نثار ٻانڀڻ: ڪچا ڦڪا بيت


 1
ٻه ٽي ڪڙيون مون گهريون پر مليون گنج
لهي آئين هنج پرين پڪل انب جيان.
2
ڪيڏا ويچارا ڏٺم سرديءَ ساه سُڪايا
ڳريل ڪپڙا پُسائيا نينگر ڍير ميڙيندي.
3
جهريو جهريو جيءُ هي منهنجو ائين آهي
بارش جيئن آهي سياري جي شروعات جي.
4
لکڻو هيم نظم ڪو لکجي بيت ويا
تولاءِ گيت چيا پره سنجهي جي وچ ۾.
5
منهنجا خواب سنڀالجانءِ مون کانپوءِ پرين
اوڏي مونکي ٿي وڻين يا مان پسان خواب پيو.
6
ڪاڳر تي ڪجهه ناهي لکيو مون لفظ ڪڏهن
سهڻا خواب ڏسين جڏهن مون ڏانهن بي اُماڻجان.
7
برسات وٺي آ وڏ ڦڙو تنهنجي پيار جيان
اندر مان ٿو اوريان پهرين ڦوهار جيان.
8
تڪڙو تڪڙو مينهن آ ڄڻ ٿي دل هلي
تو ڀي مِلُ ڀلي مون سان اچي مينهن ۾.
9
وقت ائين وسندو ۽ وڄندو آهي جيئن مينهن
توسان منهنجو نيهن رهندو ڏينهن قيام تائين.
10
توکي ياد ڪيان ويٺو سيءُ سهان
*ڪافي پيءُ چوان تون جي اچين مند ۾.
11
سيءُ سڪائي سَنَڌَ ٿو منهنجا او پرين
جيڪر تون گُهرين سردي سور ڇڏي ڏئي!
12
منهنجا خواب ڏسي ورتي منهنجن نيڻن ۾
منتر ڦيڻن ۾ تنهنجو ڇو ويساه وڌيو.
13
ماڻا مينهن جا مونکي واه وڻن
پن جيئن ڇڻن سياري جي پڇاڙ جا.
نثار ٻانڀڻ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم