ہفتہ، 15 دسمبر، 2012

نثار ٻانڀڻ: اسان جي سوچ آڳر تي (نظم)



اسانجي سوچ آڳر تي
اوهانجي ياد جي بارش
وراڪا ڏئي وسي ٿي پئي،
۽ پنهنجي زندگي ائين ئي
اڪيلي ئي رِمي ٿي پئي!
اسان جي هيءَ اڪيلائي،
وڙهي ٿي پاڻ سان هر پل،
گُهري ٿي تنهنجي نيڻ جا،
سمورا ڇانو ڀريا رستا،
۽ موسم پن ڇڻڻ جو به .!
هو جيڪي ريشمي ڳالهيون
ڪشادي خيال جي چادر
ڀِڪوڙي سال کن پهريان
ڪيوسين رات پهرن ۾
اگهاڙي چنڊ جي هيٺان،
اُنهن بي ڪيف ڳالهين جي
رهي ٿي پياس شدت سان!
اهو به ياد آ مونکي
هو پوئين سال جون راتيون
ڇهي تنهنجي چپڙن کي،
چيو هُيم بي ڪيف ٿيندي ئي،
پرين! هي چپ تنهنجا ائين،
ڀٽائيءَ بيت ٿو سرجي،
اکيون جيئن مڌ ڦڙا آهن،
مُوکِي ڄڻ مَٽَ ٿي اوتي،
هلين مهراڻ وانگر ٿي،
هٺيلي تون وڏي آهين!
سراپا سونهن ئي آهين!
سڀئي انگور تون آهين!
اُهو سڀ ياد آ اڄ به ..
اهي ڳالهيون کوٽن پيون
اندر منهنجي زمين کي ائين،
جيئن کوٽي ٿو پاڻي پيو!
درياهي ٻن جي ڪنارن کي!
اُهي منظر وراڪن جيان
وري هر وار ايندا هِن
۽ ٽمي ٿي اک جيئن ڇَنَ ڪا
ڇڻي ٿي مينهن جي پويان!
مڃي ويٺيون،اکيون منظر
وڇڙڻ ۽ ورهائجڻ جا
سمورين تشنگين جا رنگ!
اُماڻيان سين وفائن سان!
يقين دل کي اهو ناهي
مونکان تون دور ٿي وئين آن
نئين هن سال ۾ تون
اڪيلو ائين ڇڏي وئي آن
لڳي ٿو وقت جي اک ۾
سوئي ڪا ٽوپجي پئي آ
مَٽيون موسمون سموريون هن،
پوئيل ڳالهين ۾ جيڪي هيون
پر جانان!
اڃان سرخيون ڪلين تي هن،
۽ پوپٽ پيار پنهنجي جا
رنگن جي راهدارين تي
اُڏن ٿا پهر سارا ئي ،
اڃان آڪاش تي گهرن
پروڪن ڪارن ڪڪرن جا
وڌل ڀاڪر ۽ پهرا هن،
ڏسان ٿو درسني دل جي
اوتيل آلاڻ اکين ۾ آ،
اڃان ڪي پهر پئي ڳڙندي
اُها آلاڻ بي چئي آ
۽ مَنُ ڪوساڻ ۾ ڀٽڪيل
وٿيون ڪي سال سوريندو،
نئون هڪ سال جوڙيندو،
گهريو پئي لمس اکڙين جو
مون توکان سونهن جي راڻي!
ڇڏيو تو روح کي ٻوڙي
چئي هي نور تنهنجو آ
اڪيلي پور تنهنجو آ
سموري وارتا تنهن کي
اڪيلي ياد ۾ پالي
ڪري سرمون اکين ۾ هاڻ
گذاريان زندگي پيو ٿو
پرين تنهن زندگيءَ کي اڄ به
ضرورت ڪيڏي تنهنجي آ
سزا جيڪا به وڇڙڻ جي
ڪئي تو طئه مٺي مون لاءِ
رهيو قيدي به اُن جو هان
پر هڪ ڳالهه دل ۾ آ
چوڻ چاهيان ٿو توکي مان
پراڻيون ڪي وکون منهنجون
آڃان تون لاءِ آتيون هِن
۽ منهنجا نيڻ اويلا هي
اُڏايل ڪنهن پکيءَ وانگر
اڃان آڪاش ڀٽڪن ٿا
پرين وشواس ڀٽڪن ٿا
تون هڪ وار ئي ايندينءَ
پورو پيار کڻي ايندينءَ
منهنجو سنسار کڻي ايندينءَ

---
نثار ٻانڀڻ جو سال 2012 جي آمد تي لکيل نظم

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *