منگل، 26 اگست، 2014

جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
۽ باهه ۾ ٻين جي پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان؟
رڳو نه مون تي بار آ،جي سچ چوان ته ڇو چوان؟
جڏهن به سوچيم،مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
______________
جڏهن به سوچيم ته آئون ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان؟
جي قوم آهه بيوفا ، ته مان به ڇو وفا ڪيان؟
غريب پاڻ لئه پاڻهي ، پيدا نه ڪربلا ڪيان؟
چيم ته ڪُنڊ ۾ رهي ، رڳو خدا خدا ڪيان!
ته ذهن ۾ سيون لڳيون ، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
______________
۽ جڏهن سوچيم ، ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان،
ڀلي ته مان سڙان، پچان ، ٻين کي سک ڏئي سگهان،
ڀلي ته سر وڃي سندم ، ڀلي ته آئون دم ڏيان،
ٻيو اچي اچي نه ڪونه ، مان ئي ”راشدا“ اچان،
ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو ، ضمير واهه واهه ڪئي.
”راشد مورائي“

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *