جمعرات، 7 جولائی، 2016

”هِئين تماشو ڪيسين ٿيندينءِ.....!!امر ساهڙ


آئون ڪوئي ڪردي ناهيان،
دنيا جو ڪيئن ڌيان ڇڪايان؟
آءُ مُسافر پنڇيءَ وانگي،
جنهن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي،
مُنهنجو ڪهڙو تعارف ماتا!
مُنهنجي ڪا به سُڃاڻپ ڪانهي،
آءُ مِٽيءَ جو رانديڪو هان،
واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان،
جيڪو واءُ مِٽائي ويندو،
مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟
مون وٽ سائي شرٽ به ناهي،
مُنهنجا پير اُگهاڙا آهن،
مون وٽ ڪوئي بوٽ به ڪونهي،
جنهن ۾ ڪو جوراب هُجي ها،
صحرا ڪوئي سمنڊ به ڪونهي،
جنهن ۾ ڪو غوراب هُجي ها،
جيڪو مونکي پار اُڪاري،
آيل! آءُ اڪيلو آهيان،
ٻَرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان،
جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر،
صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي،
ڌرتيءَ تي ڪو راڄ ته ڇا پر،
مون وٽ پنهنجو پَڊُ به ڪونهي،
جنهن تي ڪوئي جهوپو اڏجي،
جنهن مان ڪو نه ڪڏهن ڀي لڏجي،
مونکي لوڪ تڙي ٿو تڙ تان،
”ڀَڄُ پَري ٿِي اوءِ اڌُوتا!
ٿوري! تون مان ڌپَ اچي ٿي،
پٽيا! تون ته پليتُ به آهين“!
مسجد مون تي ممنوع آهي،
مندر ۾ به اجازت ڪونهي،
مون سان ڪا به رعايت ڪونهي،
دانگيءَ تي ڪو نانءُ به ڪونهي،
نانءُ ته ڇا پر ٿانءُ به ڪونهي،
جنهن ۾ پاڻيءَ لپَ پيئان مان،
اِئين ڪُتي جيئن ڪئين جيئان مان؟
اَڪَ پُڙي ۾ اَڇَ پنان ٿو،
ڳڻتين جاڄڻ ڳچَ ڳنان ٿو،
مون لئه سڀ کان مُقدس آهي،
تنهنجي هَنجَ حياتيءَ جهڙي،
ليڪن ٿڃ سُڪي وئي ماتا!
تُنهنجي ڪو نه ٻُڌي ڪنهن داتا،
آيل! ساهه اُڌارا آڻي،
وينٽي ليٽر تي نه تڳائي،
مونکي دل سان موڪل ڏي تون،
آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان،
هڪڙو وچن وٺان ٿو تو کان،
ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان،
غربت جهڙي گار نه ڄڻجان،
تو کي ڪوئي حاتم طائي،
هڪڙو سير اٽي جو ڏيئي،
اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏيندو،
اُن کان تون تذليل ڪرائي،
پنهنجي لاءِ درد پِرائي،
هيئن تماشو ڪيسين ٿيندين،
زندهه لاشو ڪيسين ٿيندين!!؟

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *