ہفتہ، 15 دسمبر، 2012

ڪجھ روئبو (هدايت بلوچ)

ڪجھ روئبو

اڄ نه تون پرچاءِ ، اڄ ڪجھ روئبو،
اڄ نه تون سرچاءِ، اڄ ڪجھ روئبو،

منهنجي منهن مان ڏکُ ڏسي سگھندين نه تون،
من ۾ جھاتي پاءِ، اڄ ڪجھ روئبو،

مونکي روئيندو ڏسي تون غم نه ڪر،
تون نه ير! گھٻراءِ، اڄ ڪجھ روئبو،

دل دلاسن سان نه ٿي ڌُتري صفا،
اڄ نه تون سمجھاءِ، اڄ ڪجھ روئبو،

دل ۾ دردن جا وري ديرا لڳا،
جنهن ۾ ناهي جاءِ، اڄ ڪجھ روئبو

مُرڪندڙ چهرن جي توکي آ تلاش،
وڃ ڪٿي واجھاءِ، اڄ ڪجھ روئبو،

تون کلائڻ جي نه ڪر ڪوشش پرين
ٻيو ڪوئي ڦاساءِ، اڄ ڪجھ روئبو،

سنڌ جا سودا ٿين ما چُپ رهان،
بس هدايت هاءِ! اڄ ڪجھ روئبو

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *