منگل، 5 مارچ، 2019

غوث پيرزادو

تنهنجو ساٿ انوکو هو،
ڪيڏو وڻندڙ دوکو هو.

توکي راند ۾ هارائڻ،
سجني مون لئه اوکو هو.

سڪ هئي ۽ ڇڪ هئي،
ليکو ڪو به نه چوکو هو.

لفظن جو ڪاريگر ۽
اندر خالي کوکو هو.

تنهنجو سڱ صحيفي جهڙو،
ڪيئن چوان ها جوکو هو.

پٿر لهجي جو کائڻ،
ايڏو ڀي ته نه سوکو هو.

**
غوث پيرزادو

1 تبصرہ:

رابطو ڪريو

نام

ای میل *

پیغام *