ڊگھو آ درد جو رستو
اسان جي خواب نيڻن لاءِ
چمين ۾ چين ڪاٿي آ
چپن تي بين ڪاهيل آ
چڀن ٿيون چاه جون ڳالهيون
اڌوري پيار جون ڳالهيون
چپن کي آٿتون گهرجن
چمين جي راهدارين جون
تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ توبھ توبھ نشو غضب جو آ چنڊ جو آ رڳو چٽو چهرو تنهنجو نقشو سڄو غضب جو آ کنڊ ماکي مٺي سٺي ساٿي تنهنجو بوسو مٺو غضب جو آ هجر جو مسئلو قيامت پر وصل جو مرحلو غضب جو آ تنهنجي ”استاد“ کي مٺا تنهنجي شوق شعلو بڇيو غضب جو آ **** استاد بخاري
تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں