پنهنجا ڦٽ پراڻا ها.

پنهنجا ڦٽ پراڻا ها.
يا هي ويڄ اياڻا ها.

چنڊ پري هو، رات چڪورَ،
اڏري اڏري ساڻا ها.

ڪا جو هُن تسبيح ڇڳي،
تارا داڻا داڻا ها.

مئخاني جي ساري جان،
ساقي تنهنجا ماڻا ها.

ڪيڏو تو ۾ هَٺ اياز،
هُن جا نيڻ نماڻا ها.
****
شيخ اياز

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم