رَنگ هوليءَ رات جي هر چيز کي ،
ڳوٺ ڀر سان ڳاٽ تي ڌوتو پَئي .
ماڪ جي پوشاڪ پائي پاڻ کي ،
سامروٽيءَ ساٽ تي ڌوتو پئَي .
بوسڪيءَ جهڙو بدن ڪنهن بانورو ،
چاندنيءَ چمڪاٽ تي ڌوتو پئَي .
وَار کُليل واءَ ۾ وِکريا پئَي ،
وائلو هن واٽ تي ڌوتو پَئي .
ڇاڇري کي ڇينٽ وانگر ڇوڪري ،
ڍولئي لئه ڍاٽ تي ڌوتو پَئي .
هر ڏسا هٻڪار آهي ٿي وئي ،
بت جوانيءَ جاٽ تي ڌوتو پئي

_____
امر ساهڙ

تبصرے

اس بلاگ سے مقبول پوسٹس

تنهنجون نظرون مزو غضب جو آ - استاد بخاري

ڊسمبر

استاد بخاري-وزن چال ۽ قافيا تنهنجا قد ٖم