پیر، 11 اگست، 2014

 غزل

رات ايڏي اماس ڇو آهي،
شام ايڏي اداس ڇو آهي.

ڪنهنجي چهري تي ڪا چمڪ ناهي،
هر ڪو ماڻهون اداس ڇو آهي.

ڪنهن طرح سان به اڃ اجهي ئي نه ٿي،
تن اندر ايڏي تاس ڇو آهي.

سونهن،سوڀيا ۽ سچ ويا ڪيڏانهن،
زندگي اهڙي ناس ڇو آهي.

زندگي مان سڳنڌ ڪاڏي وئي،
هر طرف هي بڻاس ڇو آهي.

اڄ وري ڪنهنکي ٿا لڳن ڪوڙا،
هي ٽنگيو پيو ٽياس ڇو آهي

وايو منڊل تباھ ٿي ويو آ،
پوءِ به هڪ هلڪي آس ڇو آهي.
-__


هدايت بلوچ

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *