پیر، 11 اگست، 2014

 نظم.

مان شاعر انگ اگھاڙن جو،
مان شاعر بکين پيٽن جو.

مان شاعر هان مظلومن جو،
مان شاعر هان مجبورن جو.

مان شاعر ناهيان بهارن جو،
مان شاعر ناهيان نظارن جو.

جت ڏاڍا پنهنجا ڏاڍ ڪرن،
جت پورهيت ڏکيا ڏينهن ڏسن،

ات حسن گلن جو بي معني،
ات حسن چمن جو بي معني،

مان شاعر ناهيان درٻاري،
مان شاعر ناهيان سرڪاري.

تو بلبل جي ٻوليءَ کي ٻڌو،
مون مفلس جي چوليءَ کي ڏٺو،

تو ڪوڪ ٻڌي آ ڪوئل جي،
مون رڙ ٻڌي آ ڏکويل جي،

تون ڳل چمين ٿو سهڻن جا،
مان پير چميان ٿو پورهيت جا.

تون شاعر آن ميخانن جو
مان شاعر هان انسانن جو.

مان شاعر هان مجبورن جو،
مان شاعر هان مظلومن جو.

****
هدايت بلوچ,

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *