منگل، 16 جون، 2015

پُڇائن جا پوپٽ اُڏاڻا گهڻا،
اوهان جا هئا پر ٺڪاڻا گهڻا.

رُلي ويون اُميدون اڪن تي ڪِري،
مليا ڪونه مُرڪڻ جا ٽاڻا گهڻا.

نِهارن کي ماري ڇڏيو مقتلن،
ٺري ويا شبابن جا ماڻا گهڻا.

چُمي وئي چپن کي چُمي نيرڙي،
جهڪا ٿي ستارا اُجهاڻا گهڻا.

ڇڏي ڏي ٻين جا حوالا پرين،
پتو رک ته پنهنجا وِڪاڻا گهڻا!

ڪيوسين مِٽي سان وفا جو وچن،
کُلي ويا اسان لاءِ گهاڻا گهڻا!

****
ايوب کوسو
نڪو ئي اسان ۽ نه هُو ٿا کُلن!
رڳو حسرتون پيون اندر ۾ ڇُلن!

چون ٿا اکين ۾ اوهان ٿا رهو،
الئـ ڇو پيون ڳالهيون گسن ۾ هُلن!؟

اوهان ڪالهـ جن کي اندر ۾ رکيو،
اُهي نيڻ هاڻي پيا رِڻ ۾ رُلن!

گهرن ۾ اُداسين جو ميڙو متل آ،
درن تي گُلن جون وليون پيون جُهلن!

اُهو ڪنڌ جيڪو جُهڪاڻو نه آ،
ڪُهي آ اُنهيءَ کي ڇڏيو ڪاڪُلن!

تڏهن ڙي نظر تي اچڻ جي ڪجئو!
اچي هيل جنهن ويل هيرون گُهلن!

****
ايوب کوسو

ڊسمبر تو بنا اهڙو

وفا جا ورق اُڏرن ٿا
ڪٿا جا فرق اُلرن ٿا
اڌوريءَ عاشقيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
هُجي ڄڻ ٻار جو لاشو
وڇوڙيل ڪونج لئه ڪاڇو
اڪن تي رات اونداهي
گٽر ۾ چنڊ جو پاڇو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
گگهي جي گهير جو سُڏو
اُگهاڙي پير جو سُڏڪو
دريا جي سُوڪ جو منظر
اڪيليءَ ٻير جو سُڏڪو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
سفر جي راهه ۾ رِڻ پٽ
پُسيل برسات ۾ ڪونڀٽ
سِتارو آخري اُڀ جو
هٿن ۾ ٻار جي پوپٽ
قبر تي چاندنيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو

***
ايوب کوسو

کٿن کي نہ لوڏيو،
ڌڪن کي نہ لوڏيو.
ٿڪل شام آهي،
گسن کي نہ لوڏيو.
قهر آ اسان سان،
ڇَتن کي نہ لوڏيو.
ڦُٽڻ ڏيو گلن کي،
بدن کي نہ لوڏيو.
وڃڻ جي گهڙي آ،
هٿن کي نہ لوڏيو.
غدارن ۾ بيهي،
وطن کي نہ لوڏيو.
*****
ايوب کوسو

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *