جيان لڳي ٿي بيحسي رڳو
نه مهڪ جو بدن نرم
نه سوجهرن جوئي سهن
نه شام ڪا ميرانجهڙي
نه ئي صبح جي بانسري
اسان جو ڪو حصو بڻيو
نه چنڊ ئي کلي ڏٺو
نه سج ئي مڙي ڏٺو
نه تارڙن جي قافلي
اسان جي آجيان ڪئي
نڪي گلاب راه ۾ اسان جا منتظر رهيا
نڪي ڪنواري ٻانهن ۾
اسان جي عشِق جا ڪنگڻ ٿا گيت ڳائي رڪس ڪن
اهوئي دردي شام بس
اسان جي دل جي ڪاٺ کي
سري جيان لڳي ويو

ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون،


ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون،
ڪيئن ڇڏيان پنهنجي هٿان زلفن جي پاڇي جو سڪون.

مان به چاهيان ٿو گهمڻ ۽ خرچ جي پڻ کوٽ ناهه،
پر ملي پرديس ۾ ڪيئن تنهنجي پاڙي جو سڪون.

هي به گهر آهي خدا جو ڪا گهڙي کن ترس يار!
دل اندر ملندئي مٺا محبوب ڪعبي جو سڪون.

سم ڪلر وارن گهرن کي ڀو ٿئي برسات مان به،
مينهن سان واڳيل مگر آ ٿر ۽ ڪاڇي جو سڪون.

دل کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ شايد مزو ايندو هجيس،
ڪاٺ کي ڏارڻ ۾ جيئن هوندو آ واڍي جو سڪون.

اڄ وري بيچئن آ نازڪ بدن هو نازنين،
ياخدا، ڏئي ڇڏ پرينءَ کي منهنجي ڀاڱي جو سڪون.

’راشد‘ دل لائي رکبي هر طرح ڦهلاءَ ساڻ،
آ گل و گلزار بنجڻ ۾ ئي داڻي جو سڪون.

****
راشد مورائي

ڏَڏ ٿي جو ڏاڻ گهريم هن کان

ڏَڏ ٿي جو ڏاڻ گهريم هن کان
هو ڏيندو ڏيندو ڏيندو ويو.
جيڪي ڪجهه مون کي کپندو هو،
سو ايندو، ايندو، ايندو ويو.

ڄِڀ جيڏو منهنجو دامن هو
اُڀ جيڏي هن جي مهر ميا،
مان وٺندي وٺندي ٿڪجي پيس
هو ڏيندو، ڏيندو، ڏيندو ويو.

مون مور بڻي جو واجهايو
هو بادل بڻجي برسي پيو
ايئن نينهن سندا نياپا مون ڏي
هو نيندو، نيندو، نيندو ويو.

هئي پيار جي راهه اڻانگي پر
منزل تي پڄي ئي وياسين آخر
هو عشق جو مون ۾ ڏانءُ ڪٿي
پر ايندي، ايندي، ايندو ويو.

هڪڙو ئي قدم اڳتي جو کنيم
منزل کي ڏٺم پنهنجي سامهون
هٿ ڪم ۾ وجهڻ جي دير هئي
ڪم ٿيندو، ٿيندو، ٿيندو ويو.

****
هيرو ٺڪر

هُو


جو به چاهي اُهو اُڳاڙي ٿو
هر سُڪي سائي کي لتاڙي ٿو
ڄڻ ته ڪو فيل مست آهي هُو
نه وطن دوست ۽ نه قوم پرست
صرف مطلب پرست آهي هُو!

اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ


اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ
پکن جي پريت مگر ريت نيتِ نياري آ

حُسين ابنِ علي ڪونه آهِيان آئون
يزيد ساڻ مگر جنگ پوءِ به جاري آ

فرات نهر نه آهي اهو ته سِنڌُو آ
انهيءَ ۾ رَتُ نه پاڻي، انهيءَ ۾ واري آ

پڇيوءِ ڏينهن سندم ڪيئن گذرندو آهي؟
ڪڏهن اهو به ته پُڇ رات ڪنءَ گذاري آ!

اُماس رات هئي، پرهه کي پَسڻ جي لاءِ
ڏِيي جيان ئي جلي رات مون گذاري آ

اسان جو ڏينهن تتل سِڄُ آهه تارونءَ تي
۽ رات اکين ۾ ستارن جي اشڪباري آ

نه رنگهاريو ڪنهن ۽ نه ڪنهن ڏيو ٻاريو
اسان جي لئه نه ڪا هولي نه ڪا ڏياري آ

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *