اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ


اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ
پکن جي پريت مگر ريت نيتِ نياري آ

حُسين ابنِ علي ڪونه آهِيان آئون
يزيد ساڻ مگر جنگ پوءِ به جاري آ

فرات نهر نه آهي اهو ته سِنڌُو آ
انهيءَ ۾ رَتُ نه پاڻي، انهيءَ ۾ واري آ

پڇيوءِ ڏينهن سندم ڪيئن گذرندو آهي؟
ڪڏهن اهو به ته پُڇ رات ڪنءَ گذاري آ!

اُماس رات هئي، پرهه کي پَسڻ جي لاءِ
ڏِيي جيان ئي جلي رات مون گذاري آ

اسان جو ڏينهن تتل سِڄُ آهه تارونءَ تي
۽ رات اکين ۾ ستارن جي اشڪباري آ

نه رنگهاريو ڪنهن ۽ نه ڪنهن ڏيو ٻاريو
اسان جي لئه نه ڪا هولي نه ڪا ڏياري آ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم