پياسا ئي ماريئي ، پروڪن پٽن تي.
ڍَڪي رک او موکي! منڍيون ڏئي مٽن تي.
چپن تا چمين جا ، ولر جي اٿيا ٿي،
اها سونهن تنهنجي هُئي ڳاڱن ڳٽن تي.
پسيل هن پرهه کي، متان ماڪـ سمجهو،
ڪريا ڪنهن جا ڳوڙها، ها وِهه جي وٽن تي.
ڪلالن جي ڪِررِ ، ڪيا گهاءَ ڪيڏا،
ڇُٽائيندي لڳيون ، ڄمارون ڄٽن تي.
وري مئڪدي جا ڪڙا، ڇو ڪونه کڙڪيا،
وڌي ڪنهن آ بندش، نه هوڪا هٽن تي.
ڇَڏيوَ پيار ڌوئي ، صفا ايئن پريٽم،
هُئا ڄڻ ته لينگها اوهان جي لٽن تي.
سُتل سور جاڳيا ،الئي ڇو نماڻا،
وري ڦيريا شايد، ڪنهن هٿ ڦٽن تي.
****
نماڻو سنڌي
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں