وساريان ڪيئن مان توکي؟؟

وساريان ڪيئن مان توکي؟؟
وساريان ڪيئن مان توکي؟؟

اڃان ڪا ياد تازي آ
نماڻي ساه منهنجي جي
اڃان سڪرات ساڳي آ
اڃان آڪاش تي تارا
ڪتيون ۽ رات ساڳي آ
اهو ساڳيو اڱڻ منهنجو
اهو بستر ۽ چانڊوڪي
اهو تنهنجو اچي چوري
چمڻ مونکي نه ٿو وسري
ڀلا وسري ته ڪيئن وسري
چپن ۾ ڪجهه چوڻ تنهنجو
ڦٽي پرڀات ساڳي آ
اڃان سڪرات ساڳي آ
اڃان سڪرات ساڳي آ
(نا معلوم)

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم